عالمي اداره صحت (ڊبليو ايڇ او) مطابق گزريل هفتي دوران ڪووڊ 19 جا 41 لکن کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿيا، جنهن کان پوءِ ڪرونا وائرس جي نون ڪيسن جي تعداد ۾ 18 في صد اضافو ڏٺو ويو.
ايسوسي ايٽڊ پريس مطابق، اقوام متحده جي صحت جي اداري وبائي مرضن جي باري ۾ پنهنجي هفتي وار رپورٽ ۾ چيو آهي ته سموري دنيا ۾ هن وائرس جي ڪري فوت ٿيڻ جو تعداد پوئين هفتي وانگر ئي رهيو. مشرق وسطي، ايشيا جو ڏاکڻون ءِ اوڀر وارو علاقو ۽ آمريڪا ۾ ڪووڊ 19 جي ڪري فوت ٿيڻ جو تعداد وڌي تقريبن ساڍا اٺ هزار ٿي ويو آهي.
جاري ڪيل تازيءَ رپورٽ مطابق، ڪووڊ 19 جي نون ڪيسز ۾ سب کان وڏو اضافو، 47 في صد، مشرق وسطي ۾ڏٺو ويو. ڊبليو ايڇ او ٻڌايو آهي ته يورپ ۽ ايشيا جو ڏاکڻين ۽ اوڀرئين علاقي ۾ 32 في صد ۽ آمريڪا ۾ تقريبا 14 في صد اضافو آيو.
ڊبليو ايڇ او جي ڊائريڪٽر جنرل ٽينڊرس ٻڌايو آهي ته دنيا جي 110 ملڪن ۾ وبا جي ڪيسز ۾ واڌ آئي آهي، جنهن ۾ زياده تر اوميڪرون جا بي اي 5 ۽ بي اي 4 جا ويرئنٽس شامل آهن.
هفته وار بريفنگ ۾ هن چيو ته وبائي بيماري تبديل ٿي رهي آهي ليڪن ختم ڪو نه ٿي آهي.
هن ٻڌايو ته انفيڪشن جي نگراني ۽ جينياتي تبديليءَ جي معلومات رکڻ جي ڪوششن ۾ ڪنهن حد تائين سستيءَ کان ڪم ورتو ويو، جڏهن ته تحقيق ڪرڻ وارن کي هميشه خبردار رهڻ کپي. هن چيو ته جيڪڏهن خيال نه ڪيو ويو ته بيماريءَ جي نون ۽ ممڪن طور تي وڌيڪ هاڃيڪار قسمن جو پتو لڳائڻ ۾ دير ٿي ويندي.
ٽينڊرس چيو ته عالمي سطح تي 1.2 ارب کان وڌيڪ ماڻهن کي ويڪسين لڳائي وئي آهي، ليڪن غريب ملڪن ۾ ويڪسين لڳڻ جي شرح 13 في صد آهي جيڪا ڳالهه اطمينان جوڳي ڪانهي.