پشتون تحفظ تحريڪ (پي ٽي ايم) جي اڳواڻ ۽ جنوبي وزيرستان مان قومي اسمبليءَ جي ميمبر علي وزير کي سمورن مقدمن ۾ ضمانت ۽ هڪ ڪيس ۾ رها ڪرڻ جي عدالتي فيصلي کان پوءِ اڱاري ڏينهن کيس ڪراچي سينٽرل جيل مان رها ڪيو ويو.
علي وزير جي خلاف مجموعي طور تي 19 مقدما درج هيا جن منجهان چار مقدما ڪراچيءَ جڏهن ته باقي 15 خيبرپختونخوا جي مختلف ٿاڻن ۾ درج هيا.
ڊسمبر 2020 تي علي وزير کي سينٽرل جيل ڪراچيءَ منتقل ڪيو ويو هو.
ڪراچيءَ جي سينئر وڪيل قادر خان مطابق، خيبرپختونخوا حڪومت سنڌ حڪومت کي هڪ خط لکيو هو جنهن ۾ چيو ويو هو ته هاڻي علي وزير ڪنهن به مقدمي ۾ مطلوب ناهي جنهن کان پوءِ علي وزير جي رهائي عمل ۾ آئي آهي.
خيبرپختونخوا حڪومت جي پاران 8 فيبروري 2023 تي لکيل خط ۾ علي وزير کي رها ڪرڻ جو چيو ويو هو.
علي وزير کي ڊسمبر 2020 ۾ پشاور مان گرفتار ڪيو ويو هو. هن تي ڪراچيءَ جي علائقي سهراب ڳوٺ ۾ رياستي ادارن جي خلاف اشتعال انگرز تقرير ڪرڻ سيمت خيبرپختونخوا جي مختلف ٿاڻن ۾ به مقدما درج هيا.
هو پاڪستان جي ملٽري اسٽيبلشمينٽ جي دهشت گرديءَ جي خلاف لڙائيءَ جي پاليسين ۽ ان جي ٻين رياستي معاملن ۾ مبينه مداخلت تي سخت تنقيد ڪرڻ جي شهرت رکندو آهي.
علي وزير جنوبي وزيرستان مان آزاد حيثيت سان پهريون ڀيرو اسميبليءَ جو رڪن بڻيو هو.
سندس تعلق احمد زئي وزير قبيلي سان آهي. هن ڊيرا اسماعيل خان جي گومل يونيورسٽيءَ مان تعليم مڪمل ڪئي هئي.
هو پاڻ کي ساڄي ڌر جي سياست تي يقين رکڻ وارو سياست دان قرار ڏئي ٿو. پنهنجي سياسي نظرين ۽ اسٽيبلشمينٽ جي سياست ۾ مبينه ڪردار تي کليءَ طرح اظهار خيال ڪرڻ تي هن کي تنقيد سان واسطو پيو آهي.
دهشت گرديءَ جي خلاف جنگ ۾ علي وزير جو پيءُ، ڀائر، چاچا، سئوٽ سميت سندس ڪٽمب جا 18 ڄڻا ڀاتي مختلف واقعن ۾ ماريا ويا هيا.