آمريڪا تباه ڪن سيلاب ۽ تازي طوفاني بارش جي ڪري پهتل نقصان جي اثرکي گهٽائڻ ۾ پاڪستان جي مدد جو عزم ظاهرڪيو آهي، جنهن جي ڪري تقريبا 1400 ماڻهو هلاڪ ٿيا آهن، جن ۾ 496 ٻار به شامل آهن، جڏهن ته لکين متاثر ٿيا آهن.
اسلام آباد ۾ پاڪستاني رهنمائن سان ملاقات کان پوءِ، پرڏيهي معاملن جي آمريڪي محڪمي جي هڪ سينئر سفارت ڪار، ڊيرڪ شولي چيو آهي ته هن تمام ڏکئي وقت ۾ اسان پاڪستان سان گڏ آهيون. سيلاب جي ڪري ملڪ تباه ٿي ويو آهي، جڏهن ته صورت حال دنيا جو ڌيان ڇڪائي رهي آهي.
آمريڪي سفارت ڪار چيو ته هو پاڻ ۽ سندس وفد جنهن ۾ ڪيترن ئي ادارن سان تعلق رکڻ وارا عمل دار شامل آهن، ملڪ جو دورو ڪري رهيو آهي ته جيئن عوام سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪري سگهجي ۽ اهو يقين ڏياري سگهجي ته هن بحران ۾ آمريڪا پاڪستان سان گڏ آهي.
وائس آف آمريڪا جي نمائندي، اياز گل اسلام آباد مان پنهنجيءَ رپورٽ ۾ چيو آهي ته ڊيرڪ شولي ان ڳالهه جي نشاندهي ڪئي ته تباهي آڻيندڙ سيلاب جي صورت حال کي منهن ڏيڻ لاءِ آمريڪا اڳ ۾ ئي پاڪستان کي ٽي ڪروڙ ڊالر جي امداد ڏئي چڪو آهي، ۽ اميد جو اظهار ڪيو ته ستت ئي آمريڪا وڌيڪ امداد جو اعلان ڪندو.
سندس بقول، اسان کي پورو احساس آهي ته هي پاڪستان ۽ آمريڪا جي لاءَ طويل مدتي چيلينج آهي، ۽ پاڪستان جي پارٽنر جي حيثيت ۾ آمريڪا وڏي عرصي تائين امدادي ڪم جاري رکندو.
شولي وڌيڪ چيو ته خميص جي ڏينهن امريڪي فوجي به پاڪستان ايندا ته جيئن سيلاب متاثرين کي مدد فراهم ڪري سگهجي.
بعد ۾هڪ بيان ۾ دفاع جي آمريڪي محڪمي چيو آهي ته بين الاقوامي ترقي ءَجي آمريڪي اداري (يو ايس ايڊ) جي دبئيءَ جي گودام مان انساني زندگي بچائڻ واري اهم رسد هوائي جهاز ذريعي هتي پهچندي. ايندڙ ڏينهن ۾ آمريڪا جي ملٽريءَ جو سي 17 گلوب ماسٽر ڪارگو جهاز انهيءَ رسد کي پاڪستان پهچائيندو. سامان ڍوئڻ جي لاءِ اندازن 20 مختلف فلائيٽس هتي پهچنديون.
آمريڪي سينٽرل ڪمان جي سربراه، جنرل مائيڪل ڪريلا چيو ته اسان يو ايس ايڊ سان قريبي رابطي ۾ آهيون ته جيئن پاڪستان جي عوام کي گهربل ڪجهه امداد فراهم ڪرڻ جي اهم مشن ۾ ان کي مدد فراهم ڪري سگهون.
مون سون جي انهن غير معمولي بارشن ۽ تباه ڪن سيلاب جو سبب ماهر موسماتي تبديليءَ کي قرار ڏين ٿا، جنهن جي ڪري ست لک ماڻهو بي گهر ٿي چڪا آهن، جڏهن ته ملڪ جي 22 ڪروڙ آباديءَ منجهان ٽي ڪروڙ 30 لک متاثر ٿيا آهن، ۽ پاڪستان جي سرزمين جو ٽيون حصو پاڻيءَ هيٺ آهي. اهي بارشون جون جي وچ ۾ پوڻ شروع ٿيون جيڪا عام طرح سان بارشن جي مند آهي.
اربع ڏينهن، موسمياتي تبديليءَ جي وزير، شيري رحمان ڪراچيءَ ۾ اخباري نمائندن کي ٻڌايو ته صوبائي گاديءَ وارو شهرمڪمل طور تي ٻڏل آهي ۽ امدادي ڪارڪن خشڪ زمين تي بي دخل ٿيل متاٿرين کي خيمن ۾ پناه ڏئي رهيا آهن.
هن چيو ته هر طرف پاڻي ئي پاڻي آهي. جيڪڏهن توهان صوبائي گاديءَ واري هنڌ ڪراچيءَ کان ٿورڙو ٻاهر نڪرندا ته توهان کي لڳاتار وهندڙ پاڻيءَ جو سمنڊ نظر ايندو. گڏيل قومن جي اداري چيو آهي ته موسمياتي بارشن کان ڳالهه گهڻو اڳتي چڙهي وئي آهي، ان هڪ صديءَ جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو آهي. ملڪ جي ڪن حصن ۾ مينهوڳيءَ جي 30 سالن جي شرح جي رڪارڊ کان پنج ڀيرا وڌيڪ برسات پئي آهي. پاڪستان تازين ڏينهن دوران ڪيترا ئي ڀيرا دنيا تي زور ڏنو آهي ته هنگامي صورت حال کي منهن ڏيڻ ۾ هو سيلاب متاثرين جي مدد ڪن.
هوڏانهن گڏيل قومن جي اداري جو سيڪريٽري جنرل، اينٽونيو گتيرس جمعي ڏينهن پاڪستان جي دوري تي پهچي رهيو آهي جتي هو سيلاب کان متاثر علائقن جو دورو ڪندو ۽ پاڪستانين سان قريبي يڪجهتيءَ جو اظهار ڪندو. ان کان اڳ هن بين الاقوامي برادريءَ تي ڪيترا ڀيرا زور ڀريو آهي ته اها هنگامي صورت حال کي منهن ڏيڻ ۾ پاڪستان جي کليءَ دل سان مدد ڪري.