افغان عورتن، نينگرين ۽ انساني حقن جي لاءِ آمريڪا جي خصوصي عيوضيءَ چيو آهي ته افغان عورتن کي حقن ڏيڻ جي ضرورت جي معاملي تي بين الاقوامي برادري ڪٺي آهي.
سومر جي ڏينهن وائس آف آمريڪا جي افغان سروس کي هڪ انٽرويو ۾ رينا اميريءَ چيو ته بين الاقوامي برادريءَ طالبان تي اها ڳالهه واضح ڪئي آهي ته جيڪڏهن اهي عورتن ۽ نياڻين جا حق بحال نه ٿا ڪن ته ان صورت ۾ طالبان سان ڪنهن به معاملي تي عام رواجي ناتن جي ڪا ڳالهه اڳتي نه ٿي وڌي سگهي.
رينا اميري عالمي اداري جي ڪم جو تمام گهڻو تجربو رکندڙ سفارت ڪار آهي، جنهن اوباما انتظاميا دوران افغانستان جي لاءِ آمريڪا جي خصوصي نمائندي، رچرڊ هالبروڪ جي صلاح ڪار طور ڪم ڪيو هو.
اميريءَ اسڪائيب تي وائس آف آمريڪا سان ڳالهه ٻولهه ڪئي.
ان سوال تي ته طالبان 16 مهينا اڳ نينگرين کي اسڪول وڃڻ کان روڪي ڇڏيو هو ۽ ان سلسلي ۾ اڃان تائين ڪنهن بين الاقوامي دٻاءَ اثر نه ڏيکاريو آهي، رينا اميريءَ چيو ته بين الاقوامي برادري، آمريڪا ۽ ٻين ٽياڪڙن طالبان کي صاف چئي ڇڏيو آهي ته جيڪڏهن اهي افغان عوام جي حقن جي عزت نه ڪندا، جيڪڏهن اهي عورتن ۽ نياڻين جا حق بحال نه ٿا ڪن ، خاص طور تي سندن تعليم ۽ روزگار ڪمائڻ جا حق نه ٿا ڏين، ته طالبان سان ڪنهن به معاملي تي اڳتي وڌڻ ممڪن نه ٿيندو.
ليڪن، سندس بقول لڳي ائين ٿو ته افغان عوام جي حالت کي اهميت نه ڏيندي طالبان رڳو اندروني سياست ۾ ڦاٿل رهيا آهن. اهو ئي سبب آهي جو عورتن ۽ نينگرين جي صورت حال متعلق ڪا ڳالهه اڳتي نه ٿي وڌي، ان معاملي ۾ سندن رويو ئي رنڊڪ ثابت ٿيو آهي.
ان سوال جي جواب ۾ ته افغان عورتن جي معاملي تي ڇا آمريڪا طالبان سان رابطي ۾ آهي، هن چيو ته آمريڪا عورتن ۽ نينگرين جي صورت حال جي معاملي کي اولين اهميت ڏئي رهيو آهي.
رينا اميريءَ کان پڇيو ويو ته لڳي ائين ٿو ته طالبان جا قطر، سعودي عرب، ترڪي ۽ پاڪستان سان سٺا ناتا آهن. ڇا انهن ملڪن عورتن ۽ نينگرين جي حقن جي معاملي تي طالبان سان ڪا ڳالهه اڳتي وڌائي آهي. ايلچيءَ چيو ته خطي جي ڪيترن ئي ملڪن، جن ۾ مسلمان ملڪن جا اڳواڻ شامل آهن، نينگرين جي تعليم پرائڻ جي حق نه ڏيڻ تي ۽ عورتن کان روزگار ڪمائڻ جو حق ڇنڻ جي معاملي تي طالبان سان پنهنجي پريشانيءَ جو اظهار ڪيو آهي.
هن چيو ته خاص طور تي سعودي عرب هڪ بيان جاري ڪيو جنهن ۾ هن طالبان تي زور ڀريو ته عورتن جي روزگار ڪمائڻ ۽ نينگرين کي تعليم ڏيڻ جي حق جو مطالبو ورجائيو.
ان سان گڏ ، هن چيو ته اسلامي ملڪن جي سهڪار واري تنظيم ان سلسلي ۾ تمام سخت قسم جا بيان جاري ڪيا آهن، جڏهن ته قطر، متحده عرب امارات، ترڪي ۽ خطي جي ٻين ملڪن تمام سخت بيان جاري ڪيا آهن.
(وي او اي نيوز)