آمريڪا روس جي خلاف نيون پابنديون لڳائي ڇڏيون

روس جي يوڪرين تي ڪاهه کي اڄ هڪ سال پورو ٿيو. عالمي رد عمل. بلعراد ۾ يوڪرين جي حمايت ۾ نڪتل ريلي. 24 فيبروري 2023.

يوڪرين تي روس جي حملي جي پهرئين سال مڪمل ٿيڻ تي آمريڪا جمعي ڏينهن روس ۽ ان جي اتحادين جي خلاف ’ايڪسپورٽ ڪنٽرول’ ۽ محصولن جي مد ۾ نيون پابنديون لڳايون آهن جن جو مقصد ماسڪو جي وڙهڻ جي صلاحيت گهٽائڻ آهي.

واشنگٽن اهو به چيو آهي ته اهو يوڪرين کي وڌيڪ ٻن ارب ڊالرن جا هٿيار فراهم ڪندو، جيڪو بهار جي مند ۾ حملي جي تياري ڪري رهيو آهي. امداد ۾ ’ايف 16’ لڙاڪا جهاز شامل ناهن، جن جي يوڪرين درخواست ڪري چڪو آهي.

صدر بائيڊن وڌيڪ امداد تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جي لاءِ ’جي سيون’ بلاڪ جي دولتمند ملڪن جي اڳواڻن ۽ يوڪرين جي صدر ولادومير زيلنسڪيءَ سان رابطو ڪيو آهي.

آمريڪا روس جي 200 ماڻهن، ادارن ۽ درجن کان مٿي مالياتي ادارن جي خلاف پابنديون نافذ ڪرڻ جي منصوبن ۾ ’گروپ آف سيون’ جي اتحادين سان شامل ٿي ويو آهي.

SEE ALSO: بائيڊن جي اسٽولٽن برگ ۽ اوڀر يورپي اڳواڻن سان ملاقات، روس جي ارڏاين تي ويچار

سندس منصوبي هيٺ پابندين لڳائڻ جي لاءِ آمريڪا جي اڳواڻيءَ ۾ هڪ مربوط طريقه ڪار تيار ڪيو ويندو، ته جيئن روس جي پاران پابندين کي روڪڻ جي ڪوششن جو مقابلو ڪري سگهجي.

وائيٽ هائوس جي هڪ ’فيڪٽ شيٽ’ ۾ چيو ويو آهي ته انهن پابندين جو مقصد روس ۽ يورپ، ايشيا ۽ مشرق وسطيٰ جي انهن ملڪن کي هدف بنائڻ آهي جيڪي روس جي جنگي ڪوششن جي حمايت ڪن ٿا.

ان ۾ چيو ويو آهي ته اسان روس جي بچاءَ ۽ ٽيڪنالاجي واري صنعت ۾ ڪردار ادا ڪرڻ وارن تي پابنديون عائد ڪنداسين جن ۾ اهي ماڻهو شامل آهن جيڪي روس جي انهن شين جي اسٽاڪس جي ’بيڪ فائلنگ’ جا ذمي دار هوندا، جن تي پابنديون لڳي چڪيون آهن يا جيڪي روس کي پابندين کان بچڻ ۾ مدد ڪري رهيا آهن.

خزاني واري آمريڪي وزير، جينيٽ ييلن چيني ڪمپنين ۽ بينڪن سميت چين کي خبردار ڪيو آهي ته اهي روس کي پابندين کان بچڻ ۾ مدد نه ڏني وڃي.

اين بي سي تي ڳالهائيندي، هن چيو ته اسان شروع کان وٺي چين ۽ ٻين ملڪن سان ان باري ۾ بالڪل واضح رهيا آهيون ته روس کي پابندين کان بچائڻ ۾ مادي مدد فراهم ڪرڻ جا سخت سنگين نتيجا سامهون ايندا.

محڪمي چيو آهي ته اهو روس جي ٻين ڪيترن ئي عمل دارن ۽ ادارن تي به پابنديون لڳائي رهيو آهي ۽ ان سان گڏ روسي فوج جي 1200 کان وڌيڪ اهل ڪارن تي ويزا جون پابنديون لڳايون وينديون.

(هن رپورٽ جو مواد اي پي، رائيٽرز ۽ اي ايف پي تان ورتو ويو آهي)