رسائی کے لنکس

ٽوئٽر پاڪستاني حڪومت جو سرڪاري اڪائونٽ ڀارت ۾ غير فعال ڪري ڇڏيو


سوشل ميڊيا ڪمپني، ٽوئٽر چيو آهي ته ان پاڪستاني حڪومت جو اڪائونٽ ڀارت ۾ صارفين جي لاءِ بلاڪ ڪري ڇڏيو آهي. خميس ڏينهن پنهنجي ويب سائيٽ تي هڪ نوٽيس ۾ ٽوئٽر ٻڌايو ته هي قدم ڀارت ۾ قانوني مطالبي کان پوءِ کنيون ويو.

خبرن جي اداري رائيٽرز مطابق ڪمپنيءَ جي گائيڊ لائينز ۾ هيءَ ڳالهه شامل آهي ته ڪمپني ڪنهن به ملڪ جي پاران ڪنهن قانوني مطالبي، جيئن ته عدالتي حڪم جي صورت ۾، اڪائونٽ ڪنهن به ملڪ ۾ ڏيکارڻ جي عمل کي روڪي سگهي ٿي.

ليڪن پاڪستاني حڪومت جو اڪائونٽ@GovtofPakistanٻئي ملڪ جيئن ته آمريڪا ۽ ڪيناڊا ۾ صارفين ڏسي سگهن ٿا.

رائيٽرز چيو آهي ته ٽوئٽر، پاڪستان ۽ ڀارتي حڪومتن تڪڙي تبصري جي درخواست تي رد عمل نه ڏنو آهي.

پاڪستاني حڪومت جي سرڪاري ٽوئٽر اڪائونٽ تي 30 لک کان وڌيڪ ’فالوورز’ موجود آهن ۽ ان تي پاڪستان حڪومت متعلق معلومات شيئر ڪئي ويندي آهي.

ياد رهي ته ڀارت ۽ پاڪستان ان کان اڳ هڪ ٻئي سان تعلق رکندڙ ويب سائيٽس تي پابندي لڳائي چڪا آهن.

ڪجهه سال اڳ پاڪستان ڀارتي نيوز ويب سائيٽ، ’انڊيا ٽڊي’ تي پابندي عائد ڪئي هئي.

پوئين سال ڀارت ٽوئٽر تي گڏيل قومن جي اداري، ترڪيه، ايران ۽ مصر ۾ قائم پاڪستاني سفارت خانن جي آفيشل اڪائونٽ تي پابندي لڳائي هئي.

ان کان سواءِ ڊسمبر ۾ ’وڊلي’ نالي پاڪستاني ’او ٽي ٽي’ ويب سائيٽ کي ڀارت ۾ بلاڪ ڪري ڇڏيو هو،

ياد رهي ته انهن اڪائونٽس تي ڀارت جي انفارميشن ٽيڪنالاجيءَ جي 2021 جي قاعدن مطابق پابندي لڳائي ويندي آهي.

XS
SM
MD
LG