رسائی کے لنکس

بائيڊن سال 2024 جي لاءِ 6.8 ٽريلين ڊالر جي مجوزه سالياني بجيٽ پيش ڪئي


صدر بائيڊن فلاڊيلفيا جي ’فنشنگ ٽريڊ انسٽي ٽيوٽ’ ۾ نئين مالي سال جي لاءِ مجوزه بجيٽ جي انگن اکرن جي باري ۾ تقريرڪندي. 9 مارچ 2023.
صدر بائيڊن فلاڊيلفيا جي ’فنشنگ ٽريڊ انسٽي ٽيوٽ’ ۾ نئين مالي سال جي لاءِ مجوزه بجيٽ جي انگن اکرن جي باري ۾ تقريرڪندي. 9 مارچ 2023.

صدر جو بائيڊن خميص ڏينهن نئين مالي سال 2024 جي لاءِ 6.8 ٽريلين ڊالر جي مجوزه بجيٽ پيش ڪئي، جنهن تخميني ۾ نوان منصوبا پيش ڪيا ويا آهن جن ۾ ڪارپوريشنز ۽ دولت مندن تي محصول ۾ واڌ آڻڻ جون تجويزون پيش ڪيون ويون آهن.

ليڪن، ڪانگريس ۾ ريپبلڪن جو چوڻ آهي ته ان بجيٽ جو ڪانگريس منجهان منظوريءَ جو ڪو امڪان ڪونهي.

ڊيموڪريٽ پارٽيءَ سان تعلق رکڻ واري صدر بائيڊن جي عهدي جي هيءَ پهرين مدت آهي ۽ کيس ايندڙ سال جي صدارتي چونڊن ۾ ٻيهر منتخب ٿيڻ جي اميد آهي.

پنهنجي ٻيهر چونڊ کي ذهن ۾ رکندي هن مطالبو ڪيو ته چين جي معيشت ۽ فوجي قوت جي مقابلي جي لاءِ رقمن ۾ واڌ آڻڻ جي ضرورت آهي، جن ۾ آمريڪين جي لاءِ صحت جي سهولتن، تعليم جي نون موقعن پيدا ڪرڻ ۽ ملڪ جي ماحولياتي تحفظ جي اداري جي لاءِ وڌيڪ باصلاحيت اٽالي جو حصول شامل هوندو.

مجوزه بجيٽ سمريءَ ۾ وائيٽ هائوس چيو آهي ته آمريڪا جي رڳو چين سان ڀيٽ آهي، جيڪو بين الاقوامي نظام کي نئين سر جوڙڻ جو ارادو رکي ٿو ۽ ائين ڪرڻ جي لاءِ اهو تيزيءَ سان اقتصادير، سفارتي، فوجي ۽ ٽيڪنيڪي طاقت ۾ واڌ آڻي رهيو آهي.

مجوزه آمريڪي بجيٽ جو اعلان اهڙي وقت ڪيو ويو جڏهن آمريڪا ۾ ٻن وڏين سياسي جماعتن ۾ اهو بحث جاري آهي ته ملڪ جي قرض جي 31.4 ٽريلين ڊالر جي حد ’ڊيٽ سيلنگ’ ۾ واڌ آندي وڃي.

جيڪڏهن ايندڙ مهينن دوران صدر بائيڊن ۽ ڪانگريس جي وچ ۾’Debt Ceiling’ ۾ واڌ تي اتفاق نه ٿو ٿئي ته پهريون ڀيرو ائين ٿيندو جو آمريڪا پنهنجو قرض ادا نه ڪري سگهندو ۽ مالي تباهي ٿيندي جيڪا عالمي مارڪيٽ کي متاثر ڪندي ۽ آمريڪا ۾ بيروزگاريءَ ۾ واڌ ايندي.

ريپبلڪن اڪثريت واري ايوان نمائندگان ۾ بائيڊن جا مخالف آئنده جي خرچ جي رقمن ۾ وڏين ڪٽوتين جا مطالبه ڪري چڪا آهن. ان کي وڌائڻ جي ڳالهه اڳتي هلڻ ته ٺهيو، ڪرڻ به محال ٿي لڳي. جنهن ۾ صدر بائيڊن جي ملڪي بجيٽ ۾ ڊگهي عرصي کان موجود خساري کي، جيڪو هاڻي هڪ ٽريلين ڊالر کان وڌي ويو آهي، کي آڪٽوبر کان وٺي گهٽائڻ وارو منصوبو به شامل آهي.

ريپبلڪنز جو چوڻ آهي ته حڪومت جا خرچ ڪنٽرول کان ٻاهر ٿيندا پيا وڃن ۽ انفرادي پروگرامن کي يا ته ختم ڪيو وڃي يا وري انهن ۾ ڪافي گهٽتائي آندي وڃي. ان جي برعڪس صدر بائيڊن پنهنجي نون يا وڌايل گنجائش وارن منصوبن جي لاءِ رقم حاصل ڪرڻ جي غرض سان وڌيڪ آمدنيءَ وارن آمريڪين تي جيڪي چار لک ڊالر ساليانو ڪمائن ٿا ۽ وڏين ڪارپوريشنن تي ٽيڪسن ۾ واڌ آڻڻ جو مطالبو ڪري رهيو آهي.

هوڏانهن اڃان توڻين ريپبلڪنز اهو نه ٻڌايو آهي ته اهي ڪهڙن منصوبن ۾ گهٽتائي آڻڻ يا ڪهڙن پروگرامن کي ختم ڪرڻ چاهن ٿا. ليڪن سندن چوڻ آهي ته اهي ايندڙ مهيني اهو تفصيل بيان ڪندا.

صدر بائيڊن آمريڪي رياست پنسلوانيا جي شهر فلاڊيلفيا جي يونين هال ۾ بجيٽ جو اعلان ڪندي ايوان جي اسپيڪر ڪيون ميڪارٿيءَ تي زور ڏنو ته هو به پنهنجي منصوبي جي ترجيحات پيش ڪري، ته جيئن ٻنهين جي ڀيٽ ڪري اهي نڪتا ڳولهيا وڃن جن تي اتفاق رائي ٿي سگهي ٿو.

صدر چيو ته مان پنهنجي بجيٽ جي وڏي حصي کي بيان ڪري چڪو آهيان. ڪانگريس ۾ ريپبلڪنز کي به ائين ئي ڪرڻ کپي. ان کان پوءِ اسان ملي ويهي سگهون ٿا ته جيئن ڏسي سگهجي ته اسان جي وچ ۾ ڪهڙن نڪتن تي اختلاف آهي.

(وي او اي نيوز)

XS
SM
MD
LG