رسائی کے لنکس

بائيڊن جي اسٽولٽن برگ ۽ اوڀر يورپي اڳواڻن سان ملاقات، روس جي ارڏاين تي ويچار


بخارسٽ ۾ B-9جي سربراه اجلاس ۾ صدر بائيڊن جي شرڪت جنهن جي ميزباني پولينڊ جي صدر آندري دُودا ڪئي. 23 فربروري 2023.
بخارسٽ ۾ B-9جي سربراه اجلاس ۾ صدر بائيڊن جي شرڪت جنهن جي ميزباني پولينڊ جي صدر آندري دُودا ڪئي. 23 فربروري 2023.

آمريڪي صدر جو بائيڊن ۽ نيٽو جي سيڪريٽري جنرل اسٽولٽن برگ اربع ڏينهن بخارسٽ ۾’B-9’ جي سربراه اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. هن گروپ ۾ بلغاريا، جمهوريه چيڪ، هنگري، لٿوانيا، پولينڊ، رومانيا ۽ سلوواڪيا شامل آهن.

اجلاس جو مقصد بالٽڪ ۽ ڪاري سمنڊ جي وچ ۾ واقع علائقن جي سلامتيءَ ۽ استحڪام کي بهتر بنائڻ جي لاءِ نيٽو جي نون ميمبرن جي وچ ۾ سهڪار وڌائڻ آهي.

هن نسبتا غير معروف گروپ جو آغاز 2015 ۾ رومانيا جي صدر ڪلائوس يوهانس ۽ پولينڊ جي صدر آندري دُودا ڪيو هو.

سربراه اجلاس جي ميزبان دُودا چيو ته اربع ڏينهن ٿيندڙ هيءَ ميٽنگ ’B-9’ سربراه اجلاس ۽ نيٽو سربراه اجلاس کان اڳ ممڪنه اقدامات طئي ڪري رهي آهي. صدر بائيڊن ’بي نائين’ جي سلامتيءَ جي لاءِ آمريڪي عزم جي توثيق ڪئي، جنهن جا ميمبر سرد جنگ جي دوران ماسڪو جي اثر هيٺ رهڻ کان پوءِ فوجي اتحاد ۾ شموليت اختيار ڪئي هئي، ۽ هاڻي اهي ماسڪو جي توسيع پسندانه ارادن کي تشويش جي نگاه سان ڏسي رهيا آهن.

صدر بائيڊن چيو ته ’’اڄ اسان روس جي حملي جي پهرئين ورسيءَ جي ويجهو پهچي چڪا آهيون. اهو اڃان به اهم آهي ته اسان هڪ ٻئي ساڻ ٻٽ بيٺا هجئون’’.

هن چيو ته ’’توهان اسان جي اجتماعي بچاءَ جي فرنٽ لائين آهيو ۽ توهان کان بهتر ڪير ٿو ڄاڻي ته هي ڪيترو خطرناڪ تنازعو آهي. صرف يوڪرين جي لاءِ نه پر پوري يورپ ۽ سڄي دنيا جي جمهوريتن جي آزاديءَ جي لاءِ’’.

صدر بائيڊن جي ڪلمات جي تائيد ڪندي، اسٽولٽن برگ چيو ته پوٽن امن جي راه تي ناهي.

هن چيو ته ان جي برعڪس پوٽن جنگ جي وڌيڪ تياري ڪري رهيو آهي. ان ڪري، اسان کي يوڪرين جي لاءِ پنهنجي حمايت جاري رکڻ کپي ۽ ان سهڪار کي وڌائڻ گهرجي. اسان کي يوڪرين جي لاءِ اهو ڪجهه ڪرڻ کپي جيڪو ان کي فتح حاصل ڪرڻ جي لاءِ گهربل آهي.

هنگريءَ جو وزير اعظم اوربان اجلاس ۾ شريڪ نه پيو ٿئي

هنگري ۽ بلغاريا کي ڇڏي ’بي نائين’ جا باقي رڪن ملڪ هاڻي فوجي امداد ڏيڻ ۽ روس تي دٻاءُ وجهڻ جي ٺوس حامين ۾ شامل آهن.

وزير اعظم وڪٽر اوبان جنهن ماسڪو سان ناتا برقرار رکڻ جو عهد ڪيو آهي، اجلاس ۾ شرڪت نه ڪري رهيو آهي. ليڪن هنگريءَ جي نمائندگي صدر ڪيٽلن نوواڪ ڪري رهيو آهي.

انهيءَ وچ ۾ بلغاريا جو نگران صدر رومن راديو پنهنجي حڪومت جي جنگ مخالف موقف تي پڪائي سان قائم آهي ۽ اولهه جي ملڪن جي پاران يوڪرين کي هٿيارن وسيلي مضبوط بنائڻ جي مخالفت ڪري رهيو آهي.

بي نائين يوڪرين جي باري ۾ ڪجهه اختلافن جي باوجود اميد ڪئي پئي وڃي ته گروپ جا رهنما 12-11جولاءِ تي ولنيئز ۾ نيٽو سربراه اجلاس جي لاءِ توقعات طئي ڪري وٺندا.

پولينڊ گوءِ کڻي ويو

وارسا ۾ قائم هڪ تحقيقي اداري، ’پوليٽيڪا انسائيٽ’ ۾ سيڪيورٽي ۽ بين الاقوامي ناتن جي شعبي جي اڳواڻ، مارڪ سوئزنسڪيءَ چيو آهي ته يوڪرين جي جنگ يورپ ۾ سياسي طاقت جي توازن کي اوڀر جي تارازيءَ جي پڙ ۾ وڌو آهي.

هن وي او اي کي ٻڌايو ته ’B-9’ ملڪن کي ڊگهي عرصي کان وٺي نيٽو جي سرحد خيال ڪيو ويندو آهي. ليڪن روسي جارحيت جي ڪري اهو دراصل نيٽو جي مقناطيس جي ڇڪ جو مرڪز بڻجي ويو آهي.

بي نائين اجلاس بائيڊن جي اوڀر يورپ جي طوفاني دوري جي آخري منزل هيو جنهن جو آغاز سومر ڏينهن ڪئيف جي خفيه دوري ۽ وارسا جي تاريخي شاهي محل ۾ اڱاري ڏينهن جي تقرير سان ٿيو، جتي هن يوڪرين کي روس جي حملي کي روڪڻ ۾ مدد ڏيڻ جي لاءِ نيٽو جي جاري ڪوششن جو دفاع ڪيو ۽ ان عزم جو اظهار ڪيو ته ان ۾ چاهي جيترو به وقت لڳي، اتحاد ائين ئي گڏجاڻيون ۽ اثرائتو سهڪار ڪندو رهندو.

(پيٽسي وڊاڪسوارا، وي او اي نيوز)

XS
SM
MD
LG