رسائی کے لنکس

ڇا ڊونلڊ ٽرمپ صدارتي اليڪشن جي لاءِ نااهل ٿي سگهي ٿو؟


اڳوڻو صدر ڊونلڊ ٽرمپ (فائيل فوٽو)
اڳوڻو صدر ڊونلڊ ٽرمپ (فائيل فوٽو)

اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تي باضابطه الزام مڙهڻ کان پوءِ هيءُ سوال اهميت اختيار ڪري ويو آهي ته سياسي مستقبل تي ان جا ڇا اثرات مرتب ٿيندا.

ڊونلڊ ٽرمپ اڳ ۾ ئي چئي چڪو آهي ته هو 2024 جي صدارتي چونڊن ۾ حصو وٺندو. هو پنهنجي بيان ۾ فرد جرم عائد ٿيڻ جي معاملي کي ’’سياسي انتقام ۽ ڊيموڪريٽس پاران ايندڙ صدارتي چونڊن ۾ مداخلت’’ قرار ڏئي چڪو آهي.

ٽرمپ تي الزام آهي ته هن 2016 جي صدارتي انتخابي مهم کان اڳ پورن اسٽار اسٽارمي ڊينيلز کي پاڻ سان تعلقات تي خاموش رهڻ جي لاءِ پنهنجي وڪيل جي معرفت لڪل طور تي رقم ادا ڪئي هئي.

نيو يارڪ ۾ هڪ گرانڊ جيوري انهيءَ ئي معاملي ۾ صدر ٽرمپ تي فرد جرم لڳائڻ جي حق ۾ ووٽ ڏنو آهي.

آمريڪي تاريخ ۾ اهو پهريون موقعو آهي ته صدر جي عهدي تي فائز رهڻ واري شخصيت تي فوجداري مقدمي ۾ باضابطه الزام عائد ٿين. ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي بيان ۾ فرد جرم عائد ٿيڻ جي معاملي کي ’’سياسي انتقام’’ قرار ڏنو آهي.

صدر بائيڊن جي حڪومت ڪيترا ڀيرا ڊونلڊ ٽرمپ جي خلاف جاري قانوني ڪاروائيءَ جي پويان سياسي محرڪات جي تاثر کي مسترد ڪري چڪي آهي.

ڇا ٽرمپ 2024 جي صدارتي اليڪشن وڙهي سگهندو؟

ماهرن چيو آهي ته ٽرمپ جي خلاف فرد جرم عائد ٿيڻ يا ان معاملي ۾ سزا ٿيڻ تي به هو 2024 جي صدارتي چونڊن ۾ حصو وٺي سگهندو.

قانون ماهرن جي مطابق، ان معاملي ۾ فرد جرم لڳڻ يا سزا ٿيڻ جي باوجود ٽرمپ 2024 جي چونڊن جي لاءِ نااهل نه ٿيندو.

يو سي ايل اي لا اسڪول سان لاڳاپيل چونڊن جي قانون جي ماهر، رچرڊ هيسن چيو آهي ته آمريڪا جي آئين جي مطابق، سنگين جرم يا ’فيلني’ جي سرزد ٿيڻ جي باوجود ڪو شخص صدارتي چونڊن ۾ حصو وٺي سگهي ٿو. هن چيو ته جيسيتائين آمريڪي آئين جو سوال آهي ان ۾ صدارتي اهليت ۾ اهڙي ڪنهن پابنديءَ جو ذڪر ڪونهي.

آمريڪا جي آئين جي مطابق، آمريڪا ۾ پيدا ٿيڻ وارو ڪوئي به شخص جنهن جي عمر ڪم از ڪم 35 سال هجي ۽ 14 سالن کان آمريڪا ۾ مستقل رهندو هجي اهو صدارتي چونڊ وڙهي سگهي ٿو.

قانوني ماهرن جو چوڻ آهي ته آئيني ۽ قانوني لحاظ کان ايندڙ چونڊن ۾ ڊونلڊ ٽرمپ جي بطور اميدوار حصو وٺڻ ۾ ڪا رڪاوٽ ڪانهي. هو فوجداري مقدمي کي منهن ڏيندي جيڪڏهن جيل به هيلو وڃي تڏهن به چونڊن جي مهم جاري رکي سگهي ٿو.

صدارتي چونڊن جي لاءِ نااهلي ڪڏهن ٿيندي آهي؟

ان باري ۾ آمريڪا جي آئين جي چوڏهين ترميم ۾ چيو ويو آهي ته ڪو به شخص جيڪو آمريڪا جي خلاف بغاوت يا شورش برپا ڪرڻ ۾ ملوث رهيو آهي اهو ڪنهن منتخب عهدي جي لاءِ نااهل آهي.

آئين ۾ اها شق به آمريڪا ۾ جاري رهڻ واري خانه جنگيءَ کان پوءِ شامل ڪئي وئي هئي. ليڪن ان کان علاوه ڪنهن صدارتي اميدوار جي نااهليءَ جي لاءِ ڪو ٻيو سبب بيان نه ڪيو ويو آهي.

ان کان علاوه آئين جي ٻاويهين ترميم جي مطابق، ڪو به شخص ٻن کان وڌيڪ ڀيرا صدر نه ٿو بڻجي سگهي. اها ترميم 1945 ۾ صدر فرينڪلن روزويلٽ جي انتقال کان پوءِ آندي وئي هئي. هو چار دفعا صدر منتخب ٿيو هو. هن ٻه ڀيرا مدو پورو ڪرڻ کان پوءِ صدارت کان سبڪدوش ٿيڻ جي روايت کي ٽوڙيو هو. ليڪن صدر روزويلٽ کان پوءِ آئيني طور تي ٻه ڀيرا صدارت جي حد مقرر ڪئي وئي هئي.

XS
SM
MD
LG