داخلي ناتن جي وفاقي وزير رانا ثناالله دعوا ڪئي آهي ته پارليامنٽ تي حملي جي ڌمڪي ڏيڻ ۽ ان کي سوشل ميڊيا تي جاري ڪرڻ وارن ملزمن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
آئي جي اسلام آباد، اڪبر ناصر خان سان گڏ اخباري ڪانفرنس ڪندي، رانا ثناالله چيو ته بندش پيل تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) سان مذاڪرات جي لاءِ پهريون شرط اهو آهي ته اهي هٿيار ڦٽا ڪن ۽ آئين ۽ قانون جي دائري ۾ رهن.
وائس آف آمريڪا جي نمائندي عاصم علي رانا مطابق، وزير داخله چيو آهي ته دهشت گرديءَ جي خلاف حڪومت جي ’زيرو ٽالرنس’ جي پاليسي آهي. نيشنل سيڪيورٽي ڪاميٽيءَ ۾ فيصلو ٿيو آهي ته صوبائي سطح تي دهشت گردي جي روڪٿام جي محڪمي (سي ٽي ڊي) کي موثر بنايو ويندو.
SEE ALSO: قومي سلامتي ڪاميٽيءَ پاران بيان، هر قسم جي دهشت گرديءَ کي پاڙئون پٽي ڦٽو ڪيو ويندوسندس چوڻ آهي ته ٽي ٽي پيءَ جي طرفان پارليامنٽ تي حملي جي ڌمڪي کان پوءِ مقدمو درج ڪري ملزمان کي گرفتار ڪيو ويو آهي. دانيال ۽ زبير نالي ٻنهين ملزمن جو ستن ڏينهن جو ريمانڊ ورتو ويو آهي.
هڪ سوال جي جواب ۾ داخلي معاملن جي وزير چيو ته اسان اهو نه چيو آهي ته اسان افغانستان جي اندر ڪنهن تي حملو ڪرڻ چاهيون ٿا.
خيال رهي ته پاڪستان جي مڪاني ابلاغ جي ذريعن ۾ رانا ثنا الله جو هڪ بيان سامهون آيو هو جنهن ۾، بيان جي مطابق، هن چيو هو ته افغان طالبان ٽي ٽي پيءَ جي ڪاروائين کي روڪن نه ته پاڪستان افغانستان جي اندر ٽي ٽي پيءَ جي ٺڪاڻن کي نشانو بنائي سگهي ٿو.
SEE ALSO: خانيوال جي ويجهو سي ٽي ڊيءَ جي ٻن عمل دارن جي ٽارگيٽ ڪلنگرانا ثنا الله جي ان بيان تي افغان طالبان جو به ردعمل سامهون آيو هو، جنهن ۾انهن چيو هو ته پاڪستاني عهديدارن جي پاران افغانستان جي خلاف بيان ڏنا پيا وڃن جيڪي افسوس ناڪ آهن.
اڱاري ڏينهن ساهيوال ۾ دهشت گرديءَ جي تدارڪ جي محڪمي (سي ٽي ڊي) جي ٻن آفيسرن جي هلاڪت کي ’’وڏو نقصان’’ قرار ڏيندي، چيو ته ڊائريڪٽر نويد صادق دهشت گردن جي خلاف ڪيترا ئي ڪامياب آپريشن ڪيا هيا.