وائيٽ هائوس بنيادي سرڪاري ڍانچي جي منصوبن ۾ آمريڪا ۾ ٺهيل شين جي استعمال وڌائڻ جي لاءِ هدايت نامو تجويز ڪري رهيو آهي.
صدر جو بائيڊن اڱاري ڏينهن پنهنجي ’اسٽيٽ آف دي يونين’ خطاب ۾ آمريڪا جي وفاقي انفرا اسٽرڪچر جي منصوبن ۾ استعمال ٿيڻ واري آمريڪي ساخت جي اڏاوتي مواد جي گهرج ۽ واڌاري تي زور ڀريو آهي.
بائيڊن چيو ته ’’جڏهن اسان انهن پراجيڪٽس تي ڪم ڪنداسين ته اسان آمريڪا ۾ تيار ڪيل شيون وٺڻ کي ترجيح ڏينداسين. اهو طريقه ڪار مڪمل طور تي بين الاقوامي تجارتي اصولن جي مطابق آهي’’.
بائيڊن چيو ته نوان قانون آمريڪا جي پنهنجي ڪاٺي، شيشا، ڊرائي وال، فائر آپٽڪ ڪيبل جي استعمال کي يقيني بنائيندا ۽ مان ان ڳالهه تي نظر رکندس ته آمريڪي سڙڪون، آمريڪي پل ۽ آمريڪي شاهراهن جي اڏاوت ۾ وڌ ۾ وڌ آمريڪي مصنوعات استعمال ڪيون وڃن.
ان سلسلي ۾ نئون هدايت نامون وائيٽ هائوس جي آفيس آف مينيجمنٽ اينڊ بجيٽ (او ايم بي) اربع ڏينهن جاري ڪيو آهي.
تجويز ڪيل هدايت نامو ملڪي شين جي عمدي معيار تي عمل درآمد يقيني بڻائيندو، جڏهن ته وفاقي مالياتي امداد جي انتظام، يقيني نفاذ، شفافيت ۽ نگرانيءَ جي نظام کي بهتر بڻائيندو.
SEE ALSO: ٻه سال اڳ جي ڀيٽ ۾ آمريڪي جمهوريت اڄ گهڻي مضبوط آهي، بائيڊناو ايم بي ۾ آمريڪي سامان جي خريداريءَ تي نظرداريءَ جي شعبي جو نگران، ليوبا شماونين آهي. هن چيو آهي ته ان جو مقصد آمريڪي حڪومت جي پاران آمريڪي سامان جي خريداريءَ جي حوصلي افزائي ڪرڻ آهي.
شماونين وڌيڪ چيو ته ’او ايم بي’ جي وڌيڪ رهنمائي ملڪ ۾ تعميراتي مواد جي تياريءَ جي عمل کي يقيني بنائڻ جي لاءِ معيار طئي ڪرڻ آهي. ان ۾ پلاسٽڪ ۽ پوليمر تي مبني مصنوعات، شيشه، آپٽڪ، گلاس، ڪاٺي ۽ ڊرائي وال جو استعمال شامل آهي.
بنيادي ڍانچي جي قانون جي دائره عمل ۾ نمايان طور تي توسيع ڪئي وئي آهي ته جيئن مالي اعانت سان هلڻ واري بنيادي ڍانچي جي منصوبن ۾ آمريڪا ۾ ٺاهيل وڌيڪ لوهه، اسٽيل، اڏاوتي مواد ۽ تيار ڪيل مصنوعات جو استعمال ڪيو وڃي.
بائيڊن پنهنجو عهدو سنڀالڻ جي ابتدائي ڏينهن ۾ هڪ انتظامي حڪم نامي تي صحي ڪئي جنهن جو مقصد موجوده آمريڪي خريدارن جي ڪم ۾ خامين کي دور ڪرڻ آهي. ان جو اطلاق وفاقي حڪومت جي ٽن حصن جي خريداريءَ تي ٿيندو. وفاقي حڪومت ساليانو 600 ارب ڊالرن جو سامان ٻاهرين ملڪن مان آڻيندي آهي.
صدر بائيڊن 7 فيبروري 2023 تي ڪانگريس جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي
ان باري ۾ آمريڪي عوام جي رائي پڇڻ جو ڪم ڪيو ويندو ته ڇا واڌو اڏاوتي مواد ۾ پينٽ ۽ ڪاٺيءَ جي انجنيئرڊ مصنوعات کي شامل ڪيو وڃي يا نه. عوام ٽيهن ڏينهن اندر تجويز ڪيل هدايت نامي تي رائي ڏئي سگهي ٿو.
او ايم بي پوئين مارچ ۾ بائيڊن انتظاميا هيٺ ملڪي مواد جي حد کي وڌائڻ جي لاءِ ضابطا جاري ڪيا هيا.
هن کان اڳ وفاقي خريدارن جي لاءِ ’ميڊ ان آمريڪا’ جي طور تي اهي شيون شمار ٿينديون هيون جيڪڏهن انهن جي جزيات جي قميت جو 55 في صد آمريڪا ۾ تيار ٿيو هجي. هاڻي آڪٽوبر ۾ ان جي حد کي وڌائي 60 في صد، سال 2024 ۾ 65 في صد ۽ 2029 ۾ 75 في صد ڪيو ويندو.
(هن رپورٽ ۾ شامل مواد رائيٽرز تان ورتو ويو آهي)