رسائی کے لنکس

ڀارت: آسٽريلوي ٽيسٽ ڪپتان سيريز دوران وطن روانو


پيٽ ڪمنز (فائيل فوٽو)
پيٽ ڪمنز (فائيل فوٽو)

آسٽريلوي ٽيسٽ ٽيم جو ڪپتان پيٽ ڪمنز ڀارت خلاف جاري ٽيسٽ سيريز جي دوران ئي وطن لاءِ روانو ٿي ويو آهي.

آسٽريلوي ڪرڪيٽ بورڊ سومر تي هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته پيٽ ڪمنز کي پنهنجي گهرواريءَ جي شديد بيماريءَ سبب ڀارت کان سڊني اچڻو پيو.

جيتوڻيڪ ڪرڪيٽ بورڊ واضح ناهي ڪيو ته سندس گھر ڀاتين مان ڪير بيمارآهي ۽ بيماري جي نوعيت ڪهڙي آهي.

آسٽريلوي بورڊ پاران امڪان ظاھر ڪيو ويو آھي ته ڪمنز جلد ئي ڀارت موٽندو ۽ ٽيسٽ سيريز جي باقي ميچن ۾ ٽيم جي اڳواڻي ڪندو.

پيٽ ڪمنز ڀارت خلاف ٻئي ٽيسٽ ميچ جي ٻئي اننگز ۾ بالنگ نه ڪري سگهيو هو ۽ ميچ جي فيصلي کانپوءِ فوري طور گهر روانو ٿي ويو.

دهليءَ ۾ کيڏيل ٻئي ميچ جو فيصلو ٽئين ڏينهن جي راند جي پڄاڻيءَ تي ٿيو. ڀارت 115 رنسن جو هدف آسانيءَ سان 4 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري چئن ميچن جي سيريز ۾ 0-2 جي برتري ماڻي ورتي.

ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيريز جو ٽيون ميچ مارچ جي پهرين تاريخ کان ڀارتي شهر اندور ۾ شروع ٿيندو، جنهن لاءِ رانديگرن کي 10 ڏينهن انتظار ڪرڻو پوندو.

XS
SM
MD
LG