رسائی کے لنکس

ورجينيا: ننهن کان جبري پورهئي وٺڻ جي ڏوهه ۾ ٽن پاڪستانين کي قيد ۽ ڏنڊ جي سزا


آمريڪي محڪمه انصاف جو لوگو (فائيل فوٽو)
آمريڪي محڪمه انصاف جو لوگو (فائيل فوٽو)

ورجينيا جي آمريڪي رياست جي هڪ وفاقي عدالت ننهن کي ٻارهن سالن تائين ’’ڊيڄاري ۽ ڌمڪائي’’ گهريلو مشقت تي مجبور ڪرڻ جي ڏوهه ۾ پاڪستاني خاندان جي ٽن ڀاتين کي سزا ٻڌائي آهي.

اڱاري ڏينهن هڪ پريس رليز ۾ آمريڪي محڪمه انصاف ٻڌايو آهي ته عدالت 80 ورهن جي زاهده امان کي 12 سال، 48 ورهن جي محمد ريحان چوڌريءَ کي 10 سال ۽ 55 ورهن جي محمد نعمان چوڌريءَ کي 5 سال قيد جي سزا ٻڌائي آهي.

عدالت زاهده امان ۽ ريحان چوڌريءَ کي حڪم ڏنو آهي ته اجوري جي طور تي اهي متاثره خاتون کي اڍائي لک ڊالر ادا ڪن ۽ ڏوهاري پنهنجي مجرمانه طرز عمل جي ڏوهه ۾ ٻين مالي نقصانن جو به پورائو ڪن.

مئي 2022 ۾ هڪ جيوريءَ ستن ڏينهن مقدمي جي حاضريءَ هلائڻ کان پوءِ سمورن ملزمن کي ’’جبري مشقت جي سازش رچائڻ جو مجرم’’ قرار ڏنو هو.

تفصيلات مطابق زاهده امان نالي هڪ خاتون سال 2002 ۾ پنهنجي پٽ جي ان خاتون سان شادي ڪرائي هئي. ليڪن سندس مڙس جي گهر مان وڃڻ کان پوءِ مجرمن ان عورت کي (جنهن جو نالو مائره بٽ ٻڌايو تو وڃي) گهريلو خدمت جي لاءِ رکيو هو جنهن کان بيگار وارو ڪم ورتو ويندو هو.

عدالت ۾ پيش ڪيل ثبوتن مطابق، ڏوهارين متاثره عورت جا اميگريشن جا ڪاغذ ۽ رقم کسي ورتي هئي، کيس منع هئي ته هوءَ پاڪستان ۾ پنهنجي گهر ڀاتين سان لهه و چڙهه ۾ نه ايندي. ٻيءَ صورت ۾، کيس ڌمڪي ڏني وئي هئي ته سندس ٻار ڇني کيس ملڪ بدر ڪرايو ويندو.

عدالت ۾ ڏنل ثابتين مطابق مائره کي ٿڦ ۽ لتون هنيون وينديون هيون، ايتري حد تائين جو کيس ڏنڊي سان ماريو ويندو هو. هڪ ڀيري سندس هٿ پير ٻڌي سندس ٻارن جي آڏو کيس گهلي ڏاڪڻ کان هيٺ لاٿو ويو. انهن سمورن بيگار وهڻ جي طريقن جي ذريعي هن کي گهر ۾ بغير ڪنهن اجوري جي پورهيو ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويندو هو.

هوڏانهن انصاف جي آمريڪي محڪمي جي شهري حقن جي شعبي ۾ نائب اٽارني جنرل، ڪرسٽن ڪلارڪ چيو آهي هي انساني اسمگلنگ جي نوعيت جو ڏوهه آهي، جيڪو اسان جي ملڪ جي بنيادي قدرن ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙيءَ جي برابر آهي، ۽ محڪمه انصاف انساني اسمگلنگ جي معاملن کي سختيءَ سان پيش اچڻ جي عزم تي پختو قائم آهي.ڪرسٽن ڪلارڪ چيو ته ’’ڏوهارين ظلم سهندڙ عورت تي جسماني تشدد، گاريون ۽ جذباتي بدسلوڪيءَ جو رويو جاري رکيو’’.

ايف بي آئي جي مجرمانه ڇنڊ ڇاڻ جي شعبي جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر، لوئي ڪسيدا چيو آهي ته ’’انساني ٽريفڪنگ هڪ عالمي مسئلو آهي جيڪو پنهنجو پاڻ حل نه ٿو ٿي سگهي. ايف بي آئي انساني ٽريفڪنگ چاهي اها ڪنهن به شڪل ۾ هجي کي منهن ڏيڻ ۽ بچاءَ جي لاءِ قانون جي نفاذ سان واسطو رکندڙ ادارن کان مدد وٺندي آهي’’.

تفصيل موجب عدالت کي ٻڌايو ويو ته متاثره خاتون کي روزانو صبح جو ڪم جي لاءِ چيو ويندو هو. سندس کاڌي پيتي تي به پابندي لڳل هئي ۽ کيس موٽرگاڏي هلائڻ جي سکيا وٺڻ يا گهر جي ڀاتين کان سواءِ ڪنهن ٻئي سان ڳالهائڻ کان روڪ هئي.

انصاف جي محڪمي چيو آهي ته زاهده امان تي ننهن کي غلاميءَ ۾ رکڻ جو ’’ڏوهه ثابت ٿيو آهي’’، ۽ زاهده امان ۽ سندس ٻنهين پٽن جي روئيي کي ’’مجرمانه’’ قرار ڏنو ويو آهي ۽ ٻڌايو ويو آهي ته ايترن سالن تائين مائره کي ’’نفسياتي ۽ ذهني پريشاني کان سواءِ جسماني اذيت جو شڪار بڻايو ويو’’.

(هن خبر جو مواد آمريڪي محڪمه انصاف جي پريس رليز تان ورتو ويو آهي)

XS
SM
MD
LG