گڏيل قومن جي خوراڪ جي عالمي اداري (ڊبليو ايف پي) اڱاري ڏينهن پاڪستان ۾سيلاب متعلق هنگامي امداد جي سلسلي ۾ ’يو ايس ايڊ’ پاران هڪ ڪروڙ 65 لک ڊالر ڏيڻ تي آمريڪي امداد جو خيرمقدم ڪيو آهي. تازين بارشن ۽ ٻوڏ جي ڪري پاڪستان ۾ ٽي ڪروڙ 30 لکن کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا آهن.
اسلام آباد ۾ جاري ڪيل هڪ بيان ۾ ’يو ايس ايڊ’ چيو آهي ته سيلاب جي ڪري تباه حال ٿيڻ وارن ماڻهن جي لاءِ صورت حال کي منهن ڏيڻ مشڪل مرحلو آهي، ليڪن ان ڏس ۾ آمريڪا پاڪستان سان گڏ بيٺو آهي.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته ’يو ايس ايڊ’ جي ’بيورو فار هيومينيٽرين اسسٽنس’ جي ذريعي ڪيل فوري اقدامات منجهان پاڪستان ۽ آمريڪا جي شراڪت داريءَ جي ويجهڙائي ۽ مضبوطيءَ جو پتو پوي ٿو.
ان ۾ چيو ويو آهي ته اسان جي مدد زندگيون بچائڻ جو سبب بڻجي رهي آهي ۽ سڀ کان وڌيڪ متاثر ڪميونٽيز مان ڪجهه جون مشڪلات دور ڪري رهي آهي. يو ايس ايڊ پاڪستاني عوام جي مدد جي لاءِ ثابت قدم آهي ۽ اسان روشن مستقبل، بحالي ۽ نئين سر اڏاوت جي لاءِ سندن مدد جاري رکنداسين.
پاڪستان حڪومت جو قومي آفتن سان نبرڻ وارو ادارو (اين ڊي ايم اي) صورت حال کي منهن ڏيڻ جو ذميدار آهي، جڏهن ته بي نظير انڪم ٽيڪس سپورٽ پروگرام ريزڪي رقم جي بنياد تي موثر طريقي سان ڪم ڪري رهيو آهي. بلوچستان، خيبرپختونخوا، پنجاب ۽ سنڌ ۾ سيلاب جي ڪري متاثر ضلعن ۾ هاڻي تائين 20 لکن کان وڌيڪ ماڻهن امداد حاصل ڪئي آهي.
SEE ALSO: تيز ۽ گهڻي بارش جي ڪري ڳاٽي ڀڳي ٻوڏ، آمريڪا متاثرين جي مدد ڪري رهيو آهيحڪومت جي امداد جي اپيل کي ڏسندي، گڏيل قومن جي خوراڪ جي اداري 27 لک ماڻهن کي خوراڪ ۽ غذائيت جي مدد فراهم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي ڪاروائين ۾ تيزي آندي آهي، جن ۾ اهي ماڻهو به شامل آهن جيڪي ٻوڏ کان متاثر ضلعن ۾ غذائي عدم تحفظ جا سڀ کان وڌيڪ شڪار آهن.
خوراڪ جي عالمي اداري 70،0000 ماڻهن تائين خوراڪ ۽ 23،000 حامله ۽ کير پيارڻ وارين عورتن ۽ ٻارن تائين غذائيت سان ڀرپور خوراڪ فراهم ڪئي آهي. معاشري جا ڏتڙيل گروه جن ۾ معذور، خواجه سرا ۽ اهڙا گهراڻا جن جي سنڀال ۾ ٻار يا عورتون اچي وڃن ٿيون، خوراڪ جي اداري جي ڌيان ۾ نقش ٿيل آهن.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته بلوچستان، خيبرپختونخوا، پنجاب ۽ سنڌ صوبا عالمي اداره خوراڪ پنهنجي فيلڊ آفيسرن جي ذريعي متاثره ڪميونٽيز جي لاءِ مربوط ڪوششن جي حوالي سان انساني همدرديءَ جي شراڪت دارن سان رابطو ڪري رهيو آهي.
يو ايس ايڊ جو بيورو فار هيومينٽيرين اسسٽينس سان ملي ڪم ڪندي عالمي اداره خوراڪ پنهنجا سمورا امدادي ڪارگو جن ۾ خوراڪ کان سواءِ ٻئي گهربل شيون شامل آهن، انهن کي جهاز جي ذريعي اسلام آباد مان سنڌ ۾ سکر ۽ ڪراچيءَ روانو ڪيو آهي. ان کان علاوه متاثر آبادي ۾ ورهائڻ کان اڳ ۾ انهن شين جي لڏ پلاڻ ۽ عارضي اسٽوريج ۾ مدد فراهم ڪري رهيو آهي
عالمي اداره خوراڪ اين ڊي ايم اي کي لاجسٽڪ، اسٽوريج ۽ پنهنجي امدادي ڪارگو جي انتظام ۾ به تعاون فراهم ڪري رهيو آهي.
SEE ALSO: پاڪستاني سيلاب متاثرين جي طويل مدت تائين مدد ڪئي ويندي، آمريڪايو ايس ايڊ ٻڌايو آهي ته ملڪ جي ڪيترن ئي حصن ۾ پاڻي گهٽجي رهيو آهي، ليڪن سنڌ صوبو اڃان تائين سيلاب کان تمام گهڻو متاثر آهي جنهن جي ڪري اتي امدادي ڪاروائين ۾ رڪاوٽ درپيش آهي. پاڻيءَ مان پيدا ٿيندڙ بيمارين جو ڦهلجڻ هاڻي اهڙو هاڃيڪار خطرو آهي، خاص طور تي انهن لکين ماڻهن جي لاءِ جيڪي بي گهر آهن.
ڍور ڍڳا ۽ زرعي زمينن کي پهچڻ واري نقصان سان گڏ خوراڪ جي عدم تحفظ ۽ غذائي کوٽ جي صورت حال جيڪا تازيءَ ٻوڏ کان اڳ ۾ ئي ڪافي گهڻي هئي وڌيڪ بگڙي چڪي آهي. سنڌ، بلوچستان ۽ خيبر پختونخوا جي هائي رسڪ ضلعن ۾ ڪيل انٽيگريٽڊ فوڊ سيڪيورٽي فيز جي درجه بندي (آئي پي سي) جي تپاس مان اندازو لڳايو ويو آهي ته جولاءِ ۽ نومبر جي وچ ۾ تقريبا 60 لک ماڻهن کي بحران ۽ خوراڪ جي عدم تحفظ جي هنگامي صورت حال درپيش آهي. سيلاب کان اڳي ڊسمبر ۽ مارچ 2023 جي وچ ۾ هيءُ تعداد وڌي 72 لک تائين پهچڻ جي اميد هئي. عالمي اداره خوراڪ ۽ ايف اي او جي تازيءَ تشخيص جي مطابق ڊسمبر ۽ مارچ 2023 جي وچ ۾ اهو تعداد وڌي هڪ ڪروڙ 46 لک تائين پهچڻ جي توقع آهي.
پاڪستان ۾ خوراڪ جي عالمي اداري جي ڪنٽري ڊائريڪٽر، ڪرس ڪيي چيو آهي ته پاڪستان، ٻين ملڪن جي مقابلي ۾ گلوبل وارمنگ ۾ تمام گهٽ حصو وجهڻ جي باوجود موسمياتي تباه ڪارين جي پهرين صف ۾ بيٺل آهي. هتان جي ماڻهن جي طرفان ڀوڳيل ناقابل تصور ڏکيائين جي هڪ واضح ياد دهاني ڪرائن ٿيون ته غريب ماڻهون ئي موسمياتي تبديليءَ جي سڀ کان وڌيڪ قيمت چڪائيندا آهن. اسان پاڪستاني عوام سان يڪجهتيءَ جي اظهار تي يو ايس ايڊ جو شڪريو ادا ڪيون ٿا. ان فنڊنگ مان خوراڪ جي عالمي اداري جي لکين ماڻهن جون زندگيون بچائڻ ۾ مدد ملندي ۽ کين معاشي بحاليءَ ۽ مستقبل ۾ اهڙن حادثن کان بچڻ جي لاءِ اهم مدد فراهم ڪئي ويندي.
گڏيل قومن جو خوراڪ جو ادارو سڀ کان وڏو انسان دوست ادارو آهي جيڪو هنگامي حالتن ۾ زندگيون بچائيندو آهي ۽ تنازعن، آفتن ۽ موسمياتي تبديلين جي اثرات کان صحتياب ٿيڻ وارن ماڻهن جي لاءِ امن، استحڪام ۽ خوش حالي جو رستو ٺاهڻ جي لاءِ خوراڪ جي امداد کي ذريعي جي طورتي استعمال ڪندو آهي.