رسائی کے لنکس

عمر گل افغان ڪرڪيٽ ٽيم جو بالنگ ڪوچ مقرر


عمر گل (فائيل فوٽو)
عمر گل (فائيل فوٽو)

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي فاسٽ بالر، عمر گل کي افغان ڪرڪيٽ ٽيم جو بالنگ جو ڪوچ مقرر ڪيو ويو آهي. هو ايندڙ مهيني افغانستان پاران زمبابوي جي دوري تي ٽيم سان گڏ ويندو.

افغانستان ڪرڪيٽ بورڊ (اي سي بي) تازو اعلان ڪيو آهي ته عمر گل قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو نئون بالنگ ڪوچ هوندو.

بطور بالنگ ڪنسلٽنٽ، عمر گل اپريل ۾ متحده عرب امارات ۾ ٿيڻ واري تربيتي ۽ تياريءَ واريءَ ڪيمپ ۾ افغانستان ڪرڪيٽ ٽيم سان گڏ ڪم ڪري چڪو آهي.

نهيءَ ڪيمپ ۾ سابق پاڪستاني ڪپتان يونس خان کي بيٽنگ ڪنسلٽينٽ جي طور شامل ڪيو ويو هو. ان کان اڳ ماضيءَ ۾ پاڪستان ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان، راشد لطيف به افغانستان جي ڪرڪيٽ ٽيم جا ڪوچنگ جا فرائض انجام ڏئي چڪا آهن.

اي سي پي جي مطابق، عمر گل بطور ڪنسلٽنٽ افغان فاسٽ بالرن سان گڏ ڪم ڪري رهيا هيا، سندن خدمتن کي ڏسندي کيس بطور بالنگ ڪوچ مستقل ڪانٽريڪٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

عمر گل پاران افغان ڪرڪيٽ ٽيم جي بالنگ ڪوچ مقرر ٿيڻ جي باري ۾ چوڻ آهي ته هو هڪ ڀيرو ٻيهر توانا ۽ محنت ڪش ڇوڪرن جي گروپ سان ڪم ڪرڻ جو منتظر آهي.

عمر گل سال 2020۾ ڪرڪيٽ کان ريٽائير ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو. هن پاڪستان جي طرفان 47 ٽيسٽ ميچ کيڏيا جن ۾هنن 163 وڪٽون حاصل ڪيون.

ان کان سواءِ 130 ون ڊي انٽرنيشنل ۾ به پاڪستان جي نمائندگي ڪري چڪو آهي، جن ۾ هن مجموعي طور تي 179 وڪيٽون حاصل ڪيون.

عمر گل پنهنجي ڪيريئر ۾ پاڪستان جي پاران 60 ٽي ٽوينٽي انٽرنيشنل به کيڏيا جن ۾ هنن 85 وڪيٽون حاصل ڪيون.

XS
SM
MD
LG