خيبرپختونخوا صوبائي اسمبليءَ جي ٽٽڻ کان پوءِ نگران حڪومت جي لاءِ نگران وڏي وزير طور اڳوڻي سينئر ترين ڪاموري، محمد اعظم خان جي نالي تي اتفاق ٿي ويو آهي.
محمد اعظم خان 2007 کان 2008 تائين نگران صوبائي ڪابينا ۾ ترقيءَ ۽ منصوبه بنديءَ جو وزير رهي چڪو آهي، جنهن دوران وڏو وزير واپڊا جو اڳوڻو چيئرمين انجنيئر شمس الملڪ هو.
اعظم خان جي نگران وڏي وزير جي تعيناتيءَ تي اتفاق رائي جمعي جي رات اسپيڪر هائوس پشاور ۾ هڪ اجلاس ۾ ٿيو جنهن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي نمائندگي سبڪدوش ٿيڻ واري وڏي وزير محمود خان، اڳوڻي وفاقي وزير پرويز خٽڪ ۽ اسپيڪر مشتاق احمد غنيءَ ڪئي جڏهن ته اڳوڻي وڏي وزير اڪرم خان درانيءَ مخالف ڌر جي نمائندگي ڪئي.
لڳ ڀڳ هڪ ڪلاڪ تائين جاري رهڻ واري اجلاس جي پڄاڻيءَ تي اڪرم خان درانيءَ محمود خان ۽ مشتاق احمد غنيءَ جي موجودگيءَ ۾ اڳوڻي چيف سيڪريٽري محمد اعظم خان جي بطور نگران وڏي وزير جي تعيناتيءَ تي طئي ٿيڻ جو اعلان ڪيو. اڪرم درانيءَ جي بقول، اعظم خان جو بطور وڏي وزير جي نالو مخالف ڌر ۾ شامل عوامي نيشنل پارٽيءَ تجويز ڪيو هو.
پاڪستان جي سڀ کان وڏي صوبي پنجاب ۾ نگران وڏي وزير جي تقرريءَ تي هيسيتائين اخلاف برقرار آهي.
چارسده سان تعلق رکڻ واري محمد اعظم خان اڳوڻو چيف سيڪريٽري ۽ ٻين اعلي سرڪاري عهدن تي رهي چڪو آهي.
هن پشاور يونيورسٽيءَ مان ايل ايل بي ڪرڻ کان پوءِ لنڊن جي لنڪن ان ڪاليج مان بيرسٽر جي ڊگري حاصل ڪئي هئي. تعليم مڪمل ٿيڻ تي هن سول سروس جو امتحان پاس ڪري ڊسٽرڪٽ مينيجمنٽ گروپ ۾ شموليت اختيار ڪئي هئي.
جنهن وقت هو ضلعي هزاره جو ڊپٽي ڪمشنر هو، ان وقت خدائي خدمت گار تحريڪ جو باني، باچا خان ايبٽ آباد جي ريسٽ هائوس ۾ قيد هيو.
اعظم خان ڪير آهي؟
پشاور پريس ڪلب جي سينئر صحافي ايم رياض وائس آف آمريڪا کي ٻڌايو ته اعظم خان جو تعلق چار سده سان آهي، نه صرف هو اڳوڻو چيف سيڪريٽري رهيو آهي بلڪه هن جا خيبرپختونخوا جي سمورن سرڪرده سياست خاندانن سان ويجهي مائٽي رهي آهي.
هو اڳوڻي انسپيڪٽر جنرل پوليس ۽ اڳوڻي صوبائي وزير عباس خان جو ڀاءُ، قومي وطن پارٽيءَ جي سربراه آفتاب احمد خان شيرپائو جو سوٽ ۽ ضلعي اٽڪ پنجاب مان ن ليگ جي اڳوڻي ايم پي اي خانزاده تاج جو نياڻون آهي، جيڪو پنجاب جي اڳوڻي وزير داخله جو چاچو آهي.
اعظم خان جو هڪ ڀاءُ محمد عباس خان خيبرپختونخوا جو انسپيڪٽر جنرل پوليس رهي چڪو آهي.
(شميم شاهد جي رپورٽ)