بائيڊن انتظاميا سعودي عرب کي حملن جي لاءِ استعمال ٿيڻ وارن هٿيارن کپائڻ تي لڳل پابندي ممڪنه طور هٽائڻ تي ويچار ڪري رهي آهي. پر ان معاملي کان واقف ذرائع جي مطابق ڪنهن به آخري فيصلي جو انحصار ان ڳالهه تي هوندو ته ڇا سعودي عرب يمن ۾ لڙائيءَ جي خاتمي جي طرف پيش رفت ڪري ٿو يا نه.
ٽن ذريعن صدر بائيڊن جي سعودي عرب جي دوري کان پهرين دعوي ڪئي آهي ته رياض جي سينئر عمل دارن تازن مهينن دوران پنهنجي آمريڪي هم منصب عهديدارن تي زور ڀريو آهي ته آمريڪا خليجي شراڪت دارن کي دفاعي هٿيار وڪرو ڪرڻ جي پاليسي ختم ڪري.
ٻن ذريعن مطابق آمريڪا جي اندروني ڳالهه ٻولهه غير رسمي ۽ ابتدائي مرحلي ۾ آهي ۽ فوري طور تي ڪنهن فيصلي جا آثار ڪونهن، جڏهن ته هڪ آمريڪي عمل دار خبررسان اداري، رائٽرز کي ٻڌايو آهي ته هينئر سعودي عرب سان جنگي هٿيارن جي وڪري تي ڪا ڳالهه ٻولهه نه هلي رهي آهي.
پر، اهڙي وقت جڏهن صدر بائيڊن سفارتي طور تي ان حساس دوري جي تياري ڪر رهيو آهي، هنن اهي اشارا ڏنا آهن ته هو سعودي عرب سان ڪشيده تعلقات اهڙي وقت بهتر ڪندو جڏهن هو خليجي تيل جي رسد ۾ واڌارو چاهي ٿو ۽ ايران جي مقابلو ڪرڻ لاءِ إسرائيل ۽ عرب ملڪن وچ ۾ ويجهن تعلقات جو خواهش مند آهي.
خبر رسان اداري رائٽرز مطابق سعودي حڪومت ان باري ۾ ردعمل جي درخواست جو ڪو جواب نه ڏنو آهي.
ڪانگريس جي صلاح ڪارن جو چوڻ آهي ته هٿيارن جي فراهمي جي خاتمي جهڙي اقدام کي ڪانگريس اندرصدر بائيڊن جا ساٿي ڊيموڪريٽس ۽ حزب مخالف جا ري پبلڪن رهنما، ٻنهين جي طرفان يقيني طور تي مخالفت سامهون ايندي جيڪي سعودي عرب تي کلي تنقيد ڪندا آهن.
ايران جي حامي حوثي باغين خلاف سعودي عرب جي مهم جنهن ۾ وڏي تعداد ۾عام شهري هلاڪ ۽ زخمي ٿيا آهن، سعودي عرب جي انساني حقن جي رڪارڊ، خاص طور تي سال 2018 ۾ واشنگٽن پوسٽ سان لاڳاپيل صحافي جمال خاشقجي جي قتل جهڙي معاملي تي صدر بائيڊن اقتدار ۾ اچڻ کان فوري پوءِ سعودي عرب جي خلاف سخت موقف اختيار ڪيو هو.
بائيڊن پنهنجي صدارتي انتخابي مهم دوران سعودي عرب کي پراڻو يا ڪم ذات قرار ڏنو هو، ۽ فبروري 2021 ۾ يمن آپريشن ۾ سعودي عرب جي حمايت ۽ ان کي هٿيارن جو وڪرو ختم ڪري ڇڏيو هو.
سعودي عرب آمريڪا جي هٿيارن جو سڀ کان وڏو خريدار آهي ۽ انهن پابندين جي زد ۾ آيو آهي جيڪي آمريڪا جي طرفان ڪيترن ڏهاڪن کان جاري فروخت کي منجمد ڪن ٿيون.
ذرائع مطابق مارچ ۾ روس جي يوڪرين تي حملي جي نتيجي ۾ صدر بائيڊن جي سعودي عرب جي متعلق حڪمت عمليءَ ۾ نرمي آئي آهي. هن لڙائيءَ جي ڪري آمريڪا ۽ ٻين مغربي ملڪن سعودي عرب ۽ تيل برآمد ڪندڙ ٻين ملڪن کي اپيل ڪئي هئي ته هو روسي رسد تي بندش سبب وڌيڪ تيل ڪڍي فراهم ڪري.
سعودي عرب جون ۾ يمن جنگ ۾ اقوام متحده جي ثالثيءَ واري جنگ بنديءَ ۾ ٻن مهينن جي توسيع تي به وائيٽ هائوس جي واکاڻ حاصل ڪئي هئي. يمن جنگ کي دنيا جي هڪ بدترين بحران جي طور تي ڏٺو ويندو آهي.
هاڻي آمريڪا جي خواهش آهي ته يمن جنگ جو مڪمل طور تي خاتمو ٿي وڃي.
واشنگٽن ۾ صورت حال کان واقف هڪ ذريعي ٻڌايو آهي ته انتظاميا سعودي عرب کي هٿيارن جي وڪامڻ تي پابنديءَ جي خاتمي جي امڪانات تي اندروني طور تي ويچار ڪرڻ شروع ڪري ڏنو آهي. ليڪن هن اشارو ڏنو ته هاڻي تائين هيءَ ڳالهه ٻولهه ڪنهن فيصلي ڪن نتيجي تي نه پهتي آهي.