رسائی کے لنکس

آمريڪا ۾ ڪرونا وائرس جو ٽيون بوسٽر شاٽ ڪڏهن لڳندو؟


موڊرنا ڪووڊ 19 ويڪسين (فائيل فوٽو)
موڊرنا ڪووڊ 19 ويڪسين (فائيل فوٽو)

آمريڪي حڪومت اوميڪرون جي ڪرونا وائرس جي ذيلي قسم کان بچاو لاءِ دواساز اداري، موڊرنا سان ويڪسين جي ڇهه ڪروڙ 60 لک ڊوز خريدڻ جو معاهدو ڪيو آهي.

اين بي سي پنهنجي ويب سائيٽ تي نالي وٺڻ کان بنا وائيٽ هائوس جي هڪ عمل دار جو حوالو ڏيندي ٻڌايو آهي ته بائيڊن انتظاميا سيپٽمبر ۾ بوسٽر جو ٽيون شاٽ لڳائڻ جو ارادو رکي ٿي.

هن خبر جي تصديق ڪرڻ لاءِ وائس آف آمريڪا فوڊ اينڊ ڊرگ ايڊمنسٽريشن جي سابق اسسٽنٽ ڪمشنر، پيٽر پٽس سان رابطو ڪيو، جنهن جو چوڻ آهي ته نئين بوسٽر لڳائڻ لاءِ في الحال نظام الاوقات طئي نه ڪيو ويو آهي.

سندس چوڻ آهي ته ويڪسين جي سسپٽمبر تائين ٺهڻ ۽ پوءِ امرجنسي يوز ايٿورائيزيشن جي تحت هنگامي بنياد تي ايف ڊي اي جي پينل کان منظوري حاصل ڪرڻ اهڙا مرحله آهن جن جي باري ۾ اڃان سوڌو ڪجهه واضح ڪونهي. تازو صدر بائيڊن موڊرنا جي ايگزيڪٽو ساڻ ملاقات ڪئي هئي جنهن ۾ معاهدو طئي ٿيو هو.

ياد رهي ته پهرين ٻڌايو پئي ويو ته ويڪسينز سرءُ ۽ بهار جي موسمن ۾ بازار ۾ اچي وينديون. ليڪن، آمريڪا ۾ هن وقت اوميڪرون جو نئون ويرئينٽ متعدي ۽ شديد علامتن جو حامل آهي.

اوميڪرون جي ذيلي قسمن بي اي فائيو ۽ بي اي فور جي وڌندڙ ڪيسن جي ڪري بائيڊن انتظاميه کي دير سان ويڪسينز تي توجه ڏيڻ تي تنقيد درپيش آهي.

ڪجهه ماهرن جو چوڻ آهي ته اوميڪرون سان مقابلي ڪرڻ واريون ويڪسين دستياب هونديون، ٿي سهگي ٿو ته تيسيتائين ڪو وڌيڪ ذيلي قسم نمودار ٿئي.

صبا شاه خان پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته بي اي فائيو ۽ بي اي فور ڪرونا وائرس جون وڌيڪ متعدي شڪليون خيال ڪيون پيون وڃن. آمريڪا جي صحت عامه جي نگران اداري، سينٽر فار ڊزيز ڪنٽرول اينڊ پريونشن (سي ڊي سي) مطابق، اوميڪرون جا ذيلي قسم جولائي جي ٽئين هفتي کان پوءِ سمورن نون ڪرونا ڪيسز منجهان نوي في صد جو سبب بڻيا آهن. ايتري حد تائين جو صدر بائيڊن به ان انفيڪشن کان متاثر ٿيو.

پوئين سال ڊسمبر کان اوميڪرون آمريڪا ۾ تيزي سان ڦهليل رهي. گزريل مهيني بائيڊن انتظاميه دواساز ڪمپني، فائزر سان اوميڪرون جي ويرئينٽس کان بچڻ لاءِ ويڪسين جون ڏهه ڪروڙ 50 لک خوراڪون خريد ڪرڻ جو معاهدو ڪيو هو.

XS
SM
MD
LG