وائيٽ هائوس ۾پنجن صدرن ۽ سندن مهمانن جي لاءِ پنجويهن سالن کان وڌيڪ عرصي تائين نون نون قسمن جون مٺايون ۽ پيسٽريون تيار ڪندڙ 78 ورهن جو فرانسيسي نسل جو پيسٽري شيف، رولينڊ مسيني ورجينيا رياست جي برڪ علائقي ۾ پنهنجي آخري سفر تي روانو ٿي ويو.
خبرن جي اداري، ايسو سي ايٽڊ پريس مطابق، وائيٽ هائوس هسٽوريڪل ايسو سي ايشن ڇنڇر ڏينهن سندس موت جي تصديق ڪئي، جڏهن سندس اڪيلي پٽ، جارج مسينيءَ آمريڪي اخبار، واشنگٽن پوسٽ کي ٻڌايو ته سندس موت کينسر جي پيچيدگين جي ڪري ٿيو.
رولينڊ کي وائيٽ هائوس ۾ سڀني کان ڊگهي عرصي تائين پيسٽري چيف هئڻ جو اعزاز حاصل هيو.
سال 1979 ۾ ان وقت جي صدر جمي ڪارٽر جي بيگم، خاتون اول روزلين ڪارٽر کيس ان عهدي تي رکيو، جڏهن ته جارج ڊبليو بش جي دور ۾ هن ريٽائرمينٽ ورتي. اها سندس دعوا هئي ته وائيٽ هائوس ۾ ملازمت دوران هن ڪڏهن به هڪ مٺي شئي تيار ٿيڻ کان پوءِ هڪ کان علاوه ڪنهن ٻئي کي پيش نه ڪئي ، يعني اها جنهن جي لاءِ تيار ٿي ان کي ئي ڏني وئي.
هن جو تعلق فرانس جي اوڀر ۾واقع علائقي جي هڪ ڳوٺ سان هيو، جتي هو پيدا ٿيو. نون ٻارن منجهان هو ستون ٻار هيو. چوڏهن ورهن جي ڄمار ۾ هن هڪ نئين شعبي ۾ قدم رکيو. وائيٽ هائوس آرڪائيو مطابق، انهيءَ وقت هن برمودا ۾ ڪارڊ بورڊ مان ٺهيل هڪ هوٽل ۾ ملازمت جو آغاز ڪيو. سال 1967 ۾ هن وٽ هڪ سوٽ ڪيس ۽ کيسي ۾ پنج فراسيسي سڪا، فرانڪ هيا جڏهن هو پنهنجي قسمت آزمائڻ لاءِ گهر مان نڪتو. پوءِ سندس قسمت کيس فرانس کان جرمني ۽ پوءِ لنڊن وٺي ويئي. ان دوران سندس ملاقات پنهنجي جيون ساٿي، مارٿا وائيٽ فورڊ سان ٿي، جيڪا آمريڪي رياست ورجينيا ۾ اسڪول ٽيچر هئي.
ڏهن سالن کان پوءِ، هو به ورجينيا منقل ٿي چڪو هو. هتي ڪم ڪندي کيس معلوم ٿيو ته وائيٽ هائوس کي هڪ نئين پيسٽري شيف جي تلاش آهي.
هن ٻڌايو هو ته وائيٽ هائوس ۾ ڪم ڪرڻ سندس زندگيءَ جو سڀ کان اهم مقصد هيو جنهن لاءِ هو ڪنهن به ذاتي مصروفيت جي قرباني ڏيڻ ۾ ديرنه لائيندو هو، چاهي اهو ڪرسمس هجي يا ايسٽر، چاهي ماءُ يا ٻار جي سالگره هجي. جڏهن به وائيٽ هائوس کي ضرورت پوندي هئي ته هو سڀ ڪجهه ڇڏي اتي پهچي ويندو هو. سال 2004 ۾ آسڪ دي وائيٽ هائوس نالي آن لائين فورم ۾ سوالن جا جواب ڏيندي هن پنهنجي ڪيريئر جا ڪجهه مشاهدا شيئر ڪيا جيئن ته هن هيءَ ڳالهه نوٽيس ڪئي ته ريپبلڪنز جي ڀيٽ ۾ ڊيموڪريٽس کائڻ جا وڌيڪ شوقين هوندا آهن. ۽ وائيٽ هائوس ۾ اچڻ وارن مهمانن ۾ جيڪڏهن خواتين زياده هجن ته گهڻو ڪري هو مردن جي نسبت وڌيڪ پيسٽريون کائينديون آهن.
روليند اها ڳالهه به ٻڌائي ته صدر جي فيمليءَ کان سواءِ وائيٽ هائوس جي پارٽين ۽ عشائين (رات جي مانيءَ) ۾ کيس اڪثر هزارين پيسٽريون ٺاهڻيون پونديون هيون ۽ هو مهمانن جي پسند مطابق ان جي پلاننگ ڪندو هو.
ڪرسمس جي موقعي تي وائيٽ هائوس جي سجاوٽ ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ ۾ خوشي محسوس ڪندو هو، ان ڏينهن هو جنجر بريڊ سان تيار ڪيل ديو قامت گهرسندس مهارت سمجهيو ويندو هو. سندس بقول، هاليڊي سيزن جي پارٽين جي لاءِ هو خصوصي طور تي وڌيڪ پيسٽريون تيار ڪندو هو، ڇو ته ڪيترا ئي مهمان پنهنجن ڪرسمس ٽريز جي سجاوٽ لاءِ کيس لڪ چوريءَ پاڻ سان گڏ وٺي ويندا هيا.
واشنگٽن پوسٽ مطابق، هن پنهنجي ڪتابن ۽ انٽرويوز ۾ آمريڪي صدرن ۽ سندن خاندان جي ڀاتين جي پسنديده سويٽ ڊشز يعني مٺن کاڌن جي ذڪرڪيو، جيئن ته صدر جمي ڪارٽر جي فيملي کي پنير جا مختلف قسم، بصر، ڪيپرز ۽ اسٽرابيري جام سان مليل هڪ ڊش مٺي ۾ بي انتها پسند هئي، جيڪا رولينڊ جي لفظن ۾، هڪ اهڙي خفيه ريسيپي هئي جنهن کي ڪنهن چورائڻ جي ڪوشش نه ڪئي.
بل ڪنلٽن جي فيمليءَ کي ڪوڪا ڪولا جي ذائقي جي جيليءَ سان مٺي شئي جو عجيب ملاپ ڏاڍو ڀائيندو هو.
سندس مطابق، صدر رونلڊ ريگن کي چاڪليٽ ڏاڍو پسند هو. ليڪن سندس بيگم نينسي کيس چاڪليٽ سان ٺهيل مٺا کاڌا کائڻ نه ڏيندي هئي. جڏهن هوءَ شهر کان ٻاهر هوندي هئي ته هو صدر جي لاءِ چاڪليٽ مووس ٺاهنديو هو. هن ٻڌايو ته نينسي ريگن جي طرفان مٺي متعلق ڪا تنقيد نه اچڻ ئي سڀ کان وڌيڪ تعريف جوڳي ڳالهه هئي، ڇو ته کيس خوش ڪرڻ سولو ڪم نه هيو.
هڪ دفعو نيدرلينڊز جي ملڪه جي اعزاز ۾ رات جي ماني (عشائيه) جي لاءِ سندس تيار ڪيل ٽئي سويٽ ڊشز کي نينسي ريگن رد ڪيو ۽ وري ڊنر کان هڪ رات اڳ رولينڊ کي سڏائي انتهائي مخصوص هدايتون ڏنائين. يعني کنڊ مان تيار ڪيل اٺ انچ ويڪريون 14 ٽوڪريون، هر هڪ ۾ ڇهه ٽيولپ جا گل، ۽ انهن کي شربت ۽ ميون سان ڀريو وڃي.
رولينڊ جي بقول، هو نينسي جو ڪافي قدر ڪندو هو، ڇو ته سندس تنقيد کيس پنهنجي ڪم ۾ مهارت حاصل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
واشنگٽن پوسٽ سان هڪ دلچسپ واقعوشيئر ڪندي هن ٻڌايو ته پنهنجي ملازمت جي دوران هن صرف هڪ ڀيرو وائيٽ هائوس جو هڪ ضابطو ٽوڙيو. سندس بقول، وائيٽ هائوس ۾تحفي طور موڪليل سمورين کائڻ پيڻ جي شين کي سيڪيورٽيءَ جي سبب جي ڪري ضائع ڪيو ويندو آهي. ليڪن 1987 ۾ ان وقت جي سوويت يونين جي رهنما، ميخائيل گوباچوف صدر ريگن جو مهمان ٿيو. تحفي ۾ روسي ڪاروبار (مڇيءَ جي آنيءَ مان تيار ٿيندڙ مهانگي ڊش) جا ٻه وڏا ٽين جا دٻا پاڻ سان گڏ کڻي آيو. ليڪن وائيٽ هائوس جي قاعدن جي برعڪس، رولينڊ هڪ دٻو پنهنجي گهر کڻي وڃڻ جي لاءِ پاڻ وٽ رکيو ۽ ٻيو اتي موجود ٻئي شيف کي ڏئي ڇڏيو.
(هن خبر جو مواد ايسو سي ايٽڊ پريس ۽ واشنگٽن پوسٽ تان ورتو ويو آهي)