رسائی کے لنکس

گڏيل قومن جي انساني حقن جي اداري پاران ايران ۾ مظاهرين خلاف سخت ڪاروائيءَ جي مذمت


تهران ۾ مهاسا امينيءَ جي حق ۾ ٿيڻ واري هڪ احتجاجي مظاهري کي ڇڙ و ڇڙ ڪرڻ لاءِ پوليس جي ايڏي وڏي نفري. 19 سيپٽمبر، 2022
تهران ۾ مهاسا امينيءَ جي حق ۾ ٿيڻ واري هڪ احتجاجي مظاهري کي ڇڙ و ڇڙ ڪرڻ لاءِ پوليس جي ايڏي وڏي نفري. 19 سيپٽمبر، 2022

گڏيل قومن جي انساني حقن جي اداري جي عمل دارن ايراني سيڪيورٽي فورسز جي طرفان مظاهرا ڪندڙن جي خلاف سخت ڪاروائي ڪرڻ جي مذمت ڪئي آهي، جيڪي نوجوان خاتون جي هلاڪت تي خلاف آواز اٿاري رهيا آهن، جنهن تي الزام هيو ته هن ايران جي لباس جي ضابطي جي پابندي نه ڪئي هئي.

ٻاويهن ورهن جي مهسا امينيءَ جي پوليس جي حراست دوران هلاڪت جي خلاف آواز اٿارڻ لاءِ ايران جي 15 صوبن ۾ احتجاجي مظاهرا جاري آهن.

انساني حقن جي حفاظت لاءِ گڏيل قومن جي اداري چيو آهي ته ان ڳالهه جي تصديق ڪرڻ تمام مشڪل آهي ته اڄ تائين ڪيترا ڄڻا مظاهرا ڪندڙ ايراني سيڪيورٽي فورس جي هٿارئون مارجي ويا آهن، زخمي ٿيا آهن يا گرفتار ڪيا ويا آهن. اهو ان جي ڪري جو مواصلات تي پابنديون لڳل آهن. سرڪاري ميڊيا مرڻ وارن جو تعداد 41 ٻڌايو آهي.

ليڪن، گڏيل قومن جي انساني حقن جي اداري جي ترجمنان، روينا شمداساڻيءَ ٻڌايو آهي ته غير سرڪاري تنظيمون جيڪي صورت حال جو جائزو وٺي رهيون آهن انهن هلاڪتن جو وڌيڪ تعداد ٻڌايو آهي. هن چيو ته هڪ قابل ڀروسا ذريعي مري ويلن جو تعداد 76 ٻڌايو آهي، جنهن ۾ عورتون ۽ ٻار شامل آهن. هن چيو ته گهٽ ۾ گهٽ 11 صوبن ۾ سوين ماڻهو زخمي ٿيا آهن.

جينيوا مان پنهنجيءَ رپورٽ ۾ وائس آف آمريڪا جي نمائنده، لزا شلائين شمداساڻيءَ جي حوالي سان چيو ته ڪن رهنمائن پاران احتجاج ڪرڻ وارن متعلق ڏنل بيانن تي ۽ مظاهرا ڪرڻ وارن جي خلاف غير ضروري ۽ غير متناسب طاقت استعمال ڪرڻ تي ’’اسان کي سخت تشويش آهي’’. هن چيو ته ماڻهن جي ڪٺي ٿيڻ تي گوليون نه ٿيون هلائي سگهجن. ماڻهن جي گڏجاڻيءَ تي طاقت استعمال نه ٿيڻ گهرجي سواءِ انهن موقعن جي جڏهن حياتي وڃڻ جو خطرو هجي يا ڪنهن جي زخمي ٿيڻ جو ڊڄ هجي.

اطلاعن مطابق، سوين ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جن ۾ انساني حقن جو دفاع ڪندڙ، وڪيل، سول سوسائٽيءَ جا سرگرم ڪارڪن ۽ ڪم از ڪم 18 صحافي شامل آهن.

روينا شمداساڻيءَ چيو ته هن ڀيري عورتن جي حقن جي معاملي تي ڪيترن ئي ايراني صوبن ۾ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ڪيترا ئي ماڻهو ٻاهر نڪتا آهن.

هن چيو ته ڪيترن ئي ورهن کان وٺي حجاب جي معاملي تي عورتن جي حقن جي دفاع ڪندڙن کي نشانو بنايو ويو آهي، کين ڊيڄاريو ويو آهي، گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ ماريو ويو آهي. عورتن جي خلاف ڪيترن ئي ڪيسن جي شنوائي نه ٿي آهي، جن کي حجاب جي معاملي تي حراست ۾ ورتو ويو آهي يا الزام عائد ڪيا ويا آهن.

ايران جي پوليس ان ڳالهه جي ترديد ڪئي آهي ته اميني ان وقت هلاڪ ٿي جڏهن هوءَ پوليس جي تحويل ۾ هئي.

XS
SM
MD
LG