گڏيل قومن جو خوراڪ جو ادارو (ڊبليو ايف پي) پاڪستان ۾ سيلاب کان سخت متاثر هڪ ڪروڙ ۽ 90 لک ماڻهن جي لاءِ هنگامي امدادي سرگرميون تيز ڪري ڇڏيون آهن.
اداري جي ترجمان، ٿامسن فيري چيو آهي ته بلوچستان، خيبرپختونخوا ۽ سنڌ صوبن جي چئن لکن کان مٿي شديد ترين متاثرين جي مدد جي لاءِ هنگامي خوراڪ جي فراهميءَ جو ڪم اڳ ۾ ئي شروع ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ڊبليو ايف پي سموري ملڪ ۾ پنهنجي ڪاروائي جاري رکندو.
هن چيو ته اسان 400000 متاثرين تائين امداد پهچائي چڪا آهيون، ڪو شڪ ڪونهي ته سيلاب جي ڪري رڪارڊ ٽي ڪروڙ ۽ ٽيهه لک ماڻهو متاثر ٿيا آهن ۽ اها ڏهن سالن ۾ايندڙ وڏي قدرتي آفت آهي.
جينيوا مان وائس آف آمريڪا جي نمائنده، لزا شلائين چيو آهي ته گڏيل قومن جو ادارو اڳ ۾ ئي ٻڌائي چڪو آهي ته ان جي ڪري ملڪ جو ٽئون حصو پاڻيءَ هيٺ اچي چڪو آهي، جنهن ۾ 1400 ماڻهو مري چڪا آهن، جن ۾ سوين ٻار به شامل آهن. اداري ٻڌايو آهي ته پنجن لکن کان وڌيڪ گهر ڪري پيا آهن، سوين پليون تباه ٿي ويون آهن ۽ سڙڪون ٽٽي پيون آهن يا لڙهي ويون آهن، جنهن جي ڪري سخت ضرورتمند متاثرين تائين امدادي سامان پهچائڻ ڏکيو ٿي پيو آهي.
فيري چيو ته امدادي ڪيمپن جي گنجائش گهٽ آهي جڏهن ته انهن ۾ ڇهه لک 35000 متاثرين کي رکيو ويو آهي، جنهن جي ڪري پاڻيءَ مان پيدا ٿيندڙ مرضن جي ڦهلجڻ جو خطرو آهي.
سندس بقول، کاڌي جي ورهاست کان سواءِ خوراڪ جو عالمي ادارو 31000 ننڍن ٻارن ۽28000 ڳورهاري عورتن ۽ نون ڄاول ٻارڙن جي مائرن کي قوت بخش غذا فراهم ڪري رهيو آهي، ته جيئن اهي ڪمزوريءَ کان بچن ۽ سندن قوت مدافعت کي وڌائي سگهجي.
فيري چيو ته ڊبليو ايف پي جي جاري هنگامي ڪاروائيءَ کان اڳيان مستقبل تي نظر آهي. هن چيو ته ماڻهن جي پيٽ گزران کي بحال ڪرڻ لاءِ پاڪستان هي طول مدت تائين حمايت جي ضرورت آهي.
هن چيو ته جيئن ئي هلندڙ امدادي مرحلو پورو ٿيندو ته خوراڪ جو عالمي ادارو فوري طور تي انفرا اسٽرڪچر ۾ بهتري آڻڻ لاءِ بحالي جو پروگرام شروع ڪندو، جنهن دوران روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي، جنهن کان سواءِ روڪڙ پيسا ڏيڻ جو ڪم ڪيو ويندو جيڪو سڀ ڪجهه 2023 جي شروع ۾ ٿيڻو آهي.
تامسن فيري وڌيڪ چيو ته ڊبليو ايف پي حڪومت سان ملي ڪم ڪندي ته جيئن موسمياتي حالتن کي منهن ڏيڻ جي بهتر صلاحيت پيدا ٿي سگهي. هن چيو ته انهن علائقن ۾ جتي وڌيڪ مينهن پوندا آهن اتي ڪجهه منصوبا اهڙا به ثي سگهن ٿا جن ۾ زراعت جي واهن ۽ ڊيمن جي ضرورت پوندي. هن چيو ته مرد ۽ عورتن ٻنهين جي پيشه ورانه تربيت ۽ ڪمائي پيدا ڪندڙ سرگرمين تي زور ڏنو ويندو، ان لاءِ ته انهن سان روزگار جا بهتر موقعا ميسر اچي سگهن.