آمريڪا جي اڳوڻي صدر ۽ ريپبلڪن پارٽيءَ سان تعلق رکڻ واري ڊونلڊ ٽرمپ 2024 جي صدارتي انتخاب وڙهڻ جو اعلان ڪيو آهي.
اڳوڻي آمريڪي صدر جي پاران اهو اعلان اهڙي وقت ڪيو ويو آهي جڏهن تازو آمريڪا ۾ ٿيڻ وارن مڊٽرم چونڊن جي هينئر تائين ايندڙ نتيجن مطابق ڊيموڪريٽ پارٽي سينيٽ ۾ اڪثريت حاصل ڪري چڪي آهي، جڏهن ته ريپبلڪن پارٽي ايوان نمائندگان جو ڪنٽرول حاصل ڪرڻ جي ويجهو پهچي چڪي آهي.
اڱاري جي رات فلوريڊا ۾ پنهنجيءَ رهائش گاه تي منعقد هڪ تقريب کي خطاب ڪندي اڳوڻي صدر 2024 جي چونڊ ۾ حصو وٺڻ جو اعلان ڪيو، انهيءَ دوران سندس حامين جو وڏو تعداد موجود هو.
ڊونلڊ ٽرمپ 2016 ۾ ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ جي صدارتي اميدوار هيلري ڪلنٽن کي هارائي آمريڪا جو صدر بڻيو هو جنهن کان پوءِ 2020 جي صدارتي انتخاب ۾ کيس ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ جي اميدوار جو بائيڊن شڪست ڏني هئي جيڪو هن وقت آمريڪا جو ڇائيتاليهون صدر آهي.
پنهنجيءَ تقرير ۾ ٽرمپ چيو ته جڏهن هن عهدو ڇڏيو ته ملڪ پنهنجي ’’سونهري دور جي لاءِ تيار هو. ليڪن هينئر اسان هڪ زوال جي شڪار قوم آهيون’’.
هن چيو ته بائيڊن جو دور لکين آمريڪين جي لاءِ ’’مايوسيءَ ۽ پريشانيءَ’’ جو سبب بڻجي رهيو آهي.
اڳوڻي صدر چيو ته ملڪ ۾ مهانگائيءَ ۾ مسلسل واڌ اچي رهي آهي جڏهن ته آمريڪا ۾ تارڪين وطن جي اچڻ جو نه ختم ٿيڻ وارو سلسلو جاري آهي، جنهن جو ذمي دار بائيڊن آهي.
هن اها دعوا به ڪئي ته جيڪڏهن هو آمريڪي صدر هجي ها ته روسي صدر يوڪرين تي حملو نه ڪري ها.
ٽرمپ جي اعلان کان ٿوريءَ دير بعد ئي صدر جو بائيڊن هڪ وڊيو شيئر ڪندي چيو ته سندس پونئير اهڙي معاشي پاليسيءَ تي عمل ڪيو هو جيڪا اميرن ۽ انتهاپسندن جي حمايت ڪندي هئي ۽ عورتن جي حقن تي ڌاڙو هڻندي هئي.
صدر بائيڊن چيو ته ڊونلڊ ٽرمپ ناڪام صدر هيو.
خيال رهي ته اڳوڻي صدر ٽرمپ تي اختيارن جي ناجائز استعمال، ڪيپيٽل هل تي حملي ۾ ملوث هئڻ، اليڪشن فراڊ ۽ بطور صدر حساس معلومات کي هينڊل ڪرڻ ۾ لاپرواهيءَ جا الزام مڙهيل آهن.
ماهرن مطابق هي اهي عوامل آهن جيڪي انهن جي ٻيهر صدارتي اميدوار بنجڻ جي راه ۾ حائل ٿي سگهن ٿا.
ٻئي طرف آمريڪي صدر جو بائيڊن جيڪو ايندڙ آچر تي 80 ورهن جو ٿي ويندو، هو به 2024 ۾ ٻيهر انتخاب وڙهڻ جو ارادو رکي ٿو. ليڪن، هن آخري فيصلو اڃان نه ڪيو آهي.
هوڏانهن گهڻن ئي جائزن منجهان پتو پوي ٿو ته ٽرمپ 2024 جي ريپبلڪن صدارتي نامزدگيءَ جو دعويدار ته آهي، پر هو هڪ متنازع شخصيت بڻيل آهي ۽ مبصرن مطابق يقيني طور تي هو پارٽيءَ جو اڪيلو اميدوار نه هوندو.
ڪيترا ئي اهم ريپبلڪن رهنما جن ۾ اڳوڻو نائب صدر مائيڪ پينس ۽ سابق پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو به ريپبلڪن صدارتي اميدوار جي ڊوڙ ۾ شامل ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪري چڪا آهن.
(هن خبر ۾ شامل معلومات خبرن جي اداري، ايسو سي ايٽڊ پريس تان ورتي وئي آهي)