رسائی کے لنکس

وارسا: بائيڊن پاران يوڪرين ۽ نيٽو جي لاءِ آمريڪي حمايت جي يقين دهاني


پولينڊ جي دوري دوران صدر آندري ڊوڊا سان ملاقات کان پوءِ، اڱاري ڏينهن صدر جو بائيڊن وارسا ۾ شاهي محل مان خطاب ڪندي. 21 فربروري 2023.
پولينڊ جي دوري دوران صدر آندري ڊوڊا سان ملاقات کان پوءِ، اڱاري ڏينهن صدر جو بائيڊن وارسا ۾ شاهي محل مان خطاب ڪندي. 21 فربروري 2023.

يوڪرين جي گاديءَ واري هنڌ ڪئيف جي ڊرامائي دوري کان پوءِ وارسا پهچڻ تي آمريڪي صدر جو بائيڊن اڱاري ڏينهن پولينڊ پهتو جتي هن وارسا جي تاريخي محل مان پنهنجو اهم خطاب ڪيو. روس جي جارحيت کي سال پورو ٿيڻ جي نسبت سان پنهنجي خطاب ۾ هن روس جي حملي کان پوءِ يوڪرين جي دفاع ۾ صدر ولودومير زيلنسڪيءَ جي ڪوششن ۾ مدد ڏيڻ جي لاءِ آمريڪا پاران نيٽو ۽ اولهه جي ملڪن کي متحد ڪرڻ جي ڪوششن تي روشني وڌي.

بائيڊن چيو ته هڪ سال اڳ دنيا ڪئيف تي قبضي ٿيڻ جون ڳالهيون ٻڌي رهي هئي. مان ڪئيف جي تازي دوري تان موٽيو آهيان. ماڻ ٻڌائي سگهان ٿو ته ڪئيف مضبوط بيٺو آهي. ان وٽ حوصلو آهي. اڃان اهم ڳالهه اها ته هو آزاد آهي’’.

صدر جي خطاب کان اڳ وائيٽ هائوس جي قومي سلامتيءَ جي صلاح ڪار، جيڪ سليوان چيو ته صدر پنهنجو خطاب ان ساڳئي هنڌ تان ڪري رهيو آهي جتي هن پوئين سال مارچ ۾ پنهنجي تقرير ڪئي هئي، جنهن ۾صدر بائيڊن يوڪرين جي باري ۾ نيٽو ۽ آمريڪا جي حمايت متعلق بنيادي سوالن جا جواب بيان ڪندو.

هن اڱاري ڏينهن پنهنجي بريفنگ ۾ اخباري نمائندن کي ٻڌايو ته ’’هڪ سال پوءِ، اتحاد ۽ عزم ۽ بنيادي اصولن جي باري ۾ صدر پنهنجي عزم جي اظهار کي ورجائيندو’’.

سليوان چيو ته پنهنجي خطاب ۾ صدر ان ڳالهه تي روشني وجهندو ته جارح ملڪ بنيادي اصولن کي تباه ڪرڻ ۽ انهن جمهوريتن کي نقصان پهچائڻ جي لاءِ ڇا ڪري رهيو آهي، جيڪي جمهوري ملڪ اعليٰ قدرن کي سربلند رکڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.

صدر پولينڊ جي پنهنجي ٻئي دوري جو آغاز صدر آندري ڊوڊا سان ملاقات ڪري ڪيو. آمريڪي صدر ’نيٽو چارٽر’ جي آرٽيڪل 5 تحت اجتماعي دفاع جي اصول سان واشنگٽن جي پختي يقين کي ورجايو ۽ ڊوڊا کي پڪ ڏياري ته جيڪڏهن روس يوڪرين کان پوءِ پولينڊ تي حملو ڪيو ته نيٽو اتحاد ان جو جواب ڏيندو.

پولينڊ پنهنجي پاڙيسري اتحادي ملڪ جي پختي حمايت ڪري رهيو آهي ۽ زيلنسڪيءَ جي حڪومت کي انساني همدرديءَ جي بنياد تي اربين ڊالر جا هٿيار فراهم ڪري رهيو آهي، ۽ يوڪرين جي مهاجرن جو آڌرڀاءُ ڪري رهيو آهي، ۽ ڪئيف جي مدد جي لاءِ فوجي امداد ۽ اهم رسد موڪلڻ جو اهم مرڪز آهي.

اڱاري ڏينهن ئي صدر يوڪرين جي حمايت ۾ دليل ڏيندو جنهن جو مقصد اهو آهي ته جيسيتائين يوڪرين کي مدد جي ضرورت آهي اها پوري ڪئي ويندي، جنهن ۾ 46 ڪروڙ ڊالر جي ماليت جو فوجي امدادي پيڪيج به شامل آهي، جنهن جو صدر سومر ڏينهن ڪئيف ۾ اعلان ڪيو.

روس جي يوڪرين تي حملي کان پوءِ اڄ تائين يوڪرين کي آمريڪا پاران دفاعي، معاشي ۽ انساني همدرديءَ جي مدن ۾ ملندڙ امداد جي ماليت 40 ارب ڊالر ٿي وئي آهي.

(وي او اي نيوز)

XS
SM
MD
LG