عورتن جي حقن جي خلاف پاليسيون نافذ ڪرڻ تي گڏيل قومن جي اداري بين الحڪومتي ڪميشن منجهان ايران جي ميمبرشپ ختم ڪري ڇڏي آهي. ڪميشن جو مقصد عورتن کي بااختيار بنائڻ آهي.
آمريڪا ’ڪميشن آن دي اسٽيٽس آف وومين’ مان ايران جي رڪنيت خارج ڪرڻ جي تجويز ڏني هئي. اها تجويز ايران ۾ نوجوان مهسا امينيءَ جي پوليس جي حراست دوران مارجي وڃڻ ۽ ان کان پوءِ ملڪ ۾ ٿيڻ واري احتجاج تي ايراني حڪومت پاران ڪريڪ ڊائون کي نظر ۾ رکندي سامهون آئي هئي.
آمريڪا جي حمايت سان گڏيل قومن جي اداري جي 54 ميمرن جي اقتصادي ۽ سماجي ڪائونسل ۾ اربع ڏينهن اجلاس دوران قرارداد جي منظوري ڏني وئي.
هن قدم جي نتيجي ۾ هاڻي ايران 2022 کان 2026 تائين جي باقي مدت لاءِ عورتن جي حيثيت متعلق عالمي اداري جي ڪميشن ۾ شامل نه ٿي سگهندو.
قرارداد جي حق ۾ 29 جڏهن ته مخالفت ۾ 8 ووٽ وڌا ويا. مخالفت ڪرڻ وارن ملڪن ۾ روس ۽ چين به شامل هيا. ڪائونسل جا باقي ميمبر ووٽنگ جي دوران غير حاضر رهيا.
هن پيش رفت تي تبصرو ڪندي آمريڪا ۾ رهندڙ ايراني صحافي ۽ عورتن جي حقن جي ڪارڪن، مسيح علي نزاد سوشل ميڊيا تي بيان ڏيندي چيو ته اها ايران جي انقلابين جي فتح آهي جن کي بندوق ۽ گوليءَ جو مقابلو ڪرڻو پوي ٿو.
SEE ALSO: ايران مظاهرا: تهران جي عدالتن پاران 400 کي ٽيپ جي سزاايران جي اخلاقي پوليس جي حراست ۾ 22 ورهن جي ڪرد ايراني خاتون مهسا امينيءَ جي سيپٽمبر ۾ موت کان پوءِ ايران جي حڪومت کي ڪيترن ئي سالن کان پوءِ سڀ کان وڏو احتجاج درپيش رهيو آهي. ايران جي اخلاقي پوليس لباس جي سخت ضابطن کي نافذ ڪندي هئي، ليڪن احتجاج جي هن تازي ملڪ گير لهر کان پوءِ ان کي ختم ڪرڻ جو اعلان سامهون اچي چڪو آهي.
گڏيل قومن جي اداري ۾ آمريڪا جي سفير، لنڊا ٽامس گرين فيلڊ ان موقعي تي چيو ته ايران کي ڪائونسل مان ڪڍڻ صحيح قدم آهي.
خيال رهي ته ايران جي سفير امير سعيد ايرانيءَ قرارداد تي ووٽنگ کان اڳ خطاب ڪندي آمريڪا جي ان قدم کي غير قانوني قرار ڏنو هو.
هن چيو ته هي غير قانوني طرز عمل دوررس نتيجن سان گڏ خطرناڪ مثال به ٺهي سگهي ٿو.
قرارداد تي ووٽنگ کان اڳ ايران ۽ 17 ٻين رياستن ۽ فلسطيني ڪائونسل کي هڪ خط لکيو هو جنهن ۾ ميمبرن تي زور ڏنو ويو هو ته اهي خودمختيار ۽ جائز طريقي سان قائم رياستن کي بين الاقوامي نظام جي ڪنهن به اداري مان نڪرڻ جي نئين رجحان کان بچڻ لاءِ ايران کي ڪميشن منجهان خارج ڪرڻ جي حق ۾ ووٽ نه ڏين.
ان حوالي سان عالمي اداري جي ’انٽرنيشنل ڪرائسز گروپ’ جي ڊائريڪٽر رچرڊ گوون چيو آهي ته ڪيترن ملڪن جن ايران کي ڪڍڻ جي حمايت ڪئي هئي اهي به خانگي طور تي ڪنهن ميمبر کي ڪڍڻ جي هن مثال جي باري ۾ فڪرمند آهن.