عالمي اقتصادي اداري، ’ورلڊ اڪنامڪ فورم’ ان ڳالهه تي ڳڻتي۽ جو اظهار ڪيو آهي ته 2025 تائين پاڪستان کي درپيش 10 وڏن خطرن منجهان سڀ کان وڏو خطرو خوراڪ جي اڻاٺ هوندو، جڏهن ته ملڪ کا هاڻي به ڊيفالٽ جو خطرو آهي.
ورلڊ اڪنامڪ فورم پنهنجي ’گلوبل رسڪس 2023 رپورٽ’ ۾ ٻڌايو آهي ته ڊيفالٽ کن منهن ڏيڻ وارا ٻئي ملڪ ارجنٽينا، تيونس، گهانا، ڪينيا، مصر ۽ ترڪي آهن.
تجزيه ڪارن جو چوڻ آهي ته پاڪستان انهن خطرن کي سامهون رکندي پنهنجيون پاليسيون ۽ ترجيحون جوڙيون. ليڪن تڏهن به پاڪستان جي لاءَ خطرو بدستور موجود آهي.
ماهرن چيو آهي ته اقتصادي ميدان ۾ پاڪستان بحراني ڪيفيت مان گزري رهيو آهي ۽ ايندڙ وقت ۾ ان ۾ شدت اچڻ جو خطرو آهي. ليڪن ان جي باوجود پاڪستان جي لاءِ ان بحران مان نڪرڻ جي لاءِ هاڻي تائين ڪو ’روڊ ميپ’ سامهون نه آيو آهي.
گلوبل رسڪ رپورٽ 2023 ۾ سائبر سيڪيورٽي، دهشت گرد حملا، مهانگائي ۽ معاشي بحران سيمت پاڪستان کي اڳين ٻن سالن ۾ پيش ايندڙ 10 وڏن خطرن جو ذڪر ڪيو ويو آهي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان، ڀارت ۽ افغانستان سميت خطي جي ٻين ملڪن کي درپيش علائقائي تنازعن ۾ پاڻيءَ جي انفرا اسٽرڪچر کي هٿيار يا هدف جي طور تي استعمال ڪرڻ جو امڪان آهي. فورم علائقائي ۽ ماحولياتي خطرن کي به رسڪ قرار ڏنو آهي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ اقتصادي ترقيءَ جي رفتار گهٽ ٿيڻ ۽ افراط زر جي ڪري شين جا اگهه وڌيا آهن، جنهن جي ڪري لکين ماڻهو بک جا شڪار ٿيا آهن. خطي ۾ موجود ٻين ملڪن پاڻيءَ جي وسيلن کي پاڪستان جي خلاف علائقائي تنازعي ۾ بطور هٿيار استعمال ڪري سگهن ٿا.
ڊيٽا چوري، سائبر جاسوسي سميت ڊجيٽل سيڪٽر ۾ اجاره دار ۽ قرضن جو بحران به ڏهن وڏن خطرن جي فهرست ۾ شامل آهي.
(عاصم علي رانا جي رپورٽ)