خانيوال جي ويجهو سي ٽي ڊيءَ جي ٻن عمل دارن جي ٽارگيٽ ڪلنگ

فائيل فوٽو

پنجاب صوبي جي خانيوال شهر جي ويجهو دهشت گردن جي فائرنگ جي ڪري حساس اداري جا ٻه عمل دار مارجي ويا آهن. ڏکڻ پنجاب جي ايڊيشنل آئي جي شهزاد سلطان ٻڌايو آهي ته هلاڪ ٿيڻ وارن اهل ڪارن جو تعلق دهشت گرديءَ جي روڪٿام جي محڪمي سان هيو.

ابتدائي اطلاعن مطابق حساس اداري، ’ڪائونٽر ٽررزم ڊپارٽمنٽ’ (سي ٽي ڊي) جا ٻه عمل دار خانيوال جي هڪ هوٽل ۾ موجود هيا جتي هڪ شخص انهن سان ملڻ آيو ۽ انهن تي فائرنگ ڪئي. مارجي ويلن جي سڃاڻپ نويد صادق ۽ ناصر بٽ جي نالي سان ٿي آهي. واردات کان پوءِ خانيوال جو ڊسٽرڪٽ پوليس آفيسر ۽ ٻيا پوليس وارا موقعي تي پهچي ويا.

پوليس پاران جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته فائرنگ ڪرڻ وارو حمله آور فرار ٿي ويو آهي. ايڊيشنل آئي جي شهزاد سلطان جي مطابق، ٻئي آفيسر هوٽل ۾ کاڌو کائي رهيا هيا جنهن دوران انهن تي فائرنگ ڪئي وئي جنهن جي ڪري ٻئي آفيسر موقعي تي هلاڪ ٿيا. انهن ۾ ڊائريڪٽر سي ٽي ڊي ۽ انسپيڪٽر سي ٽي ڊي شامل هيا.

ايڊيشنل آئي جيءَ جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته قانوني نقطن کي سامهون رکندي پوليس قدم کڻي رهي آهي. واقعي جي تفتيش کان پوءِ وڌيڪ حقيقت سامهون ايندي ۽ ذمي دارن کي منطقي انجام تائين پهچايو ويندو.

SEE ALSO: قومي سلامتي ڪاميٽيءَ پاران بيان، هر قسم جي دهشت گرديءَ کي پاڙئون پٽي ڦٽو ڪيو ويندو

وائس آف آمريڪا ان سلسلي ۾ خانيوال جي سي ٽي ڊي جي کاتي جي عمل دارن سان رابطو ڪيو، ليڪن انهن ان باري ۾ ڪا ڳالهه ڪرڻ کان انڪار ڪيو. ليڪن، مڪاني ذريعن واقعي کي ٽارگيٽ ڪلنگ قرار ڏنو آهي.

معلومات جي مطابق مارجي ويل آفيسر نويد صادق کي سندس بهتر خدمتن جي عوض پاڪستان جي حڪومت پاران 2021 ۾ ستاره شجاعت جو تمغو ڏنو ويو هو.

پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهيءَ خانيوال جي ويجهو فائرنگ جي ڪري هلاڪ ٿيڻ جي واقعي تي افسوس جي اظهار ڪندي پوليس جي انسپيڪٽر جنرل کان رپورٽ گهري آهي.

وڏي وزير هدايت ڪئي آهي ته فائرنگ جي ذمي دارن کي جلد قانون جي گرفت ۾ آندو وڃي، جنهن لاءِ سمورا گهربل وسيلا ڪتب آندا وڃن ۽ ڏوهين کي قانون جي پڪڙ ۾ آندو وڃي.

(ضيا الرحمان جي رپورٽ)