بين الاقوامي مالياتي اداري (آئي ايم ايف) جي سربراه، ڪرسٽالينا جارجيوا چيو آهي ته گهڻن ئي عالمي معيشتن جي لاءِ سال 2023 ڏکيو ترين سال هوندو، ڇو ته واڌ جي عالمي شرح جي اهم عنصرن يعني آمريڪا، يورپ ۽ چين کي ڪمزور اقتصادي سرگرميون آڏو آهن.
آئي ايم ايف جي انتظامي اڳواڻ، ڪرسٽالينا جارجيوا آمريڪي نيوز چينل ’سي اين اين’ کي آچر ڏينهن ٻڌايو ته نئون سال پوري ٿيڻ واري سال کان وڌيڪ مشڪل هوندو، ڇو ته ترقيءَ جي ٽنهين وڏن مرڪزن کي اقتصادي سست روي درپيش آهي.
گزريل سال آڪٽوبر ۾ آئي ايم ايف 2023 جي عالمي اقتصادي اوسر جي پيشن گوئيءَ ۾ ڪميءَ جو اعلان ڪيو هو. عالمي اداري جي اقتصادي صورت حال ان دٻاءَ کي ظاهر ڪري ٿي جيڪو يوڪرين ۾ جنگ، افراط زر ۽ آمريڪي فيڊرل رزور جهڙن مرڪزي بينڪن جي طرف کان وياج جي شرح ۾ مهانگائيءَ کي قابو ڪرڻ جي غرض سان ڪيل اضافي جي ڪري اقتصادي اوسر تي اثرانداز ٿي رهيو آهي.
آئي ايم ايف جي اڳ ڪٿيءَ ۾ ڪميءَ کان پوءِ چين ’زيرو ڪووڊ’ پاليسيءَ کي ختم ڪري ڇڏيو آهي ۽ پنهنجي معيشت کي ٻيهر کولڻ جي شروعات ڪئي آهي، ليڪن چين جا صارفين ڪرونا وائرس جي ڪيسن ۾ واڌ جي ڪري محتاط نظر اچن ٿا.
پاليسيءَ ۾ تبديليءَ کان پوءِ پهريون ڀيرو عوامي سطح تي تبصرو ڪندي ڇنڇر ڏينهن نئين سال جي خطاب ۾ چين جي صدر شي جن پنگ وڌيڪ ڪوششون ڪرڻ ۽ اتحاد تي زور ڏنو آهي.
آئي ايم ايف جي سربراه جارجيوا انٽرويو ۾ چيو ته 40 سالن ۾ پهريون دفعو امڪان آهي ته سنه 2022 ۾ چين جي ترقي عالمي اوسر جي برابر يا ان کان گهٽ رهي آهي.
هن وڌيڪ چيو ته چين ۾ ايندڙ مهينن دوران ڪرونا وائرس جي متوقع ’بش فائر’ يعني تيزي سان ڦهلجڻ جي حالت هن سال جي معيشت وڌيڪ متاثر ڪري سگهي ٿي ۽ علائقائي ۽ عالمي ترقي ٻنهين تي منفي اثر مرتب ڪري سگهي ٿي.
هن چيو ته هوءَ گزريل هفتي چين ۾ هيون. ليڪن ان شهر ۾ ترسيون جتي ڪرونا جو ڪو ڪيس نه هيو. ليڪن هڪ ڀيري جڏهن ماڻهو سفر ڪرڻ شروع ڪندا ته اها صورت نه رهندي.
جارجيوا جي لفظن ۾، ايندڙ ٻه مهينا چين جي لاءِ ڏکيا هوندا، چيني ترقيءَ تي منفي اثر مرتب ٿيندا، جڏهن ته عالمي ترقيءَ جي لاءِ به سٺو اثر نه پوندو.
آمريڪي معيشت سڀني کان وڌيڪ لچڪدار
جارجيوا چيو ته آمريڪي معيشت ٻين معيشتن جي مقابلي ۾ مختلف آهي ۽ ٿي سگهي ٿو ته معاشي دٻاءَ کان بچڻ لاءِ جنهن جي ڪري دنيا جي چوٿين حصي جي برابر معيشن کي نقصان پهچڻ جو خطرو آهي.
هن چيو ته آمريڪا جي معيشت سڀني کان وڌيڪ لچڪدار آهي ۽ اها ڪساد بازاريءَ کان بچي ويندي. اسان ڏسون پيا ته آمريڪا جو ليبر مارڪيٽ ڪافي مضبوط آهي.
ليڪن آمريڪي معيشت جي اها حقيقت پنهنجي طور تي هڪ خطرو به پيش ڪري ٿي. آمريڪا ۾ گزريل سال مهانگائي جي شرح پوين چئن ڏهاڪن جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي هئي، جنهن کي واپس پنهنجي سطح تي آڻڻ لاءِ مرڪزي بينڪ فيڊرل رزور جي ڪوششن ۾ رڪاوٽ وجهي سگهي ٿي.
نئين سال جي پهرئين هفتي ۾ آمريڪا ۾ روزگار جي محاذ تي اهم انگ اکر جاري ڪيا ويا آهن. انهن ۾ ماهانه ’نان فارم پي رولز’ جي رپورٽ به شامل هوندي جيڪا متوقع طور تي ظاهر ڪندي ته آمريڪي معيشت ڊسمبر ۾ وڌيڪ ٻه لک ملازمتن جا موقعا پيدا ڪندي ۽ بي روزگاريءَ جي سطح سنه 1960 کان پوءِ 3.7 في صد جي هيٺينءَ ترين سطح تي هوندي.
(هن خبر ۾ شامل معلومات رائيٽرز تان ورتي وئي آهي)