رسائی کے لنکس

داعش جو افغان ڌڙو مغربي ملڪن تي حملو ڪرڻ وارو آهي، آمريڪي جنرل


افغانستان ۾ داعش خراسان جو دهشت گرد گروپ دولت اسلاميه جي نئين اڳواڻ ابو ابراهيم الهاشمي القريشيءَ جي خلاف حملي جو عهد ڪري رهيو آهي. 5 نومبر 2019 (فائيل فوٽو)
افغانستان ۾ داعش خراسان جو دهشت گرد گروپ دولت اسلاميه جي نئين اڳواڻ ابو ابراهيم الهاشمي القريشيءَ جي خلاف حملي جو عهد ڪري رهيو آهي. 5 نومبر 2019 (فائيل فوٽو)

آمريڪا جي ملٽريءَ جي هڪ اعليٰ اهل ڪار مطابق، اسلامڪ اسٽيٽ جو تمام خطرناڪ دهشت گرد گروه اولهه جي ملڪن کي نشانو بنائڻ جي لاءِ تيار آهي، ۽ هلندڙ سال جي ختم ٿيڻ کان اڳ ۾ اهو گروه حملو ڪري سگهي ٿو.

آمريڪي سينٽرل ڪمان جي جنرل مائيڪل ڪوريلا خميص ڏينهن قانون سازن کي ٻڌايو ته افغانستان جي حڪمران طالبان ۽ اسلامڪ اسٽيٽ جي افغان ڌڙي، آئي ايس خراسان يا ’آئي ايس آئي ايس’ جو دهشت گرد گروپ ستت ئي پنهنجي لڙائي افغانستان جي سرحدن کان ٻاهر کڻو ويندو.

ڪوريلا چيو ته اهي ڇهن مهينن اندر آمريڪا يا اولهه جي مفادن جي خلاف ڪاروائي ڪري سگهن ٿا، جنهن جو وقتائتو چتاءُ ممڪن نه هوندو.

سينٽڪام جي ڪمانڊر چيو ته ان ڳالهه جو گهڻو موجود امڪان آهي ته داعش خراسان جا دهشت گرد ايشيا يا يورپ ۾ اولهه يا آمريڪا جي مفادن جي خلاف دهشت گرد ڪاروائي ڪن، ليڪن هنن لاءِ آمريڪا جي سرزمين جي خلاف حملو ڪرڻ تمام گهڻو مشڪل هوندو.

هن جي پاران پيش ڪيل هيءُ جائزو اهڙي وقت سامهون آيو آهي جڏهن افغانستان مان آمريڪي فوج ڏيڊ سال اڳ واپس هلي وئي هئي، جنهن جي ڪري آمريڪا ۽ سندس ساٿين جي لاءِ اسلامڪ اسٽيٽ خراسان يا ان جي مخالف القائده جي گروپن جي خلاف انٽيلي جينس ڪٺي ڪرڻ مشڪل ٿي چڪو آهي.

آمريڪا جي چوٽيءَ جي ٻين اهل ڪارن به اهڙي ئي قسم جون رپورٽون ڏنيون آهن ته ان ڳالهه جو ثبوت موجود آهي ته داعش خراسان عالمي سطح تي پنهنجي موجودگيءَ جو احساس ڏيارڻ جي لاءِ هٿ پير هڻي رهيو آهي.

پوئين هفتي آمريڪي قانون سازن جي هڪ ٻڌڻيءَ دوران ڊفينس انٽيلي جينس ايجنسيءَ جي اڳواڻ، ليفٽيننٽ جنرل اسڪاٽ بارير ايوان جي ميمبرن کي ٻڌايو ته ٿوري ئي وقت اندر اهو دهشت گرد گروه مغرب تي حملي جي صلاحيت ۽ حملي جو ارادو ظاهر ڪري سگهي ٿو.

جنوريءَ ۾ آمريڪا جي دهشت گرديءَ جي روڪٿام جي اداري جي هڪ اهل ڪار ورچوئل اجتماع کي خطاب ڪندي چيو هو ته دولت اسلاميه خراسان خطرناڪ گروه آهي جنهن جي باري ۾ مون کي گهڻي تشويش آهي.

(وي او اي نيوز)

XS
SM
MD
LG