رسائی کے لنکس

ملاکڙي جي پڄاڻي: ارجنٽينا يا فرانس، فٽ بال ورلڊ ڪپ ڪير کٽيندو؟


ورلڊ ڪپ فائينل 2022، لوسيل اسٽيڊيم، دوحه
ورلڊ ڪپ فائينل 2022، لوسيل اسٽيڊيم، دوحه

اچ آچر ڏينهن ارجنٽينا ۽ فرانس جي وچ ۾ دوحه جي ’لوسيل اسٽيڊيم’ ۾ فائنل کيڏي ويندي، جنهن جي لاءِ فٽ بال جا شوقين بي چينيءَ سان انتظار ڪري رهيا آهن.

ٻئي ٽيمون ٻه ٻه ڀيرا ورلڊ ڪپ کٽڻ ۾ ڪامياب رهي چڪيون آهن، جيڪا به ٽيم هيءُ ٽائيٽل کٽيندي اها ٽيون دفعو عالمي چمپئن ٿيندي.

هينر تائين سڀني کان وڌيڪ ڀيرا ايوينٽ کٽڻ جو رڪارڊ برازيل وٽ آهي، جڏهن ته چار دفعا چمپئن رهڻ واري ملڪ اٽلي هن دفعي ڪواليفاءِ ئي نه ڪري سگهيو. سندس سفر پهريئن ئي مرحلي ۾ پورو ٿيو، ٽيم اڳتي نه هلي سگهي.

ارجنٽينا 1978 ۽ 1986 ۾ ٽرافي کٽي هئي، جڏهن ته فرانس 1998 ۽ 2018 ۾ ورلڊ ڪپ کٽيو هو.

مراڪش ٽئين پوزيشن به حاصل نه ڪري سگهيو

فائينل کان اڳ هڪ ٻيو ميچ راند جي شوقينن جي ڌيان جو مرڪز بڻي رهي، جنهن ۾ گزريل ورلڊ ڪپ جي فائنلسٽ ڪروشيا ٽئين پوزيشن تي پهچي سگهي.

ٽامي جي تمغي جي لاءِ ميچ ۾ ڪروشيا جو مقابلو مراڪش سان هيو جنهن يورپي ٽيم سخت مقابلي کان پوءِ هڪ جي ڀيٽ ۾ ٻن گولن تان کٽيو ۽ ٽامي جو تمغو کٽيو.

ان ميچ جي خاص ڳالهه اها هئي ته پهرين ٻن گولن کيڏڻ جي دوران ڏهن منٽن اندر اسڪور ٿي ويو هو. ميچ جو فيصلو ڪندڙ گول ڪروشيا ٻائيتاليهن منٽن ۾ اسڪور ڪري جيڪا سرسي حاصل ڪئي اها آخر تائين برقرار رهي.

ڪهڙي ٽيم ٽيون دفعو ٽرافي کٽندي؟

فيفا ورلڊ ڪپ فائينل ميچ آچر ڏينهن فرانس ۽ ارجنٽينا جي وچ ۾ کيڏيو ويندو.

هڪ ٽيم وٽ جيڪڏهن ڪيلين ايم باپي ۽ اوليويا سيرو جهڙا رانديگر آهن ته ٻئي پاسي به ليونل ميسي ۽ جوليان ايلوازير ڪنهن به وقت ميچ جو پلڙو پنهنجي پاسي ڦيرائڻ جي سگهه رکن ٿا.

(عمير علويءَ جي رپورٽ)

XS
SM
MD
LG