پاڪستان جي پرڏيهي وزير، بلاول ڀٽو زرداري وزير اعظم آفيس جي آڊيو ليڪس معاملي کي انتهائي حساس قرار ڏيندي چيو آهي ته وزير اعظم ڪير به هجي ان وڊيو ليڪ سان قومي سلامتيءَ جو سوال پيدا ٿيو آهي. سندس بقول، سموري دنيا ۾ هن قسم جي ريڪارڊنگز گهڻي ڀاڱي انٽيلي جينس ايجنسيون ڪنديون آهن. ان ڪري، اسان کي ان جو جواب گهرجي.
آمريڪا جي دوري تي آيل بلاول ڀٽي وائس آف آمريڪا جي ارم عباسيءَ کي ڏنل انٽرويو ۾ آڊيو ليڪس جي معاملي ۽ آمريڪا پاڪستان تعلقات سميت ٻين معاملن تي کلي طرح خيالن جو اظهار ڪيو.
هن چيو ته وزير اعظم شهباز شريف آڊيو ليڪس معاملي جي انڪوائريءَ جو حڪم ڏنو آهي، جنهن جي نتيجي جو اسان سڀني کي انتظار آهي. اسان ان عمل جي مذمت ڪريون ٿا.
خيال رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ پاڪستان جي وزير اعظم شهباز شريف ۽ سندس پرسنل سيڪريٽريءَ جي آڊيو منظر عام تي آئي هئي جنهن ۾ هو مريم نواز جي نياڻي جي فيڪٽريءَ جي لاءِ مشينري گهرائڻ ۽ گرڊ اسٽيشن لڳرائڻ متعلق ڳالهه ڪري رهيا آهن. وزيراعظم ان آڊيو جي تصديق ڪندي چيو آهي ته ان ۾ اهڙي ڪا ڳالهه ڪانهي جنهن تي مخالفين اعتراض اٿاري رهيا آهن. پر ان معاملي جي انڪوائري ڪئي ويندي.
ٽي ٽي پيءَ سان مذاڪرات اسان جي حڪومت ۾ اچڻ کان پهريان جاري آهن
خيبر پختونخوا ۾ دهشت گرديءَ جي وڌندڙ واقعن ۽ پابندي لڳل تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) سان مذاڪرات متعلق پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ بلاول ڀٽي چيو ته اهي مذاڪرات گزريل دور حڪومت ۾ شروع ٿيا هيا ۽ ڳالهه سيز فائر تائين وڃي پهتي هئي.
سندس بقول، اسان جو شروع کان وٺي اهو ئي موقف رهيو آهي ته پارليمان کي اعتماد ۾ ورتو وڃي جنهن کان پوءِ پارليمان کي ان معاملي تي بريفنگ ڏني وڃي. ان ڪري، اڃان به اسان جو اهو موقف آهي ته مذاڪراتي عمل پارليمان جي نگرانيءَ هيٺ هئڻ کپي.
بلاول تازو پنهنجي هڪ بيان ۾ افغانستان ۾ طالبان حڪومت کي الڳ ٿلڳ نه ڪرڻ جو مشورو ڏنو هو. ان باري ۾ وائس آف آمريڪا جي هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مان افغان طالبان سان رابطي رکڻ جي حق ۾ آهيان. اسان نوي جي ڏهاڪي مان ڪو سبق حاصل نه ڪيو آهي. ان وقت کين اڪيلو ڇڏڻ سان مسئلا پيدا ٿيا هيا ۽ انتها پسندي وڌي هئي.
پرڏيهي معاملن جي وزير چيو ته اسان چاهيون ٿا ته افغانستان ۾ عورتن ۽ ٻين گروپن کي حق ڏيارڻ جي لاءِ اسان کي طالبان سان رابطي ۾ رهڻو پوندو. سندن منجمد فنڊ جاري ڪرڻا پوندا ڇو ته اهي افغان عوام جا فنڊ آهن.
ان جي بقول، اسان کي هيءَ ڳالهه به ڌيان ۾ رکڻ گهرجي ته غربت دهشت گرديءَ جي راه هموار ڪندي آهي. اسان کي افغان معيشت جي بحاليءَ ۽ افغان عوام کي حق ڏيارڻ جي لاءِ کين مالي وسيلا فراهم ڪرڻا پوندا.
ياد رهي ته آگسٽ 2021 ۾ طالبان جي اقتدار تي قبضي کان پوءِ آمريڪا ۽ سندس اتحادين تقريبا ساڍن نون ارب ڊالرن جا افغان اثاثا منجمد ڪيا هيا. ٻاهرين ملڪن مان افغانستان فنڊ منتقل ڪرڻ تي به پابندي لڳائي وئي هئي، جنهن سان عمل دارن جي مطابق، ملڪ جو مالياتي نظام شديد ٿرٿلي ۾ آيو ۽ پهريان ئي ڪمزور معيشت زبون حاليءَ جي شڪار ٿي وئي.
سيلاب تي عالمي رد عمل منجهان مطمئين آهيان
پاڪستان جي تازي سيلاب ۽ ٻاهرين دنيا کان ملندڙ امداد متعلق هڪ سوال جي جواب ۾ بلاول ڀٽي زرداريءَ چيو ته اسان کي ان سلسلي ۾ آمريڪا ۽ بين الاقوامي ڪميونٽيءَ کان جيڪو ريسپانس مليو آهي، مان ان کان گهڻو مطمئين آهيان.
چين جي قرضن ۾ ڇوٽ جي سلسلي ۾ آمريڪي پرڏيهي وزير جي تجويز تي هن چيو ته هينئر اسان ٻوڏ جي صورت حال کي منهن ڏيڻ ۾ ڦاٿل آهيون. جيڪڏهن قرضن ۾ رليف جي ضرورت پئي ته اسان ان سلسلي ۾ سڀني سان ڳالهه ٻولهه ڪنداسين.
خيال رهي ته پرڏيهي معاملن جي آمريڪي وزير، اينٽني بلنڪن بلاول ڀٽي زرداريءَ سان پنهنجيءَ تازي ملاقات ۾ تجويز ڏني هئي ته پاڪستان ۾ سيلاب جي تباه ڪارين جي نتيجي ۾ پاڪستان چين کان قرضن ۾ رليف حاصل ڪري.
في الحال ڀارت جي طرف هٿ وڌائڻ ممڪن ڪونهي
پاڪستان ۽ ڀارت جي تعلقات ۾ بهتري آڻڻ جي حوالي سان سندس چوڻ هو ته پاڪستان پنهنجي سطح تي ان سلسلي ۾ ڪافي ڪوششون ڪري چڪو آهي. سال 2010 ۾ پاڪستان پنهنجي پاران واپار شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو. ليڪن، 2019 کان پوءِ ڀارت جي انتظام هيٺ ڪشمير جي عوام مخالف اقدام جي ڪري حالتون تمام گهڻيون بدلجي چڪيون آهن.
سندس بقول، ڀارت ۾ مسلمانن جي خلاف ورتل اقدامات جي ڪري به صورت حال متاثر ٿي آهي جنهن جي ڪري في الحال پاڪستان جي پاران هٿ اڳتي وڌائڻ ممڪن ناهي.
عمران حڪومت ڪيرائڻ ۾ آمريڪا يا فوج جو ڪو هٿ نه هيو
بلاول ڀٽي زرداريءَ عمران خان جي ان الزام کي مسترد ڪيو ته سندس حڪومت ڪيرائڻ ۾ آمريڪي سازش ۽ پاڪستاني فوج جو هٿ هيو. هن چيو ته عمران خان جي پاليسين جي ڪري کيس هٽائڻ جي سياسي جدوجهد ٽن سالن کان جاري هئي.
هن چيو ته اسان عمران خان جي حڪومت جي خلاف اسمبليءَ ۾ عدم اعتماد جي تحريڪ پيش ڪئي هئي جنهن ۾ سندس مخلوط حڪومت ۾ شامل سياسي جماعتن به اسان جو ساٿ ڏنو. هيءُ هڪ جمهوري طريقه ڪار آهي. ان ۾ سازش ڪٿان اچي وئي؟
فوج جي ڪردار جو ذڪر ڪندي، بلاول چيو ته عمران خان اهو ٿو چاهي ته فوج غير آئيني ڪردار ادا ڪري ۽ کيس هميشه لاءِ وزير اعظم جي عهدي تي وهاري.
پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين، بلاول ڀٽي زرداريءَ ان تاثر کي غلط قرار ڏنو ته ڀٽو فيملي ۽ سندس پارٽيءَ جي جدوجهد فوج جي خلاف رهي آهي ۽ هينئر هو فوج جي ’بي ٽيم’ بڻجي حڪومت ۾ آيو آهي.
بلاول چيو ته هو پاڻ ۽ سندس جماعت ڪڏهن به فوج مخالف نه رهيا آهن. ليڪن، سندس جدوجهد مسلسل جمهوريت جي لاءِ هئي ۽ آهي. هن چيو ته اسان کي فوج سپورٽ نه ڪيو، بلڪه اسان پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو عدم اعتماد جي تحريڪ جي ڪاميابيءَ کان پوءِ حڪومت ۾ آيا آهيون.