رسائی کے لنکس

پراڻيون وي ايچ ايس ڪيسٽون هزارين ڊالرن ۾ ڇو وڪامي رهيون آهن؟


وي ايچ ايس ويڊيو ڪيسٽ رڪارڊر. (فائيل فوٽو)
وي ايچ ايس ويڊيو ڪيسٽ رڪارڊر. (فائيل فوٽو)

اهو به ڪو زمانو هيو جڏهن ٽي وي، وي سي آر ۽ وي ايچ ايس جو دور هوندو هو، پر وقت بدليو، ٽيڪنالاهي بدلي ۽ انهن سڀني جي جاءِ ايل اي ڊي، ڪمپيوٽر ۽ سمارٽ فونز والاري ورتي.

هاڻي هي شيون شايد ئي توهان کي ڏسڻ ۾ اچن ۽ جيڪڏهن ڏسڻ ۾ اينديون به ته گهر جي ڪنهن غير ضروري ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پيون هونديون.

ليڪن ڪليڪٽيبلز مارڪيٽ ۾ انهن وي ايچ ايس (وڊيو هوم سسٽم) ٽيپس جي ڪجهه مهينا اڳ ٿيندڙ نيلاميءَ ماڻهن کي حيران ڪري وڌو آهي، ڇو ته ان نيلاميءَ جي خاص ڳالهه انهن ڪيسٽس جي حيرت انگيز قيمت ملڻ آهي.

جون ۾ هيريٽيج آڪشنز جي ذريعي فلم بيڪ ٽو دي فيوچر جي وڊيو ڪيسٽ 75 هزار ڊالر ۾ وڪامي، جڏهن ته دي گونيز ۽ جاز جون ڪاپيون بالترتيب 50 هزار ۽ 32 هزار 500 ڊالرن ۾ وڪاميون.

ڪيناڊا جي نيو مارڪيٽ سان تعلق رکندڙ جان جو چوڻ آهي ته وڊيو ٽيپ جمع ڪرڻ وارا 1970 جي ڏهاڪي جي آخر کان موجود آهن، جڏهن پهريون ڀيرو هي فارميٽ متعارف ڪرايو ويو هو. هنن دعوي ڪئي آهي ته ويهن سالن کان وڌيڪ عرصي ۾ لڳ ڀڳ ٽي هزار ڪيسٽون کپايون ويون آهن.

ان صارف پنهنجو نالو نه ٻڌائڻ جي شرط تي خبر رسان اداري، اي ايف پيءَ کي ٻڌايو ته توهان خوش قسمت هوندا جو توهان کي هڪ جا پنج ڊالر ملي وڃن.

ڪجه عرصو اڳ صرف فلمون جيڪي آن لائين يا ڪنهن ٻي ميڊيم تي ريليز نه ٿيون هجن يا ڪم هارر فلمون هجن انهن جون قيمتون وڌيڪ ٿي سگهن ٿيون.

هيءُ نئون رجحان زياده تر بلاڪ بسٽر ٽائٽلز تي مرڪوز آهي، خاص طور تي 80 جي ڏهاڪي جي اوائل کان وٺي. سٺي قيمت لڳڻ لاءِ ضروري آهي ته وي ايچ ايس ڪيسٽ جو پهريون ايڊيشن هجي ۽ سيلڊ هجي. ان کان علاوه هڪ ليميٽيڊ ايڊيشن جنهن کي اسٽار وارز جو وڏو باڪس ورزن به توجه حاصل ڪري سگهي ٿو.

اهڙي طرح جارج ليوڪس جي سائنس فڪشن ڪلٽ ڪلاسڪ کي ڪافي پسند ڪيو ويندو آهي ۽ ان جون ڪيتريون ئي ڪاپيون 10 هراز ڊالر ۾ پهريون ئي وڪامي چڪيون آهن.

هيريٽيج آڪشنز ۾ وي ايچ ايس ڪنسائنمنٽ ڊائريڪٽر، جي ڪارلسن جو چوڻ آهي ته هيءَ قيمت ڇهن ڊجٽ نمبر يا شايد ست ڊجٽ ۾ به ٿي سگهي ٿي.

ان فارميٽ ۾ ريليز ٿيڻ واري آخري فلم، اي هسٽري آف وائلنس جي سورهن سالن کان پوءِ ان جي گهرج ۾ اچانڪ اضافي وڏي عرصي کان اها ڪليڪشن سنڀالي رکڻ وارن کي حيران ڪري ڇڏيو آهي.

واضح رهي ته آّخري ويڊيو ريڪارڊرز 2016 ۾ تيار ڪيا ويا هئا. ان باري ۾ ويڊيو ڪليڪٽر جي نالي سان ويب سائيٽ هلائڻ واري، فلپ بيڪر چيو آهي ته هن جي خيال ۾ ان جو سبب ماضيءَ جون يادون ۽ جمع ڪرڻ جو شوق آهي. سندس بقول، ٻين فارميٽس جي ڀيٽ ۾ وي ايچ ايس جي خاص ڳالهه اها هئي ته پنهنجي گهر ۾ فلم ڏسڻ لاءِ هيءُ پهريون رسائيءَ جي قابل طريقو هو.

پوڊڪاسٽ جي هڪ ميزبان پيٽ ڪونٽري جي هن باري ۾ رائي مختلف آهي. هو وي ايچ ايس ۽ ويڊيو گيمز کي متوازي سمجهي ٿو.

سندس بقول، ٻئي مارڪيٽ اهڙن ماڻهن سان ڀريل آهن جن پاڻ ان ۾ داخل ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هو پنهنجو پاڻ کي چون ٿا ته مون وٽ پيسا آهن ڇو نه سيڙپ ڪجي.

(هن خبر ۾ شامل مواد خبررسان اداري، اي ايف پي تان ورتو ويو آهي)

XS
SM
MD
LG