رسائی کے لنکس

جيڪو موقف اڳي اپنايو هيم، اڄ به ان تي ئي بيٺو آهيان: علي وزير


علي وزير (فائيل فوٽو)
علي وزير (فائيل فوٽو)

پشتون تحفظ موومينٽ (پي ٽي ايم) جي اڳواڻ ۽ قومي اسيمبليءَ جي رڪن علي وزير دعوا ڪئي آهي ته رياستي ادارن اندر اختلافن جي ڪري قبائلي علائقن ۾ دهشت گرديءَ ۾ واڌ آئي آهي.

وائس آف آمريڪا کي ڏنل خصوصي انٽرويو ۾ علي وزير چيو ته هو پنهنجي سوچ جي مطابق رياستي ادارن تي تنقيد ڪندو آهي ۽ تنقيد اداري تي نه بلڪه ادارن جي ڪن کنئيل قدمن جي باري ۾ هوندي آهي.

رياستي ادارن تي تنقيد جي الزام تي ٻن سالن تائين جيل ۾ رهڻ کان پوءِ گزريل مهيني عدالت علي وزير کي ضمانت تي آزاد ڪيو هو. علي وزير چيو ته هو انهن جرنيلن تي تنقيد ڪندو آهي جن هن رياست ۽ اداري کي پنهنجي ڪاروبار جو ذريعو بڻايو آهي.

خيال رهي ته پي ٽي ايم اڳواڻ پاڪستان جي ملٽري اسٽيبلشمينٽ جي دهشت گرديءَ جي خلاف لڙائيءَ ۾ پاليسين ۽ سندس ٻين رياستي معاملن ۾ مبينه مداخلت تي کلي تنقيد ڪندو آهي.

پاڪستان جي فوج پي ٽي ايم اڳواڻن جي هن نوعيت جي الزامن جي ترديد ڪندا رهيا آهن. فوجي ترجمان پنهنجي بيانن ۾ پي ٽي ايم کي ملڪ دشمن قوتن جو آله ڪار قرار ڏين ٿا.

فوج جو هيءُ موقف رهيو آهي ته پي ٽي ايم اڳواڻ فوج مخالف بيان بازي اختيار ڪري فوج ۽ عوام جي وچ ۾ دوريون پيدا ڪرڻ گهري ٿو.

پنهنجي موقف ۽ بيانئي تي قائم آهيان

علي وزير چيو ته سندس ضمانت تي ڇٽڻ ڪنهن رعايت جو نتيجو ناهي بلڪه جڏهن ڪو رستو باقي نه بچيو هو تڏهن کيس ضمانت ملي.

هن سوال تي ته هڪ رياستي اداري توهان تي الزام لڳايو ته ٻئي رهائي ڏني تڏهن به پي ٽي ايم پاران رياستي ادارن تي اعتماد جو اظهار ڇو نه ٿو ڪيو وڃي؟ علي وزير چيو ته ان معاملي تي وڏين عدالتن ڪجهه قدم کنئيان آهن، پر ماتحت عدالتون ڪنهن جي اثر هيٺ آهن اهو سڀني کي معلوم آهي.

هن چيو ته لازمي ڳالهه آهي ته ڪجهه ماڻهو ايماندار آهن جيڪي پنهنجي ڪم سان سچا آهن ۽ پنهنجي ادارن جي بدناميءَ جو ڪارڻ نه ٿا بنجڻ گهرن. اسان انهن جو احترام ڪريون ٿا.

فوج تي تنقيد ڪرڻ وارن ٻين سياسي اڳواڻن سان سلوڪ جي باري ۾ ڳالهائيندي، علي وزير چيو ته هو ڪنهن جي جاکوڙ تي سوال نه ڪندو، ليڪن ڇٽڻ کان پوءِ ڪيترن ئي سياسي اڳواڻن معافي گهرندي چيو ته هو اڳتي ادارن تي تنقيد نه ڪندا.

هنن چيو ته هنن جيڪي ڳالهيون ڪيون، جيڪو موقف ۽ بيانيو شروع ۾ اپنايو، اڄ تائين ان تي قائم آهن.

پراڊڪشن آرڊر جاري نه ڪرڻ تي حڪومت کان شڪايت ڪانهي

ان سوال تي ته موجوده اسپيڪر ۽ اڳوڻي اسپيڪر سندس پراڊڪشن آرڊر جاري نه ڪري سگهيا، علي وزير چيو ته هن عمران خان جي خلاف عدم اعتماد جو ووٽ ان شرط تي نه ڏنو هو ته سندس پراڊڪشن آرڊر جاري ٿيندا، بلڪه هو پنهنجي سوچ مطابق جدوجهد ڪري رهيو هو.

هن چيو ته هو ڪا اهڙي ڳالهه نه ڪندو جنهن سان سندس نظرئي تي ڪو حرف اچي، ڇو ته جڏهن توهان مثال بڻبا تڏهن ئي ماڻهو توهان سان متفق ٿيندا ۽ گڏ هلندا.

خيال رهي ته علي وزير کي پي ٽي آءِ جي دور ۾ گرفتار ڪيو ويو هو ۽ ان دوران عمران خان جي خلاف اچڻ واري عدم اعتماد جي تحرڪ جي هنن حمايت ڪئي هئي.

پي ٽي ايم منهنجو نظريو آهي، ڇڏي نه ٿو سگهان

پشتون تحفظ موومينٽ ۾ ڏڦيڙ جي قياس آرائين ۽ مستقبل جي سياست جي باري ۾ گفتگو ڪندي هن چيو ته هو ۽ منظور پشتين ڪٺا آهن ۽ پي ٽي ايم سندن نظريو آهي.

هن چيو ته ان کان علاوه نه ڪا ٻي سندس سوچ آهي ۽ نه ئي ڪنهن کي ڪو يقين ڏياريو ويو آهي.

(علي فرقان جي رپورٽ)

XS
SM
MD
LG