رسائی کے لنکس

توهان جو ساٿ ڏيڻ اعزاز آهي، بائيڊن جو زيلنسڪيءَ سان يڪجهتيءَ جو اظهار


دوري تي آيل يوڪرين جي صدر زيلنسڪيءَ جي وائٽ هائوس ۾ صدر جو بائيڊن سان ملاقات.
دوري تي آيل يوڪرين جي صدر زيلنسڪيءَ جي وائٽ هائوس ۾ صدر جو بائيڊن سان ملاقات.

يوڪرين جي صدر ولودومير زيلنسڪيءَ اربع ڏينهن وائيٽ هائوس جي دوري جي موقعي تي يوڪرين جي حمايت ڪرڻ تي صدر جو بائيڊن، آمريڪي قانون سازن ۽ آمريڪي عوام جو شڪريو ادا ڪيو.

صدر بائيڊن اوول آفيس ۾ ملاقات کان اڳ زيلنسڪي کي چيو ته يوڪرين جي ماڻهن جي دنيا کي هڪ تحرڪ سان سرفراز ڪيو آهي.

اخباري نمائندن سان مختصر گفتگو ۾ صدر بائيڊن صدر زيلنسڪي کي چيو ته ’’توهان جي حمايت ڪرڻ اعزاز کان گهٽ ڪونهي’’.

صدر بائيڊن صدر زيلنسڪيءَ کي يقين ڏياريو ته آمريڪا يوڪرين جي امداد جاري رکندو.

زيلنسڪي چيو ته هو ان کان اڳ آمريڪا جو دورو ڪرڻ گهري پيو ليڪن ائين نه ڪري سگهيو هو. هن چيو ته جنگ اڃان ختم نه ٿي آهي ۽ روس سان جنگ جي دوران سندس ملڪ کي گهڻا چيلنج درپيش آهن.

يوڪرين جو صدر ولودومير زيلنسڪي اربع ڏينهن آمريڪا جي دوري تي پهتو آهي. هو صدر بائيڊن سان سربراه اجلاس ڪندو ۽ ڪانگريس کي خطاب ڪندو. سندس هن دوري جو مقصد پنهنجي ملڪ جي لاءِ امداد ۾ واڌ جي التجا ڪرڻ ۽ روسي حملا آورن کي ٺوس پيغام ڏيڻ آهي.

هتي پهچڻ کان اڳ فروريءَ ۾ جنگ جي آغاز کان پوءِ پنهنجي پهرين غير ملڪي دوري جي باري ۾ ٽوئيٽ ۾ زيلنسڪيءَ چيو ته ان جو مقصد يوڪرين جي ٻيهر اڀرڻ جي قوت ۽ بچاءَ جي صلاحيتن کي مضبوط بنائڻ ۽ آمريڪا سان سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ آهي.

پروگرام مطابق، پنهنجي آمريڪا جي هم منصب صدر جو بائيڊن سان زيلنسڪيءَ جي ملاقات دوران ٻنهين ملڪن جي وچ ۾ سهڪار تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي.

هو آمريڪي ڪانگريس کي به خطاب ڪندو جنهن کان پوءِ هو ٻه طرفيون ملاقاتون به ڪندو.

ٻئي پاسي، آمريڪي ايوان نمائندگان جي نالي هڪ خط ۾ اسپيڪر نينسي پيلوسيءَ چيو آهي ته 117وين ڪانگريس جو انتهائي خاص اجلاس پڄاڻيءَ کي ويجهو آهي، جنهن ۾ آمريڪا جي عوام جي لاءِ پيش رفت سان گڏ جمهوريت ۽ آمريڪا سان تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ آهي.

XS
SM
MD
LG