رسائی کے لنکس

آمريڪا ۽ يورپي يونين ايران تي نيون پابنديون لڳائي ڇڏيون


آمريڪي پرڏيهي محڪمي جو ترجمان، نيڊ پرائس
آمريڪي پرڏيهي محڪمي جو ترجمان، نيڊ پرائس

يورپي يونين جي پرڏيهي ناتن جي وزيرن ايران جي خلاف پابندين جي چوٿين دور جو اعلان ڪيو آهي ۽ روس جي خلاف پابندين جي ممڪنه ڏهين پيڪيج تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيرن يوڪرين جي لاءِ 54 ڪروڙ ڊالرن جي نئين فوجي خرچ تي به اتفاق ڪيو، جڏهن ته آمريڪا به ايران تي نيون پابنديون عائد ڪيون آهن.

يورپي بلاڪ ايران ۾ حڪومت مخالف مظاهرن جي خلاف وسيع پيماني تي ڪريڪ ڊائون جي رد عمل ۾ پابندين جي چوٿين دور تي اتفاق ڪيو.

يورپي يونين جي پاران سفري پابندين ۽ اثاثن کي منجمد ڪندي ايران جي پاسداران انقلاب جي ميمبرن سيمت 37 ادارن ۽ شخصيتن کي نشانو بنايو آهي. برطانيه ۽ آمريڪا به ايران جي خلاف نين پابندين تي اتفاق ڪيو آهي.

ايران ۾ مظاهري ڪندڙن جي خلاف سخت ڪاروائيءَ جي جواب ۾ آمريڪا به يورپي يونين ۽ برطانيه سان گڏ ايران تي نيون پابنديون لڳايون آهن. پرڏيهي ناتن جي آمريڪي ترجمان، نيڊ پرائس هڪ بريفنگ ۾ صحافين کي ٻڌايو ته نين پابندين ۾ ايران جي نائب انٽيلي جينس جي وزير ۽ پاسداران انقلاب جي اهم ڪمانڊرن سميت 10 ماڻهو شامل آهن.

نيڊ پرائس چيو ته پابندين جو مقصد ايراني حڪومت کي انساني حقن جي لاءِ جوابده بنائڻ آهي. ترجمان چيو ته اڄ جي ڪاروائي اسان جي اتحادين ۽ شراڪت دارن کان گهربل صلاح مشوري سان ڪئي وئي آهي. پابندين جي ڪيترن ئي دورن منجهان هي تازو دور آهي جنهن جو نشانو اهي ايراني فرد ۽ ادارا آهن جيڪي پرامن مظاهرين جي خلاف ايراني حڪام جي ظالمانه ۽ پرتشدد سخت ڪاروائيءَ ۾ ملوث رهيا آهن.

ايران جي پرڏيهي وزارت يورپي يونين ۽ برطانيه جي پاران لڳايل نئن پابندين جي مذمت ڪئي آهي ۽ ان جو جواب ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي.

ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان ناصر ڪنعانيءَ هڪ بيان ۾ چيو آهي ته اسلامي جمهوريه جلد ئي يورپي يونين ۽ انگلينڊ جي انساني حقن جي خلاف ورزي ڪرڻ وارن جي خلاف نين پابندين جو اعلان ڪندو.

پيرس مان وائس آف آمريڪا جي ليزا برائنٽ جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته يوڪرين جي لاءِ نئين فوجي فنڊنگ جي سلسلي ۾ هاڻي يورپي يونين ۽ رڪن رساستن جو فوجي خرچ لڳ ڀڳ 12 ارب ڊالرن تائين پهچي چڪو آهي.

ي او اي نيوز)

XS
SM
MD
LG