رسائی کے لنکس

بلاول ۽ وينڊي شرمن جي ملاقات، دهشت گرديءَ جي روڪ ٿام لاءِ پاڪستاني ڪوششن جي ساراهه


آمرڪي نائب پرڏيهي وزير، وينڊي شرمن (فائيل فوٽو)
آمرڪي نائب پرڏيهي وزير، وينڊي شرمن (فائيل فوٽو)

آمريڪي نائب پرڏيهي وزير وينڊي شرمن ۽ پاڪستان جي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽي زرداريءَ اربع جي ڏينهن واشنگٽن ڊي سي ۾ ملاقات ڪئي. ٻنهين رهنمائن پاڪستان ۾ اچڻ واري تباه ڪن سيلاب کان پوءِ بحاليءَ جي لاءِ جاري ڪوششن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ موسمياتي تبديليءَ جي هانڃن کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي امداد متعلق 9 جنوريءَ تي جينيوا ۾ ٿيڻ واري بين الاقوامي ڪانفرنس جي باري ۾ ڳالهه ٻولهه ڪئي.

آمريڪا جي پرڏيهي محڪمي جي بيان جي مطابق، نائب وزير خارجه تازن دهشت گرد حملن ۾ پاڪستان جي جاني نقصان تي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ ٻنهين ملڪن جي وچ ۾ دهشت گرديءَ جي پاڙ پٽڻ جي لاءِ سهڪار وڌائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.

وينڊي شرمن ۽ بلاول ڀٽي زرداريءَ توانائي، اقتصادي ۽ ماحولياتي شعبن ۾ سهڪار تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي.

ٻنهين رهنمائن طالبان جي پاران عورتن ۽ نينگرين جي تعليم تائين رسائي تي وڌيڪ پابندي لڳائڻ جي افسوس ناڪ فيصلي ۽ افغانستان ۾ عورتن جي حقن جي متعلق خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

بيان جي مطابق، آمريڪي نائب وزير خارجه روس جي جارحيت ۽ غير قانوني جنگ جي مقابلي جي لاءِ يوڪرين جي ٺوس حمايت کي اجاگر ڪيو.

ان کان اڳ، اڱاري ڏينهن واشنگٽن ۾ پاڪستان جي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽي زرداريءَ آمريڪي وزير خارجه اينٽني بلنڪن سان ملاقات ڪئي.

هڪ بيان ۾ آمريڪي محڪمه خارجه جي ترجمان چيو آهي ته ملاقات دوران اينٽني بلنڪن چيو ته اهڙي وقت جڏهن پاڪستان جو عوام تباه ڪن سيلاب سان منهن ڏئي رهيو آهي، اسان هنن سان پنهنجي حمايت جاري رکندا سين.

بيان ۾ چيو ويو آهي ته بلنڪن ۽ بلاول ان مشترڪه اميد جو اظهار ڪيو ته جنوريءَ ۾ پاڪستان جي سيلاب کان متاثر ٿيلن جي امداد جي لاءِ منعقد ٿيڻ واري ڪانفرنس کان اڳ ۽ ان کان پوءِ ويجهڙا رابطا جاري رکيا ويندا.

ان موقعي تي، اينٽني بلنڪن پاڪستان ۾ ٿيڻ وارن دهشت گرد حملن ۾ مري ويلين جي لاءِ تعزيت جو اظهار ڪيو. ان سان گڏ آمريڪي پرڏيهي وزير دهشت گرديءَ جي روڪ ٿام جي سلسلي ۾ پاڪستان جي پاران ڪيل ڪوششن جي ٺوس مدد جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.

XS
SM
MD
LG