رسائی کے لنکس

خواتين سان امتيازي سلوڪ، ٻن طالبان عمل دارن تي سفر جي پابندي عائد


عبد الباقي حقاني (فائيل فوٽو)
عبد الباقي حقاني (فائيل فوٽو)

اقوام متحده افغان خواتين جي ثانوي يا ڪاليج سطح جي تعليم تي سخت پابندي وجهڻ جي ذمه دار ٻن طالبان عمل دارن خلاف سفر تي پابندي لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

خبررسان اداري، اي ايف پي مطابق هيءُ قدم اهڙي وقت کنيو ويو آهي جڏهن مذاڪرات جي لاءِ ملڪ کان ٻاهر وڃڻ تي 15 طالبان کي حاصل استثني جو مدو ختم ٿي رهيو هو.

ان خبر ۾ ٻڌايو ويو آهي ته انهن منجهان طالبان جي 13 عمل دارن جي استثني جي مدت ٻن مهينن تائين وڌائي وئي آهي. ليڪن، طالبان پاران خواتين جي ثانوي يا ڪاليج جي سطح جي تعليم تي پابندي لڳائڻ وارن ٻن طالبان عهديدارن جو نالو استثني واريءَ فهرست مان ڪڍيو ويو آهي.

هڪ سفارتڪار پنهنجو نالو نه ظاهر ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو آهي ته جن عمل دارن جي سفر تي پابندي لڳائي وئي آهي انهن ۾ تعليم جو نائب وزير سيد احمد شيدخيل ۽ اعلي تعليم جو وزير عبد الباقي بصير اول شاه، جنهن کي عبدا لباقي حقاني به سڏيو ويندو آهي، شامل آهن.

گزريل سال آگسٽ ۾ ڪابل تي ڪنٽرول کان پوءِ طالبان پوئين ويهن ورهن دوران عورتن جي حقن جي حوالي سان حاصل ٿيل ڪاميابين کي لوڙهي ڇڏيو آهي، ۽ سندن تعليم، سرڪاري تعليم تائين رسائي ۽ اچ وڃ جي آزادي محدود ڪري ڇڏي آهي.

مارچ ۾ سپريم ليڊر، هبت الله آخوندزادي عورتن لاءِ ڪاليج جي تعليم بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. هن حڪم کان ڪجهه ئي ڪلاڪ اڳ طالبان پاران اقتدار تي قبضي کان پوءِ پهريون دفعو ڪاليج کوليا ويا هئا.

هن حڪم نامي تي جنهن جي نتيجي ۾ لکين نياڻين کي اسڪول وڃڻ کان روڪيو ويو ، سڄيءَ دنيا ۾ سخت تنقيد جو نشانو بنايو ويو.

هوڏانهن تعليم جي هڪ چوٽيءَ جي طالبان عمل دار عالمي اداري پاران سفري پابندين جي اعلان کي غير مخلصانه ۽ ناانصافيءَ تي مبني فيصلو قرار ڏنو آهي. اعلي تعليم جي نائب وزير لطف الله خيرخواه اي ايف پيءَ کي ٻڌايو ته اهڙا فيصلا حالتن کي وڌيڪ خراب ڪرڻ جو باعث بڻبا.

XS
SM
MD
LG