ڀارتي رياست پنجاب جي علائقي ڀٽنڊا ۾ ھڪ فوجي اسٽيشن اندر چئن اهلڪارن جي قتل جي ڳُجھ تان آخر پردو ھٽي ويو. پوليس جو چوڻ آھي ته فوجين تي فائرنگ ڪندڙ سندن ئي ھڪ ساٿي آفيسر ھو جنھن کي گرفتار ڪيو ويو آھي.
ڀارتي نشرياتي اداري ’ٽائمز آف انڊيا’ جي رپورٽ موجب پنجاب پوليس ۽ فوجي آفيسرن ٻڌايو آهي ته فوجي اسٽيشن ۾ فائرنگ ڪندڙ هڪ فوجي اھلڪار ئي هو، جنهن جي سڃاڻپ ڊيسائي موهن جي نالي سان ٿي آهي.
جوابدار کي واقعي جي پنجن ڏينهن کانپوءِ حراست ۾ ورتو ويو آهي.
پوليس ۽ فوج پاران جاري ڪيل بيان موجب جوابدار فوجي اسٽيشن ۾ سيڪيورٽي گارڊ جي ڊيوٽي ڪندو هو. ھن 12 اپريل تي پنهنجي چئن ساٿين تي ان وقت فائرنگ ڪئي جڏهن هو ننڊ ۾ ستل هيا.
مارجي ويل فوجين ۾ آرٽلري ڊويزن جا اهلڪار يوگيش ڪمار، ساگر باني، ڪمليش ۽ سنتوش نگارال شامل هئا آھن. سندن عمريون 24 کان 25 سالن جي وچ ۾ آهن.
پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته جوابدار ذاتي ناراضگي جي نتيجي ۾ پنھنجن ساٿين کي قتل ڪيو، پر پوليس ان ناراضگي يا دشمني جا وڌيڪ تفصيل نه ٻڌايا آھن.
ٽائمز آف انڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته ڊيسائي موهن کي مبينه طور جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻايو ويو، جنهن جو هُو بدلو وٺڻ چاهيندو ھو.
پنجاب پوليس موجب واقعي جو ڪيس داخل ٿيڻ کانپوءِ جوابدار پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائيندي دعويٰ ڪئي ته واقعي واري ڏينهن هُن آرمي بيرڪ ۾ ماسڪ پاتل ٻن ڄڻن کي ڏٺو ھو جن وٽ بندوق ۽ ڪهاڙي هئي.
پوليس جي ايس ايس پي ڀٽنڊا، گلنيت سنگهه ۽ فوج جي ڪرنل انيميش صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته جوابدار ديسائي موهن جاچ اختيارين کي هڪ ڪهاڻي گھڙي ٻڌايو ته حملي وقت هُن بيرڪ ۾ ڪڙتو پاجامو پاتل ٻه ڄڻا ڏٺا هيا.
پوليس موجب واقعي جي شروعاتي جانچ دوران ئي ان ڳالهه جي پڪ ٿي وئي هئي ته ھي ڪو دھشتگردي وارو حملو ناھي پر اندروني ڪاروائي آهي، جنهن بعد موهن سميت 10 اهلڪارن کان پڇا ڳاڇا ڪئي وئي.
پوليس جو چوڻ آهي ته پڇا ڳاڇا دوران موهن ٻه ڀيرا پنهنجو بيان تبديل ڪيو، ۽ پوءِ نيٺ پنهنجن ساٿي اهلڪارن کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو.
پوليس موجب موهن تي واقعي کان ٽي ڏينهن اڳ ھڪ رائفل ۽ 28 گوليون چوري ڪرڻ جو به الزام آهي. ٻه ڏينھن ھٿيار لڪائڻ کان پوءِ 12 اپريل تي صبح جو پوڻي پنجين وڳي هن پنهنجن ساٿين تي فائرنگ ڪئي.
پوليس موجب واقعي واري هنڌان 19 گولين جا خول مليا. جوابدار جو موبائل فون پڻ قبضي ۾ ڪري فرانزڪ رپورٽ لاءِ موڪليو ويو آھي.