رسائی کے لنکس

دنيا جي آبادي اٺ ارب ٿي وئي، زمين تي ڪيترا انسان رهي سگهن ٿا؟


اله آباد، ڀارت ۾ گنگا ڪناري انسانن جو ميڙ (فائيل فوٽو)
اله آباد، ڀارت ۾ گنگا ڪناري انسانن جو ميڙ (فائيل فوٽو)

اڱاري ڏينهن دنيا جي ڪنهن ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڪو ٻار ڄائو هوندو جنهن جي ڄمڻ سان ئي ڌرتيءَ جي انساني آبادي اٺ ارب ٿي وئي. ان مان ڪيترا ئي سوال جنم وٺن ٿا، ڇو ته اهو انگ عام رواجي ڪونهي. انساني آباديءَ جو هي انگ ڌرتيءَ جي بقا جي ڊگهي سفر جي پيڙهه جو پٿر آهي اتي انساني نسل ۽ زمين جي مستقبل متعلق ڪيترائي سوال اڌمون کائن ٿا.

گڏيل قومن جي اداري مطابق دنيا جي آبادي هاڻي اٺ ارب جو انگ ٽپي وئي آهي. ان موقعي جي مناسبت سان اقوام متحده جي سيڪريٽري جنرل پنهنجي سنيهي ۾ ان کي ’’اهم بنيادي پٿر’’ قرار ڏيندي چيو آهي ته ترقي ۽ ڏاهپ سان اسان کي هن پولار بابت ذمي داريءَ جي احساس کي به سامهون رکڻ گهرجي.

اداري مطابق طب، عام صحت ۽ انساني ڀلائيءَ جي شعبن ۾ ترقيءَ جي سبب انسانن جي سراسري عمر ۽ حياتي گزارڻ جي انداز ۾ بهتري آئي آهي. اهو ئي سبب آهي جو گزريل ٻن صدين دوران انسانن جي آبادي ان رفتار سان وڌي آهي جنهن جو هزار سالن جي تاريخ ۾ ڪو مثال نه ٿو ملي. ليڪن، ان تيز رفتار واڌ جي شرح ڪيترن ئي خطن جي لاءِ مسئلا کڙا ڪيا آهن.

گڏيل قومن جي اداري چيو آهي ته آفريقا سميت دنيا جي غريب ترين خطن ۾ آدم شماريءَ ۾ واڌ جي شرح ۾ اضافي جي ڪري ترقيءَ جي اهداف حاصل ڪرڻ ۾ رنڊڪون پيش اچي رهيون آهن.

ليڪن انساني آباديءَ ۾ واڌ جو سوال رڳو ڪنهن خاص خطي جي لاءِ اهم ناهي، ان کي زمين جي گولي تي ميسر سمورن مجموعي وسيلن جي ڪافي يا ناڪافي هئڻ جهڙن خطرن جي ڪري وڏي اهميت حاصل آهي.

انگن اکرن موجب، پاڪستان، مصر، فلپين ۽ ڀارت ۾ انساني آبادي تيزيءَ سان وڌي رهي آهي، جڏهن ته ايندڙ سال ڀارت چين جي آدم شماريءَ کان اڳتي وڌي ويندو.

آخر زمين ڪيترو ٻوجهه کڻي سگهي ٿي؟

انساني آباديءَ ۾ واڌ سان گڏوگڏ هن سوال جي اهميت به وڌندي پئي وڃي ته زمين ڪيترن انسانن جو ٻوجهه کڻي سگهي ٿي؟ ماهرن جي چوڻ مطابق، انساني آباديءَ ۾ واڌ جي ڪري سڀ کان وڏو مسئلو هي آهي ته امير ترين طبقا هن زمين جي گولي تي ميسر وسيلن جو بي درديءَ سان استعمال ڪري رهيا آهن.

گڏيل قومن جي اداري جي ’پاپوليشن فنڊ’ جي اڳواڻ، نتاليا ڪينم چيو آهي ته ڪجهه ماڻهو ان انديشي جو اظهار ڪن ٿا ته دنيا جي آبادي بي قابو ٿي چڪي آهي. سندس بقول، صرف انسانن جي وڌندڙ تعداد کي بنياد بڻائي پريشاني نه پالڻ گهرجي.

خبرن جي اداري، اي ايف پيءَ جي هڪ رپورٽ جي مطابق، راڪ فيلر يونيورسٽيءَ جي ’ليباريٽري آف پاپوليشن’ سان تعلق رکڻ واري جوئيل ڪوهن چيو آهي ته اهو سوال ته زمين ڪيترن انسانن جو بار کڻي سگهي ٿي، ان جا ٻه جواب ٿي سگهن ٿا. ان جي هڪ فطري حد آهي ۽ ٻئي جو انحصار انسانن تي آهي.

هن چيو ته اسان اهو رستو اختيار ڪيو آهي جنهن ۾ اسان هن سياري جي فطري وسيلن مثلا جهنگ، جهر، زمين وغيره جو بي درديءَ سان استعمال ڪري رهيا آهيون. ليڪن، هي اهي وسيلا آهن جن کي ڌرتي ٻيهر پيدا ڪري سگهي ٿي.

اهڙيءَ ريت، معدني ٻارڻ يعني تيل ۽ ڪوئلي جي حد کان گهڻي استعمال جي ڪري ڪاربن ڊائي آڪسائيڊ جو اخراج وڌي رهيو آهي جيڪو دنيا ۾ تپش جي وڌندڙ درجي جو سبب بڻجي ٿو.

ماحولياتي تبديلين جي ڪري زمين جي پنهنجي وسيلن کي ٻيهر پيدا ڪرڻ جي صلاحيت متاثر ٿي رهي آهي. ان جي ڪري، زمين ڪيتري انساني آباديءَ جي لاءِ سامان فراهم ڪري سگهي ٿي؟ ان جي ڪنجي به انسان جي پنهنجي هٿ ۾ آهي ته هو هن زميني گولي کي ڪيترو محفوظ بڻائي ٿو جيڪو هاڻي تائين اڻ کٽ پولار ۾ سندس اڪيلي پناه گاه آهي.

ڪوهن جي لفظن ۾، انسان ڪوتاه ذهن آهي. اسان بصيرت کان عاري آهيون. اسان پاڻ وٽ موجود معلومات کي استعمال نه ٿا ڪريون. اسان ڄاڻڻ جي ڪوشش نه ٿا ڪيون ته اسان جو انتخاب ڇا آهي ۽ مسئلا ڪٿي پيدا ٿي رهيا آهن.

پر، هن ان تصور کي مسترد ڪيو ته انسان جو وڌندڙ تعداد زمين لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿي رهيو آهي. سندس خيال ۾ وڌيڪ اهم ڳالهه اها آهي ته ماڻهن جي روز مرهه زندگيءَ جي لاءِ بهتر ذريعا فراهم ڪيا وڃن.

ڇا انساني آبادي 10 ارب جو انگ ٽپي ويندي؟

دنيا جي انساني آبادي 1950 ۾ اڍائي ارب هئي جنهن ۾ ٽي ڀيرا تيزيءَ سان واڌ آئي آهي.

گڏيل قومن جي پاپوليشن فنڊ مطابق، دنيا جي آباديءَ ۾ اضافي جي شرح ۾ ڊرامائي واڌ 1960 ۾ ڏٺي وئي، ليڪن ان ۾ رفته رفته ڪمي اچي رهي آهي. سال 1962 کان 1965 جي دوران انساني آباديءَ ۾اضافي جي سالياني شرح 2.1 في صد هئي جيڪا 2020 ۾ هڪ في صد تي وڃي پهتي.

گڏيل قومن جي اداري مطابق واڌ جي اها شرح 2050 ۾ اعشاريه پنج في صد تائين گهٽجي وڃڻ جي توقع آهي. عالمي اداري جي مطابق، دنيا جي آبادي 2030 تائين ساڍا اٺ ارب، 2050 تائين 9.7 ارب ۽ 2080 جي ڏهاڪي تائين 10.4 ارب تائين پهچي سگهي ٿي. انساني آباديءَ جي انگن اکرن تي ڪم ڪرڻ وارن ٻين ادارن ۽ تنظيمن جا اندازا گڏيل قومن جي اداري کان مختلف آهن.

آمريڪا ۾ قائم اداري، ’انسٽي ٽيوٽ آف هيلٿ ميٽرڪس اينڊ اولوشن’ (آئي ايڇ ام اي) جي 2020 ۾ مرتب ڪيل رپورٽ مطابق، 2064 تائين عالمي انساني آبادي پنهنجي بلند ترين سطح تي پهچي ويندي، ليڪن 10 ارب جو انگ نه ٽپندي.

ٻن سو سالن ۾ هڪ ارب مان اٺ ارب

آفريقا ۾ 20 لک سال پهريان ابتدائي انسانن جي دنيا ۾ اچڻ کان پوءِ جي تاريخ جي مختلف دورن ۾ انساني آباديءَ ڪيتري ئي گهٽ وڌائي ڏٺي آهي. اسان جا آڳاٽي دور جا وڏڙا شڪار ڪري پنهنجو قوت گزران ڪندا هيا. اهو انسانن جي خانه بدوشيءَ جو دور هو ۽ ان دور ۾ انساني پيدائش جي شرح به تمام گهٽ هئي.

لڳ ڀڳ 10 هزار قبل مسيح ۾ زراعت جي آغاز کان پوءِ انساني آباديءَ ۾ وڏي واڌ آئي. زراعت سان گڏ انسانن اناج ڪٺي ڪرڻ جا طريقا به ڳولهي لڌا. خوراڪ جي ان سولي دستيابيءَ کان پوءِ انساني پيدائش جي شرح تي به مثبت اثر پيو.

’فرينچ انسٽي ٽيوٽ فور ڊيموگرافڪ اسٽڊيز’ جي مطابق، 10 هزار قبل مسيح ۾ انسان جي آبادي لڳ ڀڳ 60 لک هوندي. ليڪن بعد وارن اٺ هزار ورهن دوران 10 ڪروڙ تائين پهچي وئي. ان کان پوءِ پهرين صدي عيسويءَ تائين ايندي ايندي دنيا جي آبادي تقريبا 43 ڪروڙ کان گهٽجي 37 ڪروڙ ٿي وئي.

اهڙيءَ ريت، دنيا جي پهرين طاعون جي وبا ’جسٽينئن پليگ’ ۾ به وڏي پيماني تي موت واقع ٿيو، جنهن جي ڪري انساني آباديءَ ۾ واڌ جي شرح ۾ ڪمي آئي. دنيا جي مختلف خطن ۾ اچڻ وارين وبائن، قحط ۽ قدرتي آفتن جي ڪري وڏي پيماني تي موت جي سبب به انساني آباديءَ جي شرح ۾ ڪمي آئي.

ليڪن اڻويهين صديءَ ۾ طب جي ميدان ۾ اچڻ واريءَ جدت، زراعت سان گڏ وڏي پيماني تي صنعتن کلڻ ۽ بين الاقوامي واپار جي وڌڻ جي سلسلي ۽ معاشي حالتن ۾ بهتريءَ جي ڪري انساني آبادي تيزيءَ سان وڌي.

انهن ئي محرڪات جي ڪري 1800 کان پوِءِ انساني آباديءَ ۾ اٺ ڀيرا واڌ آئي ۽ رڳو 200 سالن ۾ دنيا جي آبادي هڪ ارب منجهان اٺ ارب ٿي وئي.

(هن خبر ۾ شامل معلومات خبرن جي اداري اي ايف پيءَ تان ورتي وئي آهي)

XS
SM
MD
LG