رسائی کے لنکس

امينيءَ جي هلاڪت تي احتجاجي مظاهرن ۾ تيزي، پاسداران انقلاب جي تنبيه


(اي پي کي ٻاهرين ذريعي کان موصول ٿيل تصوير)
(اي پي کي ٻاهرين ذريعي کان موصول ٿيل تصوير)

ايران جي طاقتور پاسداران انقلاب خميص ڏينهن اسلامي جمهوريه جي عدليه کان مطالبو ڪيو آهي ته انهن شخصن جي خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي، جيڪي بقول سندس، نوجوان خاتون جي هلاڪت جي متعلق ’’غلط خبرون ۽ افواه ڦهلائي رهيا آهن’’. مهسا امينيءَ جي هلاڪت کان پوءِ سڄي ملڪ ۾ احتجاجي مظاهرا جاري آهن.

تهران ۽ ايران جي ٻين شهرن ۾ خميص جي ڏينهن احتجاج ڪرڻ وارن پوليس جي ٿاڻن کي باهه ڏني، اهڙي وقت جڏهن خاتون جي هلاڪت جي معاملي تي احتجاج ۾ ٺاپر جو امڪان نظر نه ٿو اچي. اهي به اطلاع آهن ته ڪاوڙيل انبوه سيڪيورٽي فورسز تي حملو ڪيو آهي.

گزريل هفتي 22 ورهن جي مهاسا امينيءَ جو موت ان وقت ٿيو جڏهن هوءَ پوليس جي حراست ۾ هئي ۽ کيس ’’نامناسب لباس’’ پائڻ جي الزام تي گرفتار ڪيو ويو هو. هن کي بي هوشيءَ جي حالت ۾ اسپتال داخل ڪيو ويو، جتي هن جو دم ٽٽي پيو. عمل دارن چيو آهي ته سندس موت جو سبب معلوم ڪرڻ لاءِ تفتيش ڪئي ويندي.

هڪ بيان ۾ پاسداران انقلاب امينيءَ جي خاندان ۽ مٽن مائٽن سان همدرديءَ جو اظهار ڪيو آهي.هوڏانهن ايراني ميڊيا رپورٽن مطابق، جمعي ڏينهن حڪومت جي حق ۾ مظاهرا ڪيا ويندا.

سخت گير اخبار، روزنامه ’ڪيهان’ پنهنجي ايڊيٽوريل ۾ چيو آهي ته ’’ايراني عوام جي خواهش اها آهي ته ڏوهارين کي درگزر نه ڪيو وڃي’’.

امينيءَ جي هلاڪت جي معاملي تي سال 2019 کان پوءِ هن وقت اسلامي جمهوريه ۾ سڀني کان وڏا احتجاجي مظاهرا جاري آهن. انهن مان گهڻا ايران جي ڪرد آباديءَ واراي اتر اولهندي خطي ۾ ٿي رهيا آهن، ليڪن اهي گاديءَ واي هنڌ تهران کان سواءِ ملڪ جي ڪم از ڪم 50 شهرن ۽ قصبن تائين ڦهلجي چڪا آهن، جڏهن ته پوليس احتجاج ڪندڙن کي ڇڙ و ڇڙ ڪرڻ لاءِ طاقت جو استعمال ڪري رهي آهي.

جن صوبن ۾ احتجاج جاري آهي انهن ۾ البروز، اوڀر آذربائيجان، فارس، گيلان، گلستان، همدان، هرموزگان، الام، اصفهان، ڪرمان، ڪرمانشاه، ڪردستان، مرڪزي، مزندران، قزوين، قم، رضوي خراسان، سمنان، ڏکن خراسان، تهران، اولهه آذربائيجان، يزد ۽ زنجان شامل آهن.

تهران ۾ احتجاجي مظاهرو
تهران ۾ احتجاجي مظاهرو

گزريل هفتي ايران ۾ پوليس جي حراست دوران هڪ خاتون جي هلاڪت کان پوءِ شروع ٿيڻ وارا احتجاجي مظاهرا سڄي ملڪ ۾ ڦهلجي ويا آهن، جڏهن ته سيڪيورٽي فورسز مظاهرن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ سخت ڪاروائي شروع ڪري ڏني آهي.

انساني حقن جي عالمي تنظيم، ’ايمنسٽي انٽرنيشنل’ مطابق، ايران جي ٽن صوبن ۾ ٻن ڏينهن دوران نون ڄڻا ماريا ويا آهن، جن ۾ هڪ عورت ۽ هڪ ٻار به شامل آهن. ليڪن ايراني عمل دارن ڇهن هلاڪتن جي تصديق ڪئي آهي.

هڪ رپورٽ ۾ ’ايمنسٽي انٽرنيشنل’ ٻڌايو آهي ته سيڪيورٽي فورسز جي فائرنگ جي ڪري ايران جي صوبي ڪردستان ۾ چار، ڪرمان شاه ۽ اولهه آذربائيجان ۾ ٻه ٻه ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته ڪريڪ ڊائون دوران سوين ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي.

ايران ۾ هي مظاهرا 16 سيپٽمبر تي پوليس جي حراست ۾ 22 ورهن جي مهسا امينيءَ نالي هڪ خاتون جي هلاڪت کان پوءِ شروع ٿيا آهن. ايران جي اخلاقي پوليس مهسا کي گاديءَ واري هنڌ، تهران جي هڪ عوامي جاءِ تي مبينه طور تي وار نمايان ڪرڻ جي الزام ۾ حراست ۾ ورتو هو.

مهسا جي خاندان الزام مڙهيو آهي ته پوليس مهسا تي تشدد ڪيو جنهن جي ڪري هوءَ بي هوش ٿي وئي ۽ اسپتال ۾ سندس دم ٽٽي پيو. ليڪن پوليس تشدد جي برتاو جي ترديد ڪندي، ڪنهن ثبوت کان سواءِ، دعوا ڪري رهي آهي ته مهسا جو موت دل بيهڻ جي ڪري ٿيو. سندس خاندان جو چوڻ آهي ته مهسا کي ڪڏهن به دل جي ڪا به بيماري نه هئي.

پوليس جي حراست ۾ مهسا جي موت جي خبر سامهون اچڻ کان پوءِ سندس اباڻي شهر، سقز ۾ مظاهرن جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، جيڪو ڏسندي ئي ڏسندي ٻين صوبن تائين ڦهلجي ويو آهي.

وائس آف آمريڪا جي فارسي سروس ۽ ايران جي مقامي صحافين جي پاران سوشل ميڊيا مان ڪٺي ڪيل وڊيوز مطابق، ايران جي 31 مان 23 صوبن ۾ احتجاجي مظاهرا ٿي رهيا آهن. انهن صوبن ۾ فارس، گلستان، تهران، اصفهان، ڪرمان، مرڪزئي، زنجان ۽ خراسان شامل آهن.

واضح رهي ته وائس آف آمريڪا آزادانه طور تي انهن مظاهرن جي باري ۾ تصديق نه ٿو ڪري سگهي، ڇو ته ايران ۾ رپورٽنگ تي پابندي آهي.

سوشل ميڊيا تي موجود ڪن وڊيوز ۾ ايران جي پنجن يونيورسٽين جي شاگردن کي حڪومت مخالف احتجاج ڪندي ڏسي سگهجي ٿو، جن منجهان چار يونيورسٽيون تهران ۾ آهن. حڪومت مخالف مظاهرا ڪرڻ واران شاگردن جو تعلق تهران ۾ موجود يونيورسٽي آف تهران، الزهره يونيورسٽي، اسلامي آزاد يونيورسٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي، علامه طبع تابع يونيورسٽي ۽ سمنان يونيورسٽي ٻڌايو ٿو وڃي.

انسٽاگرام بند

ايران ۾ مقبول سوشل ميڊيا انسٽاگرام تي حڪومت جي پاران رسائي نه ڏيڻ جي ڪري شهرين کي اربع ڏينهن مظاهرن جون تصويرون ۽ وڊيوز شيئر ڪرڻ ۾ مشڪل درپيش آئي.

انٽرنيٽ جي نگراني ڪرڻ واري برطانيه جي هڪ گروپ، ’نيٽ بلاڪس’ هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته ايران ۾ انٽرنيٽ فراهم ڪرڻ واريون سمورين وڏين سروسز تي پابندي عائد ڪئي وئي آهي.

اربع ڏينهن انسٽاگرام جي بندش متعلق ايراني حڪومت جي طرفان فوري طور تي ڪو بيان سامهون نه آيو آهي.

ان کان علاوه نيو يارڪ ۽ استنبول ۾ جلاوطنيءَ جي زندگي گزارڻ واران ايراني باشندن اربع تي مسلسل ٻئي ڏينهن ايران ۾ مظاهرا ڪندڙن سان يڪجهتيءَ جي اظهار طور ريليون ڪڍيون. لڳ ڀڳ 150 ڄڻا نيو يارڪ ۾ گڏيل قومن جي اداري جي عمارت سان گڏ ڊيگ هيمرشولڊ پلازا جي ويجهو ڪٺا ٿيا. هنن ايراني حڪومت جي خلاف نعري بازي ڪئي.

(هن خبر ۾ شامل مواد رائيٽرز ۽ ايسو سي ايٽڊ پريس تان ورتو ويو آهي)

XS
SM
MD
LG