آمريڪا خميص ڏينهن انساني همدرديءَ جي بنياد تي پاڪستان ۾ ٻوڏ جي ستايلن جي امداد جي لاءِ وڌيڪ ٽن ڪروڙ ڊالرن جي امداد ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي ته جيئن هن ڏکڻ ايشيائي ملڪ ۾ ايندڙ تباه ڪن سيلاب جي متاثرين جي امداد ۾ مدد ملي سگهي.
قدرتي آفت جي سلسلي ۾ هلندڙ سال اڄ تائين آمريڪا پاڪستان کي نون ڪروڙ 70 لک ڊالرن جي امداد فراهم ڪري چڪو آهي.
آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم سنڌ صوبي جي دوري دوران هن نئين امداد جو اعلان ڪيو، ملڪ جي جنهن علائقي ۾ ٻوڏ آباديءَ کي شديد متاثر ڪيو آهي. اها ڳالهه اسلام آباد مان وائس آف آمريڪا جي نمائندي، اياز گل پنهنجيءَ رپورٽ ۾ ٻڌائي آهي.
بلوم چيو ته قدرتي آفت شروع ٿيڻ کان وٺي اسان پاڪستاني عوام جي مدد لاءِ موجود رهيا آهيون، ۽ سڀ کان وڌيڪ متاثر برادرين جي مدد جي لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن. هن نئين رقم جي مدد سان پنهنجي موجوده امدادي ڪم کي وسيع ڪيو ويندو جنهن جي لاءِ ’يوايس ايڊ’ مدد جو دائرو پاڪستان جي 18 لک ماڻهن تائين وڌايو آهي.
پاڪستاني ۽ گڏيل قومن جي اداري جي عمل دارن جو چوڻ آهي ته عالمي موسمياتي تبديليءَ جي ڪري جون کان وٺي مندائتي تيز مينهوڳي قدرتي آفت جو روپ ڌاريو جنهن جي ڪري پاڪستان ۾شديد سيلابي صورت حال پيدا ٿي، جنهن ۾ ٽي ڪروڙ 30 لک ماڻهو متاثر ٿيا، جڏهن ته 1700 کان وڌيڪ ماڻهو مري ويا. ٻوڏ جي پاڻيءَ جي ڪري 21 لک گهر تباه ٿيا يا ڪري پيا، 12 لک ڍور هلاڪ ٿيا، 13000ڪلوميٽر سڙڪون ٽٽي پيون، 80 لک ماڻهو به گهر ٿيا، جڏهن ته متاثرين 644،000 ريليف ڪيمپن ۾ رهڻ تي مجبور ٿيا، ۽ اهڙو وقت به آيو جو ملڪ جو ٽيون حصو پاڻيءَ هيٺ هيو.
آمريڪي سفارت خاني جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته نئين فنڊنگ منجهان جان بچائڻ لاءِ گهربل خوراڪ، غذائيت، سرديءَ کان بچڻ ۾ مدد ڏيڻ جو سامان ۽ صحت جي سار سنڀال لاءِ مدد شامل آهي جنهن جي مدد سان سيلاب دوران خوراڪ جي ڪمي ۽ ناقص غذائيت جي اثرات کي گهٽائڻ ۾ مدد ملندي. بيان ۾ چيو ويو آهي ان نئين امداد جي ڪري ٻوڏ جي بيٺل پاڻيءَ جي ڪري پيدا ٿيندڙ بيمارين جي بچاءَ ۽ علاج جي سلسلي ۾ به مدد ملندي.
گڏيل قومن جي اداري خميص ڏينهن چيو آهي ته پاڪستان جي 7 في صد زمين تي اڃان تائين پاڻي بيٺل آهي، جنهن جي ڪري خطرو ان ڳالهه جو آهي ته صحت جي معاملي ۾ ساهه کڻڻ جي بيماريون ڦهلجي سگهن ٿيون.
اقوام متحده جي بيان ۾ ان ڳالهه ڏانهن ڌيان ڇڪايو ويو آهي ته پاڻي لهي رهيو آهي، جنهن جي ڪري هاڻي بچاءَ جي لاءِ ٻيڙيون تري نه ٿيون سگهن. ان جي ڪري ڪافي علائقا اهڙا آهن جن تائين رسائي ممڪن نه رهي آهي. اتان جا رهواسي واپس پنهنجي ماڳن ڏانهن موٽي رهيا آهن، ليڪن سندن قوت گزران لاءِ پويان ڪجهه نه بچيو آهي.
اداري چيو آهي ته سوين ڳوٺ اهڙا آهن جتان جا ماڻهو مڇي ماري ۽ پچائي قوت گزران ڪري رهيا آهن، جڏهن ته انهن واهڻن ۾ کين ساڳيو ئي کامن، تراين ۽ ڍورن جو گرو پاڻي پيڻو پوي ٿو.