رسائی کے لنکس

ٽڪ ٽاڪ جي باري ۾ قومي سلامتيءَ جي نوعيت جا تحفظات آهن، ايف بي آئي


آمريڪا جي وفاقي تحقيقاتي اداري (ايف بي آئي) جي ڊائريڪٽر، ڪرسٽوفر ري چيو آهي ته سندس اداري کي مختصر وڊيوز جي چيني ايپ، ’ٽڪ ٽاڪ’ جي باري ۾ ’قومي سلامتيءَ جي سطح جا تحفظات’ آهن.

اڱاري ڏينهن ايوان نمائندگان جي هوم لينڊ سيڪيورٽي ڪاميٽيءَ جي سماعت جي دوران، ايف بي آئي جي ڊائريڪٽر چيو ته داخلي سلامتيءَ جي لاءِ دنيا کان جيڪي خطره درپيش آهن انهن ۾ ’ٽڪ ٽاڪ’ متعلق تحفظات به شامل آهن.

هڪ سوال جي جواب ۾، ڪرسٽوفر ري چيو ته ’ٽڪ ٽاڪ’ جي ذريعي چين جي حڪومت ’الگرٿم’ ري ڪمنڊيشنز ڪنٽرول ڪري، مختلف ’ڊوائيسز’ تي اثرانداز ٿي سگهي ٿي يا ڪروڙين ڊوائسز ۾ استعمال ٿيندڙ سافٽ ويئرز کي ڪنٽرول ڪري سگهي ٿي. ان جي نتيجي ۾ چين صارفين جي ذاتي ڊوائسز ۾ دخل اندازي ڪري سگهي ٿو.

پنهنجي تحريري بيان ۾ ڊائريڪٽر ايف بي آئي چيو آهي ته چچن کان معاشي ۽ جاسوسيءَ جي نوعيت جا خطرا لاحق آهن. ليڪن هن کليل سماعت ۾ ان سوال جو جواب ڏيڻ کان ڪيٻايو ته ڇا چيني حڪومت ’ٽڪ ٽاڪ’ جي ذريعي آمريڪي شهرين جو ڊيٽا ڪٺو ڪري رهي آهي.

ٽڪ ٽڪ متعلق تحفظات

گزريل ڪيترن ئي سالن کان چيني حڪومت سان تعلقات جي باري آمريڪا ۾ قانون سازن ۽ عهديدارن وچ ۾ ’ٽڪ ٽاڪ’ جو معاملو بحث هيٺ رهيو آهي.

قومي سلامتيءَ متعلق تحفظات تي اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ 2020 ۾ هڪ انتظامي حڪم نامو جاري ڪيو هو جنهن کان پوءِ آمريڪا ۾ عملا ’ٽڪ ٽاڪ’ تي پابندي لڳائي وئي هئي. ليڪن، ٽڪ ٽاڪ ٽرمپ جي انتظامي حڪم نامي کي روڪڻ جي لاءِ قانوني طريقه ڪار اختيار ڪيو هو.

ڊيٽا جو ڪهڙو استعمال ٿي سگهي ٿو؟

اگرچه ’ٽڪ ٽاڪ’ چين جي ڪميونسٽ پارٽيءَ سان تعلقات جي ترديد ڪندو آهي، ليڪن آمريڪا ۾ ڪانگريس جي ميمبرن هن ايپ جي ذريعي صارفين جو ڊيٽا ڪٺو ڪرڻ جي امڪان تي تشويش ظاهر ڪئي آهي.

اڱاري ڏينهن ٿيڻ واري سماعت ۾ ريپبلڪن نمائنده، ڊيانا هرشبرگ ’فوربز’ ميگزين جي هڪ تازي مضمون جي حوالو ڏيندي چيو ته ان مضمون ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ’ٽڪ ٽاڪ’ جي مالڪ ڪمپني ’بائيٽ ڊانس’ خاص آمريڪين جي نقل و حرڪت ٽريڪ ڪرڻ جي لاءِ ان ايپ جي استعمال جو ارادو رکندي آهي.

ٽڪ ٽاڪ هن مضمون ۾ لڳايل الزامن جي ترديد ڪئي آهي ۽ پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ’ٽڪ ٽاڪ’ آمريڪي صارفين جو ’جي پي ايس لوڪيشن’ ڪٺو نه ڪندي آهي.

هلندڙ سال جون ۾’ٽڪ ٽاڪ’ آمريڪي ڪانگريس جي ميمبرن کي آمريڪي صارفين جي ڊيٽا سيڪيورٽي متعلق تحريري يقين به ڏياري هئي.

پالڪ ۽ آفيم جو فرق

هلندڙ مهيني آمريڪا جي معروف ٽي وي دستاويزي پروگرام ’60 منٽس’ پنهنجيءَ هڪ رپورٽ ۾ ٻڌايو هو ته ’ٽڪ ٽاڪ’ جا ٻه ورينز آهن. انهن منجهان هڪ محدود ۽ صرف چيني صارفين جي لاءِ ’اسپنچ ورين’ جنهن جو مقصد تعليمي آهي، جڏهن تي ’اوپيم ورين’ قسم جو ’ٽڪ ٽاڪ’ دنيا جي ٻين ملڪن جي لاءِ آهي. اولهه جي ملڪن ۾ جيڪو ورين فراهم ڪيو ويندو آهي ان تي ٻار ڪلاڪن جا ڪلاڪ صرف ڪندا آهن جڏهن ته چين ۾ 14 سالن کان گهٽ عمر وارن ٻارن تي 40 منٽن کان وڌيڪ ’ٽڪ ٽاڪ’ ڏسڻ تي پابندي آهي.’60 منٽس’ مطابق انهن 40 منٽن ۾ به اهي صرف سائنسي تجربا، ميوزيم جي نمائش، حب الوطني تي مبني ۽ تعليمي ويڊيوز ڏسي سگهن ٿا.

ٻار عام طور تي صحت بخش هئڻ جي باوجود پالڪ يا سائي ڀاڄي کائڻ پسند نه ڪندا آهن. جيڪڏهن انهن کي اهي کارايون به وڃن ته اهي ان جا عادي نه ٿيندا آهن. ان جي مقابلي ۾ آفيم نشي جي علامت آهي جنهن جي عادت پئجي ويندي آهي. انهيءَ فرق جي بنياد تي الڳ الڳ ورينز کي ’60 منٽس’ اهي نالا ڏنا آهن.

(هن خبر ۾ شامل معلومات وائس آف آمريڪا جي لاءِ مسعود فريوار جي رپورٽ منجهان ورتي وئي آهي)

XS
SM
MD
LG