رسائی کے لنکس

آمريڪا ۾ عمران خان لاءِ حمايت حاصل ڪندڙ سياستدان آصف محمود ڪير آهي؟


ڊاڪٽر آصف محمود (فائيل فوٽو)
ڊاڪٽر آصف محمود (فائيل فوٽو)

پاڪستاني ڄائو آمريڪي سياستدان ڊاڪٽر آصف محمود گزريل ڪجھ وقت کان وٺي پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي حق ۾ آمريڪي سينيٽرن جي حمايت حاصل ڪندي ڏٺو ويو آهي.

آصف محمود آمريڪا جي سياست ۾ ته سرگرم رهيو آهي پر هاڻ ڪجهه عرصي کان وٺي آمريڪا ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي حق ۾ به سرگرم آهي. ان حوالي سان هو پنهنجي ٽوئيٽر اڪائونٽ ذريعي وڊيوز شيئر ڪندو رهيو آهي.

عمران خان ۽ آمريڪي ڪانگريس جي چئن ميمبرن وچ ۾ ٽيليفون تي رابطو ۽ هڪ اعليٰ سطحي آمريڪي وفد جو پاڪستان اچڻ به ڊاڪٽر آصف محمود جي ئي ڪاميابي آهي.

تمام گهٽ پاڪستاني ڊاڪٽر آصف محمود جي باري ۾ ڄاڻن ٿا. سندس ڪوششن کي ڏسڻ سان لڳي ٿو ته هو آمريڪا ۾ ويھي عمران خان جي لاءِ ڪا مهم هلائي رهيو آهي، پر ڊاڪٽر آصف پاڻ ان تاثر کي رد ڪري ٿو.

وائس آف آمريڪا کي ڏنل انٽرويو ۾ ڊاڪٽر آصف محمود چيو ته پاڪستان جي سمورين سياسي پارٽين سان سندس سٺا لاڳاپا آهن، هو ڪنهن هڪ پارٽي جي حمايت نٿو ڪري. سندس خيال آھي ته پاڪستاني عوام پنهنجي مستقبل جو فيصلو پاڻ ڪن ۽ اهو فيصلو انصاف ۽ ايمانداريءَ سان ٿئي.


ڊاڪٽر آصف محمود آمريڪي قانون سازن جو ڌيان ڏکڻ ايشيا ۾ انساني حقن ڏانھن ڇڪرائيندو رهيو آهي. 2019 ۾ هن ڀارتي انتظام هيٺ ڪشمير جي مسئلي تي آمريڪا جي ايوانِ نمائندگان ۾ پهرين ٻڌڻي منعقد ڪرائي ھئي.

ان حوالي سان سندس مدد ڪندڙن ۾ سڀني کان اڳيان ڊيموڪريٽ پارٽي جو ميمبر بريڊ شرمن هو. اهو بريڊ شرمن جنهن پاڪستان ۾ انساني حقن ۽ جمهوري آزادين بابت آمريڪي سيڪريٽري آف اسٽيٽ اينٽي بلنڪن کي خط لکيو هو، بعد ۾ خط جي وضاحت ڪندي هن وائس آف آمريڪا کي ٻڌايو ھو ته سندس خط لکڻ جو مقصد عمران خان جي حمايت ڪرڻ نه ھو.

ڊاڪٽر آصف محمود جي ڪيليفورنيا جي ڪانگريس مين بريڊ شرمن سان دوستي ڪافي پراڻي آهي. ان کان سواءِ ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ ۾ سندس لاڳاپن جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته 2022 جي مڊٽرم اليڪشن ۾ آمريڪي نائب صدر ڪاملا هيرس سندس حمايت ڪئي هئي.


انھن چونڊن ۾ ڊاڪٽر آصف محمود ڊيموڪريٽڪ پارٽي طرفان ڪيليفورنيا جي ھڪ ڊسٽرڪٽ مان آمريڪي نمائندن جي ايوان (هائوس آف ريپريزنٽيٽوز) لاءِ چونڊ وڙھي ھئي. ان ڊسٽرڪٽ ۾ مسلمان ووٽرن جو تعداد فقط ٻه سيڪڙو آهي، پر کيس اصل حمايت آمريڪي ووٽرن ۽ ڊونرز کان ملي ھئي.

ڊاڪٽر آصف محمود ان وقت وي او اي کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ چيو ته ھو ويهن سالن کان وڌيڪ عرصي کان ڏکڻ ڪيليفورنيا ۾ رهي رهيو آهي، جتان جي مسلم ڪميونٽي کيس سڃاڻي ٿي.

ڪانگريس جي سيٽ لاءِ 2022 جي چونڊن ۾ هو پنهنجي مخالف ريپبلڪن اميدوار ڪيم ينگ کان 32 هزار 53 ووٽن تان هارائي ويو ھو، پر چونڊ مهم دوران پاڪستاني آمريڪن ڪميونٽي سندس ڀرپور حمايت ڪئي. سندس فنڊ ريزنگ ۾ پاڪستاني آمريڪن ڪميونٽي جو 30 سيڪڙو حصو ھيو.

ان کان اڳ 2018 ۾ هو ڪيليفورنيا جي ڪمشنر آف انشورنس جي عھدي لاءِ چونڊ ۾ بيٺو هو پر کيس رڳو 13 سيڪڙو ووٽ مليا. 2017 ۾ هن ڪيليفورنيا جي ليفٽيننٽ گورنر جي عهدي لاءِ اليڪشن وڙهيو پر ڪاميابي نه ماڻي سگهيو.

ڊاڪٽر آصف محمود جو تعلق پاڪستان جي صوبي پنجاب جي ھڪ ننڍڙي شهر کھاريان سان آهي. کيس ٻه پٽ ۽ هڪ ڌيءَ آهي. هن ميڊيسن جي شعبي جي تعليم سنڌ ميڊيڪل ڪاليج ڪراچي مان حاصل ڪئي ھئي، جنهن کانپوءِ ميڊيڪل ريزيڊينسي جي لاءِ ھو آمريڪا جي رياست ڪينٽڪي آيو.

گذريل چوويهن سالن کان ھو ڏکڻ ڪيليفورنيا ۾ پلمونولوجسٽ طور پريڪٽس ڪندو پيو اچي. سندس چوڻ آهي ته طب جي شعبي کان سياست جي ميدان ۾ اچڻ جو خيال کيس ان ڪري آيو ڇو ته هو مريضن جي مسئلن کان واقف هو، ۽ پاڻ پرڏيھي ھئڻ جي حيثيت ۾ اھڙن ٻين ماڻهن جي مسئلن لاءِ به ڪجهه نه ڪجھ ڪرڻ چاهيندو ھو.

سندس چوڻ هو ته ”آئون ڏکڻ ايشيا ۽ خاص طور پاڪستان ۽ ڀارت ۾ انساني حقن، صحافت جي آزادي ۽ اقليتن سان ٿيندڙ ناانصافين خلاف آواز اٿاريندو رهندس".

ڊاڪٽر آصف محمود جو چوڻ هو ته سندس تعلق پاڪستان سان آهي تنھن ڪري هو پاڪستان ۾ جمهوريت ڏسڻ چاهي ٿو ته جيئن پاڪستان ترقي ڪري سگهي.

XS
SM
MD
LG