صدر جو بائيڊن اربع ڏينهن چيو آهي ته روسي صدر ولاديمير پوٽن پاران آمريڪا ۽ روس جي وچ ۾ هٿيارن جي ڪنٽرول جي معاهدي منجهان نڪرڻ هڪ ’’وڏي غلطي’’ ٿيندي.
آمريڪي صدر انهن خيالن جو اظهار پولينڊ جي پنهنجي دوري دوران ڪيو. ان دوري جو مقصد نيٽو جي اوڀر وارن اتحادين کي اها ڳالهه ورجائڻي هئي ته آمريڪا يوڪرين تي روسي حملي جي خلاف انهن سان گڏ آهي.
ان کان اڳ اڱاري تي صدر بائيڊن نيو اسٽارٽ معاهدي تان هٿ کڻڻ جي روسي فيصلي جي مذمت ڪئي هئي.
اهو معاهدو 2010 ۾ طئي ٿيو هو جنهن تي ان وقت جي آمريڪي صدر براڪ اوباما ۽ ان وقت جي روسي صدر دمتري مددييف صحيون ڪيون هيون. ان معاهدي ۾ ٻنهين ملڪن کي پنهنجا جوهري هٿيار 1550 تائين محدود ڪرڻ ۽ انهن جي معائني جي اجازت ڏيڻ جي لاءِ چيو ويو هو.
بائيڊن روس جي ان معاهدي تان دست برداريءَ متعلق چيو آهي ته ’’اها هڪ وڏي غلطي آهي’’.
يوڪرين ۾ جنگ جاري رهڻ سان اوڀر يورپ جي نون ملڪن جي پريشانيءَ ۾ واڌ آئي آهي. انهن منجهان اڪثر کي ان ڳالهه جو خطرو آهي ته جيڪڏهن پوٽن يوڪرين ۾ ڪامياب ٿئي ٿو ته هو انهن جي خلاف به فوجي قدم کڻي سگهي ٿو. ان اتحاد ۾ بلغاريا، جمهوريه چيڪ، ايسٽونيا، هنگري، لٿوانيا، پولينڊ، رومانيا ۽ سلوواڪيا شامل آهن.
بائيڊن ان گروپ کي اربع ڏينهن چيو ته توهان اسان جي گڏيل بچاءَ جي پهريئنءَ صف ۾ شامل آهيو. توهان ڪنهن ٻئي کان وڌيڪ ڄاڻو ٿا ته هن جنگ مان صرف يوڪرين کي ئي نه بلڪه پوري يورپ ۽ سموري دنيا ۾ جمهوريتن جي آزاديءَ کي خطرو آهي.
هن چيو ته نيٽو جو ٻه طرفو دفاعي معاهدو مقدس آهي ۽ اسان نيٽو علائقي جي هر انچ جو بچاءُ ڪنداسين.
ان کان هڪ ڏينهن اڳ وارسا ۾ ٿيڻ واري اجلاس ۾ نيٽو جي سيڪريٽري جنرل زان سٽولٽن برگ چيو ته ’’اسان نه ٿا ڄاڻئون ته هيءَ جنگ ڪڏهن ختم ٿيندي. پر جڏهن اها ختم ٿي ته اسان کي ان ڳالهه جي پڪ ڪرڻي پوندي ته تاريخ پنهنجو پاڻ کي ٻيهر نه دهرائي.
يوڪرين جنگ جي باري ۾ بائيڊن تقرير کان هڪ ڏينهن اڳ ڪئيف جو اوچتو دورو ڪيو، جيڪو ان ملڪ سان يگانگت جو ڀرپور اظهار هيو. پنهنجي ان تقرير ۾ هن روسي صدر پوٽن کي سخت لفظن ۾ چتاءُ ڏيندي چيو هو ته يوڪرين کي هارائڻ جي معاملي تي آمريڪا خاموش نه وهندو.
بائيڊن پنهنجي تقرير ۾ يوڪرين جنگ متعلق پولينڊ جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو هو ته هي ملڪ تقريبا 15 لک يوڪريني پناه گيرن جي ميزباني ڪري رهيو آهي ۽ ان ڪئيف کي 3.8 ارب ڊالر جي فوجي ۽ اقتصادي امداد ڏيڻ جو وعدو به ڪيو آهي.
(هن خبر جي معلومات ايسو سي ايٽڊ پريس تان ورتل آهي)