ايران جي حڪومت تي تنقيد ڪرڻ واري صحافي، ڪيوان صميميءَ کي رها ڪيو ويو آهي. هو ڊسمبر 2020 کان قيد ۾ هيو. خاندان جي ڀاتين ٻڌايو آهي ته هن کي خميص جي ڏينهن رها ڪيو ويو.
صميميءَ جي عمر 74 سال آهي. کيس’قومي سلامتيءَ جي خلاف سازش’ جي الزام ۾ گرفتار ڪرڻ کان پوءِ ٽي سال قيد جي سزا ڏني وئي هئي.
ڪيوان صميميءَ جي خاندان ٻڌايو آهي ته کيس تهران کان 200 ڪلوميٽر اوڀر ۾ واقع سيمنان جيل ۾ رکيو ويو هو جتان هن کي خميص جي شام جو رها ڪيو ويو آهي.
عمل دارن صميمي۽ کي بگڙندڙ صحت جي بنياد تي پوئين سال فيبروريءَ ۾ گهر وڃڻ جي اجازت ڏني وئي هئي.
خبرن جي اداري، مهر جي مطابق، اها رهائي عارضي ثابت ٿي ۽ کيس مئي ۾ ٻيهر پڪڙي جيل موڪليو ويو. هن تي الزام لڳايو ويو ته عارضي رهائيءَ جو غلط استعمال ڪندي هو قومي سلامتيءَ جي ڪاروائين ۾ ملوث ٿيو.
سندس خاندان جي ڀاتين ٻڌايو آهي ته تهران جي پرازيڪيوٽر ڪيوان صميميءَ جي خلاف گزريل مهيني نوان الزام مڙهيا آهن، جن ۾ هن تي ملڪ جي سلامتيءَ جي خلاف ريلي ڪڍڻ جو الزام لڳايو ويو ۽ هن جي خلاف مقدمي کي انقلابي عدالت ڏانهن موڪليو ويو.
ڪيوان ڊسمبر ۾ پنهنجي قيد جي ڪوٺڙي مان مهسا امينيءَ جي پوليس جي حراست ۾ مارجي وڃڻ جي خلاف جاري احتجاجي تحريڪ جي حمايت ۾ پيغام جاري ڪيو هو.
صميميءَ کي 1979 جي اسلامي انقلاب کان اڳ ۽ بعد ۾ به ڪيترا ئي ڀيرا قيد ڪيو ويو هو.
(هن رپورٽ جو مواد اي ايف پي تان ورتو ويو آهي)