گڏيل قومن جي اداري مطابق چين کان گوءَ کڻندي، ڀارت هن سال انساني آباديءَ جي لحاظ کان دنيا جو سڀ کان وڏو ملڪ ٿي ويندو. هن رپورٽ کان پوءِ چين جي 60 سالن ۾ پهريون ڀيرو آدم شماري گهٽجي ويندي. ڪجهه ماهرن جو چوڻ آهي ته ڀارت جي آبادي اڳ ۾ ئي چين کان وڌيڪ آهي.
هڪ غير منافع بخش تنظيم، ’پاپوليشن فائونڊيشن آف انڊيا’ جي اگزيڪٽو ڊائريڪٽر، يونن متريجا چيو آهي ته هي غير متوقع ناهي. سندس بقول، اسان کي معلوم هيو ته اسان 2027 ۾ چين کي پوئتي ڇڏي وينداسين، پر چين جي آبادي گهٽجڻ جي ڪري اهو ڪم تڪڙو ٿي ويو آهي.
ٻنهين ملڪن جي آبادي تقريبا 1.4 ارب آهي. ليڪن ماهرن جي مطابق، چين کي پوئتي ڇڏڻ صرف هڪ انگ جو معاملو ناهي. اها هڪ اهم تبديلي آهي. هڪ اهڙي وقت تي جڏهن چين جي آبادي اندازن کان اڳ ۾ ئي گهٽ ٿيڻ شروع ٿي وئي آهي، ڀارت جي آبادي وڌيڪ ٽن ڏهاڪن تائين وڌندي رهندي.
ليڪن، وڌيڪ اهم ڳالهه اها آهي ته اهڙي وقت جڏهن چين جي آباديءَ ۾ پيرسن ماڻهن جو تعداد وڌي رهيو آهي، تقريبا اڌ ڀارتي باشندا 25 سالن کان گهٽ عمر جا آهن. اها ڳالهه ڀارت جي لاءِ اقتصادي فائدن حاصل ڪرڻ جي اهم موقعي کي نمايان ڪري ٿي. ليڪن ماهرن جو چوڻ آهي ته گهڻو ڪجهه ان ڳالهه تي منحصر هوندو ته ملڪ پنهنجي افرادي قوت، خاص طور تي ڪم ڪرڻ جي قابل عمر واري وڏي آباديءَ جو فائدو ڪينئن وٺي سگهي ٿو.
اهي نوجوان اهڙي وقت هنر ۽ محنت جو ذريعو بڻجي سگهن ٿا جڏهن گهڻن ئي ملڪن جا ماڻهو ڪراڙا ٿي رهيا هوندا ۽ ڀارت جي لاءِ ممڪنه طور تي هڪ وڏي اڀرندڙ مارڪيٽ بڻجي سگهي ٿو جيڪو عالمي ڪمپنين ۽ سرمايه ڪارن جو پاڻ ڏانهن ڌيان ڇڪائيندو.
اڳوڻو اليڪشن ڪمشنر، ايس وائي قريشي، جنهن ’دي پاپوليشن مٿ، اسلام، فيملي پلاننگ اينڊ پاليٽڪس ان انڊيا’ نالي ڪتاب لکيو آهي، چيو آهي ته ’’اسان پوک جي لحاظ کان دنيا جو وڏو مارڪيٽ آهيون. ۽ اسان تربيت يافتا افرادي قوت جي ڪري سڀ کان وڏا سپلائير به ٿي سگهون ٿا’’.
ڌيان ڇڪائيندي هن چيو ته ساڳي وقت ان جا پنهنجي قسم جا چيلينج به آهن. مثال جي طور تي ڀارت کي هن ڏهاڪي جي پڄاڻيءَ کان اڳ ۾ غير زرعي شعبن ۾ نون ڪروڙ ملازمتون پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي.
اهو انگ پريشان ڪن آهي. ڀارت ۾ اڳ ۾ ئي 90 ڪروڙ ماڻهو ڪم ڪرڻ جي عمر جا آهن ۽ اهو انگ ڏهاڪي جي آخر تائين هڪ ارب جي نشان کان مٿي ٿي ويندو. هڪ اهڙي ملڪ ۾ ڪيترن ئي نوجوانن جي لاءِ تازن ورهن دوران بي روزگاريءَ جي وڌيندڙ شرح پريشانيون پيدا ڪري رهي آهي.
هاڻي جڏهن ڀارتي معيشت ڪووڊ 19 جي وبا جي اثر مان ٻاهر نڪري چڪي آهي ۽ هاڻي اها دنيا جي سڀ کان تيزيءَ سان وڌندڙ معيشت آهي، هڪ اندازي مطابق، ان جي رڳو 40 في صد افرادي قوت وٽ روزگار آهي يا اهي ملازمت جي تلاش ۾ آهن.
ڪاليج جا شاگرد پنهنجي مستقبل جي حوالي سان پريشان آهن. هڪ انڊر گرجوئيٽ شاگرد انمول ٻڌايو آهي ته ’’گهڻا ماڻهو، ملازمتون گهٽ ۽ مقابلو سخت. ان جي ڪري، وڏي آبادي اسان جي لاءِ نقصان واري هوندي’’. کيس خطرو آهي ته پوسٽ گرجوئيٽ ڪورس ۾ داخلا وٺڻ جي امتحان ۾، جنهن جو هو تياري ڪري رهيو آهي، سندس مقابلو اڃان سخت ٿي ويندو.
گڏيل قومن جي اداري جي 11 جولاءِ 2022 جي اندازي مطابق، 15 نومبر 2022 تي دنيا جي آدم شماري اٺ ارب ٿي ويندي، جڏهن ته 2023 ۾ ڀارت جي انساني آبادي چين کان وڌي ويندي.
(انجنا پسريچا جي رپورٽ)