رسائی کے لنکس

شنزو آبي جي هلاڪت تي عالمي سربراهن جي طرفان ڏک ۽ افسوس جو اظهار


آنجهاني شنزو آبي لاءِ خراج عقيدت
آنجهاني شنزو آبي لاءِ خراج عقيدت

انتخابي مهم دوران جمعي ڏينهن جاپان جي وزيراعظم شنزو آبي تي قاتلانه حملي ۽ هلاڪت جي دکدائڪ واقعي تي دنيا جي ڪيترن ئي سربراهن ڏک ۽ حيرانيءَ جو اظهار ڪيو آهي.

آمريڪي صدر جو بائيڊن سوڳوار خاندان سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. هڪ بيان ۾، بائيڊن چيو ته جاپان کان سواءِ سندس سڀني چاهيندڙن لاءِ هيءَ هڪ دکدائڪ واقعو آهي.

بائيڊن آبي سان پنهنجي ذاتي تعلق جي واکاڻ ڪندي چيو ته مون کي وزير اعظم شنزو آبي سان گڏ ڪم ڪرڻ جو قريبي موقعو مليو. نائب صدر جي حيثيت ۾ مان هن سان ٽوڪيو ۾ ملاقات ڪئي ۽ واشنگٽن ۾سندس آڌرڀاءُ ڪيو. هو اسان ٻنهين قومن جي اتحاد ۽ ٻنهين عوام درميان دوستيءَ جو چمپئن هو.

هن چيو ته وزير اعظم وڏي عرصي تائين جاپان جي قيادت ڪئي ۽ هو انڊو پيسفڪ خطي کي آزاد ۽ کليل رکڻ جي سوچ جو مالڪ هيو.

صدر بائيڊن سفارت خاني ۾ رکيل تعزيتي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثرات ريڪارڊ ڪرائيندي
صدر بائيڊن سفارت خاني ۾ رکيل تعزيتي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثرات ريڪارڊ ڪرائيندي

بائيڊن چيو ته سڀ کان وڏي ڳالهه اها آهي ته کيس جاپاني عوام جي ڀلي جو درد هيو ۽ هن عوام جي خدمت لاءِ پنهنجي زندگي وقف ڪري ڇڏي هئي. آمريڪي صدر چيو ته سندس دکدائڪ هلاڪت جو ٻڌي هن آنجهانيءَ جي تعظيم ۾ آمريڪا جو قومي جهنڊو اڌ لٺ تي رکڻ جو حڪم ڏنو آهي.

آمريڪي وزير خارجه اينٽني بلنڪن هڪ بيان جاري ڪندي چيو آهي ته وزيراعظم آبي هڪ عالمي ليڊر ۽ آمريڪا جو ٺوس ساٿي ۽ دوست هيو.

هڪ بيان ۾ سابق آمريڪي صدر براڪ اوباما چيو آهي ته شنزو آبي پنهنجي ملڪ سان سچو هو ۽ گڏوگڏ آمريڪا جو پختو اتحادي ۽ دوست هيو، انڊو پيسفڪ خطي ۾ آزاد پاليسيءَ جي نصب العين جي لاءِ ڪم ڪندو رهيو ۽ هن اسان جي اتحاد ۽ تعاون کي اعلي سطح تائين پهچايو.

هوڏانهن عالمي اداري جي سيڪريٽري جنرل، اينٽونيو گئيٽرس جي ترجمان جمعي ڏينهن هڪ بيان ۾ شنزو آبي کي خراج عقيدت پيش ڪئي آهي.

شنزو آبي (فائيل فوٽو)
شنزو آبي (فائيل فوٽو)

ايڪويهينءَ صديءَ ۾ جاپان جي سياسي منظرنامي تي ڇايل رهڻ واري شنزو آبي نه صرف جاپاني معيشت کي ازسرنو مربوط ڪيو بلڪه جاپان ۾ ڪيتريون ئي اصلاحات متعارف ڪرايون. جاپان جي لبرل پارٽيءَ سان تعلق رکڻ واري شنزو آبي جاپان تي ڊگهي ترين عرصي تائين حڪومت ڪرڻ وارو سياست دان هيو. هو 2006 ۾ هڪ سال لاءِ جڏهن ته 2012 کان 2020 تائين هن منصب تي فائز رهيو ۽ ان دوران سامهون اچڻ وارن چيلنجن جو مهنهن ڏنو.

شنزو آبي 52 ورهن جا هيا جڏهن 2006 ۾هو پهريون ڀيرو وزارت عظمي جي منصب تي فائز ٿيا. هو ٻي مهاڀاري لڙائيءَ کان پوءِ جاپان جي وزيراعظم بنجڻ وارا سڀني کان گهٽ عمر سياست دان هيا.

کين جاپان جي سياست ۾ تبديليءَ جي علامت سمجهيو ويندو آهي، جڏهن ته نوجوان طبقي ۾هو ڪافي مقبول هيا. هو سال 1954 ۾ جاپان جي هڪ قدامت پسند ۽ وڏي گهراڻي ۾ پيدا ٿيا. سال 2006 ۾ وزير اعظم جي ڪرسي سندس مشڪلات جو باعث بڻي، جڏهن هر روز ڪو نه ڪو اسڪينڊل سامهون ايندو رهيو. پارٽيءَ سان اختلافات جي ڪري کيس هڪ سال کان پوءِ استعفي ڏيڻي پئي.

هڪ ٽوئيٽ ۾ برطانيه جي ملڪه ايلزبيٿ پنهنجي پاران تعزيت جو پيغام جاري ڪيو آهي.

ان کان علاوه پاڪستان سميت جن ٻين عالمي رهنمائن آبي جي هلاڪت جي تعزيت ڪئي آهي انهن ۾ ڪيناڊا، جرمني، سويڊن، فلپائن، آسٽريليا، اسپين، فرانس ۽ اٽليءَ جاسربراه شامل آهن.

XS
SM
MD
LG