آمريڪا افغانستان ۾ غير سرڪاري تنظيمن جي پاران عورتن کي ڏنل ملازمتن تي طالبان جي پابنديءَ جي نتيجي جو جائزو وٺي رهيو آهي ۽ ان باري ۾ اهڙين پاليسين تي غور ٿي رهيو آهي جيڪي جلد ئي سامهون اچي سگهن ٿيون.
آمريڪا جي پرڏيهي ناتن جي وزير اينٽني بلنڪن سڄي دنيا ۾ عورتن جي اقتصادي سيڪيورٽيءَ بابت اربع ڏينهن پهرين آمريڪي حڪمت عملي جاري ڪرڻ جي موقعي تي چيو ته جتي به عورتن جي حقن کي خطرو آهي اسان انهن جو ساٿ ڏيڻ جي عزم تي قائم آهيون، انهن ۾ افغانستان شامل آهي جتي بدقسمتيءَ سان اسان حالتن کي مسلسل بدتر ٿيندي ڏسي رهيا آهيون.
اعلي آمريڪي عهديدار طالبان تي ڪيترا ڀيرا زور ڏيندا رهيا آهن ته اهي عورتن تي غير سرڪاري تنظيمن ۾ ڪم ڪرڻ ۽ سرڪاري ۽ خانگي يونيورسٽين ۾ وڃڻ کان روڪڻ متعلق پابنديون واپس وٺن، ٻيءَ صورت ۾ کين نتيجا ڀوڳڻ جو چتاءُ ڏنو ويو آهي.
اربع ڏينهن آمريڪا جي پرڏيهي کاتي چيو آهي ته واشنگٽن طالبان جي خلاف مخصوص قدم کڻڻ جو جائزو وٺي رهيو آهي، ليڪن ان جو تفصيل نه ٻڌايو ويو آهي.
محڪمي جي ترجمان، نيڊ پرائس اخباري نمائندن کي ٻڌايو ته آمريڪا سڄي دنيا ۾ پنهنجي هم خيال شراڪت دارن سان ڪم ڪري رهيو آهي ته جيئن افغان عوام جي حمايت ڪندي طالبان جي خلاف مذمت جو اظهار ڪرڻ لاءِ ڪيترا ئي خاص قدم ترتيب ڏنا وڃن.
پرائس وڌيڪ چيو ته آمريڪي پاليسيءَ متعلق اهڙو رد عمل محتاط هوندو، ته جيئن افغان عوام جي انساني فلاح ۽ ڀلائيءَ جي سلسلي ۾ ڪو نقصان نه رسي.
طالبان دنيا سان چڱن ناتن جي خواهش رکن ٿا ۽ اهي ملڪن سان کليل نموني افغانستان ۾ سيڙپ جي لاءِ چئي چڪا آهن. ليڪن، آمريڪا جو چوڻ آهي ته طالبان ان غلط فهميءَ جو شڪار آهن ته اهي ٻئي طريقا اپنائي سگهن ٿا، يعني افغان عورتن کي انهن جي حقن کان محروم ڪري سگهن ٿا ۽ ساڳي وقت ٻين ملڪن سان تعلقات مستحڪم ڪرڻ جي اميد به رکي سگهن ٿا.
سال 2022 ۾ سمورو وقت افغانستان ۾ حڪمران طالبان صنفي بنياد تي ڪجهه اهڙيون بدترين امتيازي پاليسيون متعارف ۽ نافذ ڪيون جيڪي ٻئي هنڌ ڪٿي به ڏسڻ ۾ نٿيون اچن.
ڊسمبر جي آخر ۾ طالبان عورتن جي تعليم تي وڌيڪ پابنديون وجهندي انهن جي يونيورسٽي وڃڻ جي پابندي لڳائي ڇڏي.
آگسٽ 2021 ۾ اقتدار ۾ واپسيءَ جي ڪجهه ئي عرصي کان پوءِ طالبان نينگرين کي ثانوي اسڪولن مان خارج ڪري ڇڏيو. افغانستان اهو واحد ملڪ آهي جتي نياڻين کي سندن صنف جي بنياد تي اسڪول وڃڻ تي پابندي عائد آهي.
چوويهين ڊسمبر تي طالبان هڪ حڪم نامو جاري ڪيو جنهن ۾ افغانستان ۾ انساني همدردي۽ جي شعبي ۾ ڪم ڪندڙ ملڪي ۽ غير ملڪي تنظيمن کي عورتن کي ملازم رکڻ کان روڪي ڇڏيو ۽ چتاءُ ڏنو ويو ته جيڪو گروپ ان حڪم جي پوئواريءَ ۾ ناڪام رهيو ان جو لائسنس منسوخ ڪيو ويندو.
آمريڪي پرڏيهي ناتن جي محڪمي جي مطابق، 11 ’اين جي اوز’ جي هڪ اتحاد کي افغانستان ۾ پنهنجيون ڪاروائيون بند ڪرڻيون پيون.
افغان عورتن جي لاءِ آمريڪي خصوصي ايلچي، رينا اميريءَ وائس آف آمريڪا جي ’ڊيوا سروس’ کي اسڪائيپ تي هڪ تازي انٽرويو ۾ ٻڌايو ته ’’هي مذهب نه سياست آهي’’.
هن چيو ته مان سڄيءَ دنيا ۾ جنهن به مسلمان اڪثريت واري ملڪ جي نمائندي سان ڳالهائيو آهي، چاهي اهو سعودي عرب، قطر، متحده عرب امارات، انڊونيشيا، ملائيشيا يا ٻئي ڪنهن ملڪ جو نمائندو هجي، ان اهو ئي چيو ته ’’طالبان هر جاءِ تي اسلام جي تصور کي نقصان پهچائي رهيا آهن’’.
ڪجهه ماڻهو عورتن جي تعليم تي پابنديءَ جي طالبان جي فيصلي کي ’’جاري اندروني ويڙهه’’ جي علامت جي طور تي ڏسن ٿا.
اميريءَ چيو ته اهو طالبان جي اندر اهڙو سخت گير عنصر آهي جيڪو پنهنجيءَ طاقت کي مضبوط ڪرڻ ۽ ان طاقت کي استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.
اربع ڏينهن آمريڪي پرڏيهي ناتن جي محڪمي سموري دنيا جي ادارن ۾ عورتن جي اقتصادي سيڪيورٽيءَ ۾ واڌاري جي لاءِ هڪ حڪمت عملي پيش ڪئي جنهن جو مقصد عورتن ۽ نينگرين جي لاءِ تعليم، نواڻ ۽ معياري ملازمت تائين برابر رسائيءَ کي فروغ ڏيڻ آهي.
محڪمه خارجه مطابق، ان سان عالمي ’جي ڊي پي’ ۾ 5 اعشاريه ٽي ٽريلين جو اضافو ٿي سگهي ٿو جنهن سان سڀني جي لاءِ معاشي تحفظ ۽ خوش حاليءَ ۾ اضافوا يندو.
آمريڪا جون سرڪاري ايجنسيون اربع ڏينهن ان حڪمت عمليءَ جي جاري ٿيڻ کان پوءِ ڇهن مهينن جي اندر انفرادي ايڪشن پلان مرتب ڪنديون جيڪو آمريڪي پرڏيهي پاليسي، بين الاقوامي پروگرامنگ ۽ ترقياتي امداد جي باري ۾ آگاه ڪندو.
آمريڪي عهديدارن چيو آهي ته آمريڪا صنفي مساوات ۽ برابريءَ تي مشتمل ايڪشن فنڊ جي ذريعي افغان عورتن جي مدد جاري رکندو جيڪو مڪاني ۽ سول سوسائٽيءَ جي شراڪت دارن جي لاءِ سيڙپ ڪندو آهي.
(هيءَ رپورٽ ’وي او اي’ جي ’ڊيوا سروس’ جي سهڪار سان تيار ڪئي وئي آهي)