رسائی کے لنکس

بائيڊن جا ايندڙ ٻه سال سخت هوندا، صدارتي صلاح ڪار


صدر بائيڊن (فائيل فوٽو)
صدر بائيڊن (فائيل فوٽو)

وائيٽ هائوس لاءِ چونڊون وڙهندي صدر جو بائيڊن ووٽرن کي ٻڌايو هو ته سندس صدارت ايندڙ نسل جي لاءِ هڪ پل ثابت ٿيندي. پنهنجي عهدي تي پهرين ٻن سالن ۾ هن اهو ثابت ڪيو آهي ته سندس اهو مقصد عزم تي ٻڌل آهي.

هاڻي جڏهن جو بائيڊن پنهنجي صدارت جي اڌ کي ويجهو پهچي چڪو آهي ته هو موسمياتي تبديلي، ملڪي مصنوعات سازي ۽ ڪووڊ 19 جي وبا تي هينئر تائين حاصل ڪيل ڪاميابين کي اجاگر ڪري رهيو آهي، حالانڪه اهي سڀئي ڪاميابيون ڪيپيٽل هل تي گهٽ اڪثريت ۽ عوام جي پاران قدري گهٽ حمايت سان حاصل ڪيون ويون آهن.

بائيڊن جي قانون سازيءَ جي ڪاميابين جو دائرو آمريڪي زندگيءَ جي تقريبا هر پهلوءَ تائين ڦهليل آهي، حالانڪه ڪجهه معاملن ۾ انهن جي اثرات کي محسوس ٿيڻ ۾ ورهه لڳي سگهن ٿا، مگر يوڪرين جي بچاءَ جي حمايت ۽ چين جي وڌندڙ اثر و رسوخ جي خلاف جمهوريتن جي عالمي اتحاد کي منظم ڪرڻ جي سندس ڪوششن جي گونج دير تائين ٻڌڻ ۾ اچي ٿي.

هن وچ مدتي چونڊن ۾ ووٽرن کي مهانگائي ۽ معيشت جي باري ۾خدشن جي باوجود پنهنجي ڊگهي عرصي تائين واري مقصد تي ٻڌل پنهنجي پاليسيءَ تي قائم رهڻ تي آماده ڪري هڪ تاريخي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي.

هاڻي جڏهن 80 ورهن جو صدر بهار جي مند جي شروع ٿيڻ تي پنهنجي وڏيءَ عمر جي باوجود ٻيهر چونڊن ۾ حصي وٺڻ متعلق غور ڪندو، ته سندس اڳيان رستو مشڪل ٿو ڏسجي. ٽين جنوريءَ تي ريپبلڪنز ايوان جو ڪنٽرول حاصل ڪري وٺندا. سخت افراط زر دوران اقتصادي ٻاڙائيءَ جو خطرو ڏسجي پيو، ۽ يوڪرين جي لاءِ آمريڪي حمايت برقرار رکڻ مشڪل ٿي ويندو، ڇو ته تنازعي کي سال اچي ٿيو آهي.

سال 2024 جي صدارتي سياست کي سامهون رکندي، ايندڙ ٻه سال پيچيده شڪل اختيار ڪري سگهن ٿا، چاهي ڪاميابيون ڪيتريون ئي ڇو نه هجن. بائيڊن جي ڪارڪردگيءَ متعلق مقبوليت جي شرح بدستور پريشان ڪندڙ آهي ۽ ووٽراڳواڻيءَ متعلق سندس اهليت تي شڪ شبهي جو اظهار ڪري رهيا آهن.

ڪجهه ممتار ڊيموڪريٽ ان باري ۾ پڇيل سوالن جي جواب ۾ سندس ٻيهر چونڊ جي حمايت کان کليل نموني انڪاري آهن ۽ هن تي زور ڏئي رهيا آهن ته هو 2024 ۾ نوجوانن جي لاءِ رستو خالي ڪري.

بائيڊن جا صلاح ڪار ۽ اتحادي ان تنقيد کي رد ڪري رهيا آهن. وائيٽ هائوس جي رابطي جي سربراه، ڪيٽ بيڊنگ فيلڊ چيو آهي ته بائيڊن پنهنجي تجربي جي بنياد تي اڳواڻي ڪري رهيو آهي ۽ ايندڙ نسل ساڻس قيادت ۾ شريڪ آهي.

هن بائيڊن جي نسبتا نوجوان ڪابينا ۽ سموري ملڪ ۾ ڊيموڪريٽڪ اميدوارن جو حوالو ڏنو جن صدارتي ايجنڊا هيٺ 2022 جي مڊٽرم انتخابات ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي.

بائيڊن جي پولسٽر جون انزالون چيو آهي ته صدر اهو ثبوت پيش ڪري رهيو آهي ته هو نئين نسل جي بهتريءَ جي لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي. سندس چوڻ آهي ته توهان ڏٺو ته ڪيئن نوجوان ووٽرن 2022 ۾ ووٽ ڏنا ۽ توهان 2024 ۾ به اهو ئي ڏسندا.

سندس صلاح ڪارن چيو آهي ته ايندڙ ٻه سال بائيڊن جي لاءِ لازمي طور تي سخت هوندا. ڊيموڪريٽس ڪانگريس جو متفقه ڪنٽرول وڃائي ويٺا آهن ۽ هاڻي جڏهن ته هو پنهنجي ٻيهر چونڊ جي لاءِ ووٽرن ڏانهن ويندو ته سندس ترجيح نون اقدامن تي عمل ڪرڻ ۽ آمريڪين کي انهن جي نهتر نتيجي جي يقين دهانيءَ تي مشتمل هوندي.

هنن چيو آهي ته بائيڊن ٻه طرفي سهڪار جي شعبن جي تلاش جاري رکندو، ليڪن سندس سڀني کان وڏي ترجيح، مثلا حملي جي طرز جي هٿيارن تي پابندي ۽ اسقاط حمل جي ملڪ گير حق جي ضابطي سازي تي ٻه طرفي تعاون حاصل ڪرڻ جي توقع تمام گهٽ آهي.

ان جي بجاءِ هو مقبول پروگرامن کي اجاگر ڪرڻ ۽ انهن تي عمل درآمد ڪرڻ جا طريقا تلاش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو، مثلا ميڊي ڪيئر وارن جي لاءِ انسولين جي خرچ تي ماهانه 35 ڊالر جي حد جيڪا جنوريءَ ۾ نافذ ٿيندي، جڏهن ته ڪابينا جا اداره خرچ جي لاءِ اربين ڊالر جي تلاش ۽ استعمال جي لاءِ ڪوشش ڪندا.

(هن رپورٽ جا تفصيل ايسو سي ايٽڊ پريس تان ورتا ويا آهن)

XS
SM
MD
LG