بندش پيل تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) پاڪستان ۾ حڪمران اتحاد ۾ شامل جماعتن مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلز پارٽيءَ جي خلاف ڪاروائيءَ جي ڌمڪي ڏني آهي.
اربع ڏينهن ٽي ٽي پيءَ جي طرفان جاري ڪيل اعلان ۾ چيو ويو آهي ته ’’جيڪڏهن اهي ٻئي جماعتون پنهنجي موقف تي قائم رهيون ۽ فوج جي غلامي ڪنديون رهيون ته پوءِ انهن جي سرڪرده رهنمائن جي خلاف ڪاروائي ٿيندي’’.
ٽي ٽي پيءِ جي اعلان ۾ چيو ويو آهي ته شهباز شريف ۽ بلاول ڀٽو زرداري آمريڪا جي خوشنوديءَ جي لاءِ ٽي ٽي پيءَ جي خلاف ڪاروائين جي ڌمڪي ڏئي رهيا آهن.
شدت پسند تنظيم جي طرفان اهو اعلان اهڙي وقت سامهون آيو آهي جڏهن سومر ڏينهن پاڪستان جي قومي سلامتي ڪاميٽيءَ ملڪ ۾ دهشت گرديءَ جي تازي لهر جي تدارڪ جي لاءِ موثر ڪاروائيءَ جو اعلان ڪيو هو.
اجلاس ۾ پاڪستان ۾ دهشت گرديءَ جي لاءِ ’زيرو ٽالرينس’ جي عزم کي ورجائيندي هر قسم جي دهشت گردي کي جڙن کان پٽي ڦٽي ڪرڻ جي عهد کي ورجايو ويو هو.
اعلان ۾ چيو ويو هو ته دهشت گرديءَ کي رياست جي سموري سگهه کي استعمال ۾ آڻيندي نبريو ويندو. پاڪستان جي سلامتيءَ جي خلاف ڪو سمجهوتو نه ٿو ٿي سگهي ۽ پاڪستان جي سرزمين جي هڪ هڪ انچ تي رياستي عمل داريءُ کي يقيني بنايو ويندو.
اڱاري ڏينهن آمريڪا جي پرڏيهي ناتن جي کاتي جي ترجمان بيان ۾ پاڪستان جي دهشت گرديءَ جي خلاف پنهنجي بچاءَ جي حق جي تائيد ڪئي آهي.
ترجمان نيڊ پرائس وڌيڪ چيو ته پاڪستاني عوام دهشت گرد حملن ۾ تمام وڏو نقصان سٺو آهي. ان ڪري، افغان طالبان کي عالمي برادريءَ کي ڏنل يقين دهانين جي مطابق پنهنجي سرزمين دهشت گرديءَ جي لاءِ استعمال جي اجازت نه ڏيڻ گهرجي.
ڪن ماهرن جو چوڻ آهي ته افغانستان ۾ طالبان حڪومت جي اچڻ کان پوءِ پاڪستان ۾ ٽي ٽي پيءَ جي منظم ٿيڻ جو خدشو موجود هيو. ڪي ماهر پاڪستان جي طرفان افغان طالبان جي مبينه مدد جي پاليسيءَ کي به تنقيد جو نشانو بنائي رهيا آهن.
ٽي ٽي پي آمريڪا جي لاءِ به خطرناڪ آهي
سينئر صحافي ۽ افغان ناتن جي ماهر سميع يوسفزئيءَ چيو آهي ته افغان طالبان جي نسبت ٽي ٽي پي آمريڪا جي لاءِ وڌيڪ خطرناڪ آهي.
وائس آف آمريڪا سان گفتگو ڪندي سميع يوسفزئي چيو ته پاڪستاني نزاد آمريڪي شهري فيصل شهزاد کي 2010 ۾ نيو يارڪ جي ٽائيم اسڪوائر ۾ حملي جي منصوبه بندي ڪرڻ جي ڏوهه ۾ گرفتار ڪيو ويو هو. فيصل شهزاد کي پاڪستاني رهنما حڪيم الله محسود سان گڏ وڊيو ۾ به ڏسي سگهجي ٿو.
سميع يوسفزئيءَ مطابق، افغان طالبان جي لاءِ افغانستان ۾ جيڪڏهن مسئلا کڙا ٿين ٿا ته اهي ٽي ٽي پي جي ڪري ئي هوندا ڇو ته ٽي ٽي پي اهڙو گروه آهي جيڪو آمريڪا سميت پوري دنيا جي لاءِ خطري جو باعث بڻجي سگهي ٿو.
افغان ناتن جي ماهر جي مطابق، پاڪستان هڪ ايٽمي قوت جو حامل ملڪ آهي، جيڪڏهن هتي ٽي ٽي پيءَ جهڙيون تنظيمون جيڪي عالمي ايجنڊا رکن ٿيون قدم ڄمائينديون ته پاڪستان سيمت اها چين ۽ ايران جي لاءِ تشويش ناڪ صورت حال هوندي.
افغان طالبان جي مدد جاري رهي ته ٽي ٽي پي جي حملن ۾ واڌ ايندي
سميع يوسفزئي چيو آهي ته ٽي ٽي پي افغانستان ۾ پنهنجون پناه گاهون بنائي ٿي ۽ انهن کي افغان حڪومت جي سرپرستي حاصل رهي ٿي ته انهن جي لاءِ پاڪستان ۾ ڪاروائيون ڪرڻ سولو ٿيندو.
ٻئي پاسي پاڪستان، افغانستان سرحد تي وڌيندڙ ڇڪتاڻ کي سامهون رکندي افغان طالبان چيو آهي ته افغانستان، پاڪستان سميت پنهنجي پاڙيسرين سان سٺي سلوڪ جي بنياد تي ناتا رکڻ چاهي ٿو.
افغان طالبان جي ترجمان، ذبيح الله مجاهد اڱاري ڏينهن هڪ بيان ۾ چيو آهي ته پاڪستاني عهديدارن پاران افغانستان جي خلاف بيان ڏنا پيا وڃن جيڪي افسوس ناڪ آهن.
ٻئي پاسي، ٽي ٽي پيءَ پاران جاري ڪيل انگن اکرن مطابق، پوئين سال بندش پيل تنظيم جي پاران پاڪستان اندر 367 حملا ڪيا ويا. ياد رهي ته ان ۾ چئن مهينن تائين جنگ بندي به شامل آهي.
وائس آف آمريڪا سان ڳالهائيندي، مصنف ۽ تجزيه ڪار احمد رشيد چيو آهي ته آمريڪا واضح طور تي ٽي ٽي پيءَ جي خلاف پاڪستان جي مدد ڪرڻ جو موقف اپنايو آهي.
هن چيو ته ان جي ڪري ان تاثر کي تقويت ملي ٿي ته دهشت گرديءَ جي خلاف جنگ ۾ ٻنهين ملڪن جي وچ ۾ اعتماد جو رشتو ٻيهر بحال ٿي ويو آهي ڇو ته آمريڪا کي ٽي ٽي پي جي حملن جي ڪري پاڪستان کي پهچڻ وارن هاڃن جي ڄاڻ آهي.
احمد رشيد چيو ته آمريڪا ٽي ٽي پيءَ جي خلاف ڪاروائين جي لاءِ پاڪستان کي سيٽلائيٽ ٽيڪنالاجيءَ جي ذريعي سرحد پار نشانن تي چوٽ لڳائڻ جي سهولت فراهم ڪري سگهي ٿو.
سندس بقول، افغانستان جي اندر ٽي ٽي پيءَ جي ٺڪاڻن کي نشانو بنائڻ جا اگرا نتيجا نڪري سگهن ٿا ڇو ته ٽي ٽي پي پاڻ کي منظم ڪري ورتو آهي. ان جي حملن ۾ شدت اچي رهي آهي ۽ ڪيترا ئي سيڪيورٽي عمل دار پنهنجي جان وڃائي چڪا آهن.
(نذرالاسلام جي رپورٽ)