ٽوئٽر جي نئين مالڪ ايلون مسڪ گزريل مهيني پنهنجي پليٽ فارم تي پوسٽ ڪيو هو ته هو اظهار جي آزاديءَ جو پابند آهي. خميص ڏينهن هن ڪيترن ئي صحافين جي ٽوئٽر اڪائونٽس کي بلاڪ ڪري ڇڏيو آهي.
انهن ۾ وائس آف آمريڪا جي چيف قومي نمائندي اسٽيو هرمن کان علاوه سي اين اين، نيو يارڪ ٽائمز ۽ واشنگٽن پوسٽ سان تعلق رکڻ وارن صحافين جا اڪائونٽ به شامل آهن.
وائس آف آمريڪا جي وائيٽ هائوس جي اڳوڻي بيورو چيف اسٽيو هرمن جي فالوورز کي ٽوئٽر ڪائونٽ تي ڪاري اسڪرين ۽ ’اڪائونٽ بند’ آهي جي پيغام سان گڏ ’ڀلي ڪار’ ڪيو ويو.
سي اين اين، نيو يارڪ ٽائمز ۽ واشنگٽن پوسٽ جي صحافين جي اڪائونٽن سان گڏ ٻين صحافين به اهڙي قسم جا پيغام ڏٺا آهن.
خميص جي شام جو انهن ٽوئيٽس جي جواب ۾ مسڪ پنهنجي پليٽ فارم تي چيو ته ’’سڄو ڏينهن مون تي تنقيد ڪرڻ بالڪل ٺيڪ آهي، ليڪن منهنجي لوڪيشن جو پتو لڳائڻ، انهيءَ کي شائع ڪرڻ ۽ منهنجي خاندان کي خطري ۾ وجهڻ درست ڪونهي’’.
مسڪ وڌيڪ چيو ته ’’صحافين تي به ’ڊاڪسنگ’ جا ساڳيا ئي اصول لاڳو ٿين تا جيڪي ٻين تي لاڳوآهن ’’.
اهو ٽوئيٽر جي انهن ضابطن ڏانهن اشارو هو جيڪي ذاتي معلومات شيئر ڪرڻ تي پابندي لڳائن ٿا، جنهن کي ’ڊوڪسنگ’ چيو ويندو آهي.
مسڪ ان کان اڳ هڪ ٽوئٽراڪائونٽ ’@elonjet’ کي بند ڪري ڇڏيو هو جيڪو عوامي طور دستياب معلومات استعمال ڪندي سندس ذاتي جيٽ جهاز جو پيڇو ڪندو رهيو. هن چيو ته اڪائونٽ منجهان حاصل ڪيل معلومات استعمال ڪندي، هڪ ’چرئي اسٽاڪر’ سندس پٽ جو پيڇو ڪيو هو.
سي اين اين جي معتبر ذريعن هڪ نيوز ليٽر ۾ چيو آهي ته اگرچه جن صحافين تي پابندي عائد ڪئي وئي آهي انهن منجهان ڪن ان واقعي کي رپورٽ ڪيو هو، ليڪن به لوڪيشن جي معلومات يا مواد شيئر نه ڪيو هو، جنهن کي ڊوڪسنگ سڏي سگهجي.
مسڪ خميص ڏينهن هڪ ٽوئيٽ ۾چيو ته ڊوڪسنگ جي ڪري اڪائونٽ بند وارو معاملو ست ڏينهن جاري رهندو. ان کان پوءِ ٽوئٽر تي هڪ پول ڪرايو ويندو جنهن ۾ ٽوئٽر جي صارفين کان پڇيو ويندو ته بلاڪ ڪيل اڪائونٽ ڪڏهن بحال ڪرڻ گهرجن.
ٽيتاليهه في صد پاران تڪڙي بحاليءَ جي حق ۾ ووٽ اچڻ کان پوءِ مسڪ چيو ته هو ٻيهر رائي شماري ڪرائيندو ڇو ته پول ۾ تمام گهٽا متبادل سوال پڇيا ويا هيا.
ان باري ۾ اسٽيو هرمن ڇا ٿو چئي؟
اسٽيو هرمن ٽوئٽر پليٽ فارم جي باري ۾ وي او اي نيوز جي لاءِ آخري ڀيرو سيپٽمبر ۾ رپورٽ ڪيو هو. خميص ڏينهن هو ’ايٽ ايلون جيٽ’ جي باري ۾ ٽوئيٽ ڪري رهيو هو.
هرمن وي او اي کي ٻڌايو ته مان خميص جي شام ان سامهون ايندڙ ڊرامي جي باري ۾ ڪافي ڪجهه ٽوئيٽ ڪري رهيو هيس، جنهن جي شروعات هڪ اهڙي نام نهاد اڪائونٽ جي معطليءَ سان ٿيو جيڪو ايلون مسڪ جي پرائيويٽ جهاز جي لوڪيشن کي ٽوئيٽ ڪري رهيو هو.
پنهنجي آخري ٽوئيٽ ۾ هرمن واشنگٽن پوسٽ جي هڪ مضمون جو لنڪ پوسٽ ڪندي لکيو ته ’’ٽوئٽر تي خميص جي رات صهافين جي قتل عام تي وچيڪ رد عمل’’.
ڪجهه ئي دير بعد سندس اڪائونٽ بند ڪيو ويو. هرمن چيو ته هاڻي هو سڌا سنوان پيغام نه ٿو موڪلي سگهي ۽ نه ئي ٻين صارفين جي پوسٽن کي پسند ڪري سگهي ٿو.
خميص جي رات جو هڪ بيان ۾ وائس آف آمريڪا تصديق ڪئي ته هرمن جو اڪائونٽ بند ڪيو ويو آهي ۽ سوشل ميڊيا پليٽ فارم کان ان کي بحال ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.
وي او أي جي ترجمان، نائيجل گيز هڪ اي ميل ۾ چيو ته ’’مسٽر هرمن اعلي ترين صحافتي معيار کي برقرار رکڻ وارو تجربي ڪار رپورٽر آهي جيڪو سوشل ميڊيا پليٽ فارم کي خبرون ڪٺي ڪرڻ لاءِ استعمال ڪندو آهي. مسٽر هرمن کي ٽوئٽر پاران ڪو اطلاع نه ميلو آهي ته سندس اڪائونٽ ڇو بند ڪيو ويو.
اي ميل ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته بطور چيف نيشنل نامه نگار، مسٽر هرمن بين الاقوامي ۽ قومي خبرون ڏيندو آهي ۽ اڪائونٽ بند ٿيڻ جي ڪري صحافيءَ جي حيثيت سان سندس ڪم متاثر ٿيو آهي.
سي اين اين ۽ نيو يارڪ ٽائمز به پنهنجي بيانن ۾ ٽوئٽر جي ان قدم جي مذمت ڪئي آهي.
(هن مضمون جي لاءِ ڪجهه معلومات رائيٽرز تان ورتي وئي آهي)